Monday , February 24 2025

ڪئنال سمورا نامنظور! جسقم آريسر جو مارچ سموريون رنڊڪون ٽوڙي منزل تي پهتو

سنڌو مان نوان ڪنال ڪڍڻ ۽ ٻين مسئلن خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ(آريسر) جو سکر مان نڪتل پيادل مارچ سموريون رنڊڪون ٽوڙي ڪراچي پريس ڪلب پهتو، شاهراهه فيصل تي قافلي مٿان سنڌ پوليس جي لٺبازي، ڪارڪن ۽ پوليس اهلڪار هٿين پئجي ويا، اسلم خيرپورسميت جسقم قيادت ۽ ڪارڪنن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

پيادل مارچ کي پوليس ۽ رينجرز پهريان ايف ٽي سي وٽ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد ڪارڪن رنڊڪون ٽوڙي اڳتي وڌيا ته ريجينٽ پلازا ويجهو پوليس قافلي کي ٻيهر روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي، جنهن دوران ڪارڪن ۽ پوليس اهلڪار هٿين پئجي ويا، پوليس جي لٺ بازي ۾ ڪيترائي ڪارڪن ڌڪي ٿي پيا

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌو مان نوان ڪنال ڪڍڻ ۽ ٻين مسئلن خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ(آريسر) جو سکر مان نڪتل پيادل مارچ سموريون رنڊڪون ٽوڙي ڪراچي پريس ڪلب پهتو، شاهراهه فيصل تي قافلي مٿان سنڌ پوليس جي لٺبازي، ڪارڪن ۽ پوليس اهلڪار هٿين پئجي ويا، اسلم خيرپورسميت جسقم قيادت ۽ ڪارڪنن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، گرين انيشيٽو پروگرام تحت سنڌ جون زمينون ڪمپنين کي ڏيڻ سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چني، سرمد ميراڻي، اشرف بهيلم، ڪرن نظاماڻي، اسماعيل ناز نوتڪاڻي، سکر کان نڪتل پيادل مارچ ڪراچي پهتو، 23 فيبروري آچر ڏينهن بلوچ ڪالوني کان صبح جو شروع ڪيل پيادل مارچ کي پوليس ۽ رينجرز پهريان ايف ٽي سي وٽ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد ڪارڪن رنڊڪون ٽوڙي اڳتي وڌيا ته ريجينٽ پلازا ويجهو پوليس قافلي کي ٻيهر روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي، جنهن دوران ڪارڪن ۽ پوليس اهلڪار هٿين پئجي ويا، پوليس جي لٺ بازي ۾ ڪيترائي ڪارڪن ڌڪي به ٿي پيا. مارچ ۾ ٻين سان گڏ جسقم بشير خان گروپ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، الاهي بخش بڪڪ، قومپرست اڳواڻ نواز خان زنئو ، سنڌي امداد، جڳديش آھوجا، شاعر مهر ڊٻائي ۽ ٻين سميت ڪراچي بار ايسوسئيشن جو اڳواڻ رحمٰن ڪورائي ايڊوڪيٽ، سورٺ لوھار، سورٺ سنڌو، تاج جويوبه شريڪ هئا.

جسقم جو مارچ پنهنجي اصل رستي مهراڻ هوٽل، ميٽرول چورنگي واري رستي بدران لڪي اسٽار ايٽوريم مال صدر کان ڪراچي پريس ڪلب پهچي ويو. جسقم جي پيادل مارچ ۾ شريڪ هزارين ڪارڪن، وڪيل ۽ ٻيا به شريڪ ٿي ويا، جسقم جي قافلي اسلم خيرپور، سرمد ميراڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ساموهن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جتي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته، سکر کان نڪتل مارچ جي ڪراچي ۾ پهچڻ تي پوليس ۽ رياستي ادارن پرتشدد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪارڪنن تحمل جو مظاهرو ڪيو، پوليس لاٺي چارج ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي زخمي ڪيو. جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويل پيادل مارچ کي خطاب ڪندي چيو تھ سنڌو درياءَ سنڌو تھذيب جو اڏيندڙ عظيم درياءَ آھي، پنجاب جا حڪمران اسان جي ساهه جي رڳ سنڌو درياءَ کي ڪٽڻ ۽ عظيم سنڌو تھذيب کي ميسارڻ جا منصوبا جوڙي رھيو آھي، جن کي سنڌ جو عوام مڪمل طور رد ڪري ڇڪو آهي. هن چيو ته پنجاب سنڌو تي 50 ڪئنال ، 9 ڊيم ٺاھي پاڻي تي ڌاڙا ھڻندو رهيو آهي ۽ هاڻي بچيل پاڻي تي تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. هن چيو ته اڳ ۾ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻندو رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ھڪ ڪروڙ60 لک آباد زمين گھٽجي صرف 70 لک ايڪڙ زمين آبادي جهڙي بچي آھي. اسان سن ڌ مان ڪو به نئون ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين، اسان پرامن جدوجهد جاري رکنداسين.

ان موقعي تي ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو جي پاڻي تي پھريون حق سنڌين جو آھي. سنڌو جا وارث سنڌي آھن. پنجاب جي 66 لک ايڪڙن کان وڌيڪ غيرآباد زمين آباد ڪرڻ لاءِ ڇهه نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي 60 لک ايڪٽرن کان وڌيڪ غيرآباد زمين آباد ڪئي ويندي، جنهن سان سنڌو درياءُ گڊو کان هيٺ سُڪي ويندو ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ آباد زمين بنجر بڻجي ويندي. ڪروڙين ماڻهن جي جياپي جو ذريعو سنڌو درياءَ ۽ زراعت مڪمل طور تباهه ٿي ويندي جنهن سان سنڌ ايٿوپيا ۽ آفريڪا بڻجي ويندي. هنن چيو ته اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪمران سنڌو درياءَ مان ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ خطرناڪ 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بيابان بڻائڻ چاهين ٿتا، پنجاب جي چولستان سميت ٻين غيرآباد علائن جي لکين ايڪڙ آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ آباد زمين بنجر بڻائي زرعي معيشت تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. هنن چيو ته  هنن چيو ته عالمي قانون، انساني ۽ اخلاقي اصولن تحت سنڌو درياءَ تي سڀ کان پهريون حق سنڌ جو آهي، سنڌ جي مرضي کانسواءِ پاڻي جو چڍڪ به نه ٿو کڻي سگهجي، سنڌ اهڙن سمورن منصوبن کي رد ڪري ٿا، سنڏ جو مطالبو آهي ته ڪئنالن وارو منصوبو هميشه لاءِ ختم ڪيوم  وڃي، سنڏ جون زمينون صرف سنڌ جي ملڪي آهن انهن جو وڪرو يا ليز تي ڪمپنين کي ڏيڻ بندڪري گريني انيشيٽو پروگرام به بند ڪيو وڃي.

About admin

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *