روس خلاف جنگ دوران جهاد جي نالي تي اتحادي، هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا

پاڪستان آرمي جو سخت جواب، 200 کان وڌيڪ طالبان مارجي ويا، چيڪ پوسٽن تي به قبضو

اَسي جي ڏهاڪي دوران تڏهوڪي دنيا جي وڏي ڪميونسٽ رياست يو ايس ايس آر / روس خلاف جهاد جي نالي تي هڪ ٻئي جا اتحادي طالبان ۽ پاڪستان نيٺ آمهون سامهون اچي ويا، افغانستان جي طالبان حڪومت، افغاني طالبان ۽ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي  جا هڪٻئي تي حملا، پاڪستان 200 کان وڌيڪ طالبان مارڻ، 21 چوڪين تي قبضو ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي طالبان/افغان فوج جي سپاهين کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

 

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) اَسي جي ڏهاڪي دوران تڏهوڪي دنيا جي وڏي ڪميونسٽ رياست يو ايس ايس آر / روس خلاف جهاد جي نالي تي هڪ ٻئي جا اتحادي طالبان ۽ پاڪستان نيٺ آمهون سامهون اچي ويا، افغانستان جي طالبان حڪومت، افغاني طالبان ۽ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي  جا هڪٻئي تي حملا، پاڪستان 200 کان وڌيڪ طالبان مارڻ، 21 چوڪين تي قبضو ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي طالبان/افغان فوج جي سپاهين کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪيترن ئي سالن کان افغانستان جي پاسي کان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جن کي پاڪستان فتناالخوارج قرار ڏئي ڇڏيو آهي ڀارتي سهڪار سان پاڪستاني فورسز، چيڪ پوسٽن توڙي سرحد پار پاڪستان اندر حملا ڪندا رهيا آهن، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني فوج پاران به جوابي ڪارروايون / حملا ڪري ڀارتي پراڪسي فتاالخوارج جا ڪيترائي دهستگرد مارڻ جي دعويٰ ڪندي رهي آهي.

گذريل ڪجهه ڏينهن کان افغانستان جي عبوري حڪومت ۽ پاڪستان وچ ۾ تڪرار تيز ٿيندي نظر آيو، گذريل جمعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر به پنهنجي پريس ڪانفرنس سخت موقف اختيار ڪيو هو، هن پاڪستان اندر موجود خارجين جي حمايتن کي به ڪئي هئي.

پاڪ فوج، افغان طالبان ۽ ڀارتي حمايت يافته خارجي دهشتگردن جَي حملي بعد فوري ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيندي دهشتگردن جَي تربيتي مرڪزن سميت طالبان جي ڪيترين ئي فوجي چيڪ پوسٽن، چوڪين ۽ بٽالين هيڊڪوارٽرز کي تباهه ڪري ڇڏيو، پاڪ فوج جِي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 2 سئو کان وڌيڪ طالبان ۽ خارجي دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جِي ڏي وٺ دوران بهادري سان وڙهندي پاڪ فوج جَي 23 جوانن شهادت ماڻي ۽ 29 فوجي جوان زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب11 ۽ 12 آڪٽوبر جِي وچ واري رات افغان طالبان ۽ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم خارجي دهشتگردن پاڪ افغان سرحد سان لڳندڙ پاڪستان جَي 6 مختلف هنڌن تي بنا جواز حملو ڪري ڏنو، دشمن جي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ فائرنگ ۽ محدود نوعيت جا حملا شامل هئا، جنهن جو مقصد سرحدي علائقن ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري دهشتگردي کي هٿي وٺرائڻ ۽ پنهنجي ناڪام مقصد کي سگهه ڏيڻ هو.

آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج دشمن جِي ان ڪارروائي جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏيندي نه صرف حملي کي ناڪام بڻايو پر دشمن کي فيصلائتو نقصان به پهچايو. پاڪ فوج دفاع جو حق استعمال ڪندي طالبان جِي ڪئمپن، پوسٽن، دهشتگردن جي تربيتي مرڪزن ۽ معاونت ڪندڙ نيٽ ورڪس کي نشانو بڻايو، ان دوران هوائي حملن سميت زميني سطح تي ڇاپا مار ڪارروايون به ڪيون ويون، جن جو هدف افغان سرزمين تي موجود دهشتگردن جو ڍانچو ۽ دهشتگرد تنظيمون هيون، جِن ۾ فتنا الخوارج، فتنا الهندستان ۽ داعش سان لاڳاپيل عنصر شامل هئا. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جي ڪارروائين دوران عام شهرين جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۽ ڪوليٽرل ڊيميج کان بچڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويا. پڌرائي موجب، طالبان جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا، جن ۾ 21 افغان پوسٽن کي عارضي طور قبضي ۾ وٺي ناڪارا بڻايو ويو، دهشتگردن جي ڪيترين ئي تربيتي ڪئمپن کي به غير موثر بڻايو ويو، جيڪي پاڪستان ۾ حملن جي منصوبابندي لاءِ استعمال ٿي رهيون هيون، پاڪ فوج جِي جوابي ڪاررواين ۾ دشمن کي وڏو نقصان پهتو.

ڳجهن اطلاعن ۽ نقصان جَي ڪاٿي مطابق، جوابي ڪاررواين ۾ 2 سئو کان وڌيڪ طالبان ۽ خارجي دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته زخمين جو انگ ان کان وڌيڪ آهي، انهن ڪارروائين سان افغان انفراسٽرڪچر کي سرحدي پٽي سان گڏ اندروني علائقن ۾ به شديد نقصان پهتو، افغان طالبان ۽ خارجي فتني جِي جارحيت دوران پاڪ فوج جا 23 جوان مادر وطن لاءِ بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي، جڏهن ته 29 جوان زخمي ٿيا. پاڪ فوج جَي ترجمان شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جَي جوانن جون قربانيون قومي دفاع جِي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيون وينديون. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان جِي هٿياربند فوج ملڪ جِي سالميت، عوام جي جان، مال ۽ سرحدن جَي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهي، پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت يا دهشتگردي کي برداشت نه ڪندي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ تعميري سفارتڪاري کي ترجيح ڏيندو آهي، پر افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ جِي اجازت نه ڏيندو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته طالبان حڪومت جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته افغان طالبان ۽ خارجي دهشتگردن طرفان پاڪستان جَي سرحدي علائقن ۾ ان وقت حملو ڪيو ويو، جڏهن ته طالبان جو پرڏيهي وزير ڀارت جَي دوري تي آهي، جيڪو خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سرپرست آهي. پاڪستان طالبان حڪومت تي زور ڏنو ته هُو پنهنجي سرزمين کي دهشتگرد تنظيمن، خاص طور تي فتنا الخوارج، فتنا الهندستان ۽ داعش جَي خاتمي لاءِ فوري ۽ قابل تصديق قدم کڻي، ٻي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي عوام جي دفاع لاءِ دهشتگردن جَي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جو حق استعمال ڪندو رهندو. آءِ ايس پي آر موجب، گذريل رات افغانستان کان ٿيل ڪارروائي پاڪستان جَي ان موقف کي درست ثابت ڪري ٿي ته طالبان حڪومت نه صرف دهشتگرد ٽولن کي پناهه ڏئي رهي آهي پر ڀارت سان گڏجي خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جيڪڏهن طالبان حڪومت پنهنجي رويو نه بدلايو ته پاڪستان ان خطري جَي مڪمل خاتمي تائين سُک سان نه ويهندو.

About admin

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *