ڪارپوريٽ ڪلچر کي فائدو پهچائڻ لاءِ سنڌ جي زمينن کي داءُ تي لڳايو ويو آهي، بندوق جي زور ۽ ترقي جي نالي تي ڪئنال ٺاهيا ويا ته رياست کي نقصان پهچندو، بندوق جي زور ۽ ترقي جي نالي تي ڪئنال ۽ زمينن تي والار قبول ناهي: سيد زين شاهه
ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) ”ڪئنال سمورا نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي زمينن تي والار نامنظور“، ڪراچي ۾ سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال ٺاھڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف ايس يو پي، سنڌ پٽيشن فورم پاران ڪراچي ۾ مارچ، فريئر پارڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين نڪتل مارچ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، مارچ عورتن ۽ ۽ ٻارڙن جو به وڏو انگ شريڪ ٿيو، ڪئنال سمورا نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، سنڌ جي زمينن تي والار نامنظور جي نعرن جي گونج.
سيد زين شاهه، ذوالفقار ڀٽو جونيئر، شهاب اوستو، يونس مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فريئر پارڪ کان نڪتل مارچ ڪراچي پريس ڪلب آڏو پهچي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو. مارچ ۾، معاشي ماهر قيصر بنگالي، ناميارو آرڪيٽڪچر ۽ اربن ريسورس سينٽر جو سرواڻ عارف حسن، سماجي اڳواڻ عائشه ڌاريجو، سيمه ابڙو، سهڻي پارس، لياقت جلباڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر، سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ جي اڳواڻ سيد زين شاهه، خطاب ڪندي چيو ته، ڪارپوريٽ ڪلچر کي فائدو پهچائڻ لاءِ سنڌ جي زمينن کي داءُ تي لڳايو ويو آهي، بندوق جي زور ۽ ترقي جي نالي تي ڪئنال ٺاهيا ويا ته رياست کي نقصان پهچندو، اسان جي سموري تحريڪ پرامن رهي آهي، ننڍن وڏن شهرن ۾ به جيڪي عام ماڻهو به احتجاج ڪري رهيا آهن ته اُهي به مڪمل طور پرامن رهيا آهن، ڪجهه هنڌن تي پوليس احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪيو ان باوجود به ردعمل طور احتجاج ڪندڙن صبر ڪيو آهي، زين شاهه چيو ته بندوق جي زور تي هن تحريڪ خلاف ڪو به قدم کنيو ويو ته ان جو نقصان به رياست کي ٿيندو.
زين شاهه چيو ته سنڌو درياءُ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زرخيز سامونڊي پٽي کي تباهه ڪيو ويو آهي، ڪئنالن ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سان سنڌ جي ڊيموگرافي ئي تبديل ٿي ويندي جيڪو اسان کي ڪنهن به صوورت ۾ قبول ناهي. هن چيو ته سنڌ جا حڪمران ۽ انهن جي پارٽي احتجاج ڇو پئي ڪري؟ هي اصل ۾ سنڌ جي ماڻهن جي ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ ڪرڻ جو بهانو آهي جيڪو نه هلندو، اوهان حڪمران آهيواحتجاج نه پر فيصلا ڪيو، پر اوهان ائين نه ڪندا. اسان ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ بند ڪيو، جيڪڏهن نه ته عوام پرامن نموني سان فيصلو ميدان ۾ ڪندو.
سنڌ جي زمينن تي والار۽ ڪئنال سمورا نامنظور، جسقم جي سڏ تي سموري سنڌ مڪمل طور بند