سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ انعام رکيل خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش
سنڌ حڪومت جي خطرناڪ ڏوهارين لاءِ سرينڊر پاليسي، ڏوهارين جي متاثر خاندانن لاءِ ڪا به پاليسي نه جوڙي وئي
پوليس، سياستدان، سردار، وڏيرا ۽ ڌاڙيل هڪ ڇت هيٺان (جيئري يا مُئل) گرفتارين لاءِ لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ رپيا انعام رکيل 71 ڌاڙيل پوليس آڏو پيش پيا
شڪارپور (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ”صدر آصف علي زرداري جي ويزن تحت ڏوهارين کي هٿيار ڦٽا ڪرائي پوليس آڏو پيش ڪرايو آهي، هاڻي امن امان قائم ٿيندو“، گهرو وزير ضياءُالحسن لن جار جو شڪارپور ۾ ڌاڙيلن پاران هٿيار ڦٽا ڪري پوليس آڏو پيش پوڻ واري تقريب دوران ڌاڙيلن کي خطاب. چونڊيل عوامي نمائندن، سردارن، وڏيرن، مقدمن، ڌاڙيلن، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ڌاڙيلن کي خطاب ڪندي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته، اهو صدر آصف علي زرداري جو ويزن تحت امن امان قائم ڪرڻ ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت ڏوهارين کي هٿيار ڦٽا ڪري پوليس آڏو پيش ٿيڻ جي پاليسي شروع ڪئي آهي، گهرو وپزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي سرينڊر پاليسي تي عمل شروع، اغوا، ڌاڙن ۽ ڦرن سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسز ۾ پوليس کي گهربل ڏوهاري جيڪي ڀاڳيلا يا رپوش هئا انهن مان 71 بدنام ڏوهارين هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي قانون حوالي ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سرينڊر پاليسي جي گائيڊ لائن صدر آصف زرداري ڏني هئي، هن ڪاميابي ۾ شهيد اهلڪارن جو رت شامل آهي. هن چيو ته خطرناڪ ڏوهارين جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۾ مختلف قبيلن جي سردارن جو اهم ڪردار آهي، انهن جي سهڪار کانسواءِ اهو ممڪن نه هو ته اُهي ڏوهاري پوليس آڏو پيش پَوَن. هن چيو ته هٿيار ڦٽا ڪندڙن سان ڪا زيادتي نه ٿيندي ۽ نه ئي وري عدالت کان مٿانهان قتل ٿيندا، هٿيار ڦٽا ڪندڙن جي وارثن جو تحفظ، ٻارن جي تعليم ۽ ڪچي جي ترقي حڪومت جي ذميواري آهي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته 282 ڏوهارين هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو آهي، ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ ڏوهاري پاڻ کي قانون حوالي ڪندا. پوليس لائين شڪارپور ۾ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ چونڊيل نمائندن جي موجودگي ۾ 70 بدنام ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا، هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۾ عبدالرحمان تيغاڻي، نثار سبزوئي، سکيو تيغاڻي، نواز بنگلاڻي ۽ ٻيا شامل آهن
سرينڊر ڪندڙ ڌاڙيلن، مختلف برادرين جي تڪرارن ۾ ملوث ڏوهارين سميت مختل ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل ڏوهارين جيڪي پوليس آڏو پيش پيا آهن انهن مان اڪثر ڏوهارين جي جيئريگرفتارين يا مئل هجڻ جي صورت ۾ مٿن 6 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو انعام رکيل هو.
پوليس آڏو پيش پوندڙ خطرناڪ ڏوهارين پوليس آڏو جيڪي 200 کانا وڌيڪ هٿيار ڦٽا ڪيا انهن ۾ 62 جِي ٿِري رائيفلون، 97 ايس ايم جيز، 48 دونالي بندوقون، 7 آر پي جي ۽ 2 انتهائي ڳرا ۽ خطرناڪ هٿيار شامل آهن. ڌاڙيلن پاران پوليس وٽ جمع ڪرايل ٻن ڳرن هٿيارن ۾ اينٽي ٽئنڪ آر آر 75 ۽ 12.7اينٽي ايئر ڪرافٽ گن به شامل آهن.
سنڌسماءَچار