سهيل ميمڻ
ڪاوش ۾ ضمير گهمرو صاحب جو ”سنڌ ۾ قومي ۽ عوامي حقن جي تحريڪ جا نتيجا“ جي عنوان هيٺ ليک نظر مان گذريو۔ ضمير گهمرو هن وقت ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ آهي، سندس ڪم حڪومت کي قانون جي تشريح ڪري اهو ٻڌائڻ آهي ته سندن فيصلا قانون ۽ آئين موجب آهن يا نه؟ گورنر پاران موڪليل ڪمن ۽ معاملن جو اڪلاءُ ۽ حڪومت جي صحيح عملن جو عدالتن ۾ دفاع ڪرڻ پڻ ان نوڪري تي ويهندڙ جي ذميواري هوندي آهي. مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ کي عدالتن ۾ حڪومت جو دفاع ڪندي ڪندي اوچتو اهو خيال ڪيئن آيو آهي ته ميڊيا ۾ به حڪومت جو دفاع ڪجي؟ هو لکي ٿو ته، ”اسان وٽ جيئن هر قانوني جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، ايئن تنقيد واري قانون جي به وڏي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ۽ ڪجهه ماڻهو ان جو فائدو وٺي سنڌ جي قومي ۽ عوام حقن تي ٿيل جدوجهد ۽ ان جي نتيجن کي ننڍڙو پيش ڪري سماج ۾ اميد بجاءِ نااميدي پيدا ڪن ٿا، جيڪو ناڪاري عمل آهي.“ سنڌي سماج پاران اڄڪلهه سنڌ حڪومت تي هلندڙ تنقيد ئي اصل ۾ اها بيزاري آهي، جيڪا حڪومتي وهنوار، خاص ڪري ڪرپشن سبب پيدا ٿي آهي. بي انتها ڪرپشن سنڌ جي ماڻهن کي ”تنگ آيد به جنگ آيد“ واري ڪيفيت تي پڄايو آهي. سنڌي قوم کي اهو لولي پاپ ڏيڻ هاڻي تمام ڏکيو آهي ته ”سنڌ جو سياسي خواب رهيو آهي ته سنڌ تي چونڊيل حڪومت هجي، اهو ساڀيا ٿيو آهي.“ سنڌين جو اهو خواب اهڙو ساڀيان ٿيو آهي، جو سنڌين جو موجوده حڪمرانن واري طرز جي جمهوريت کان ئي ارواح کڄي ويو آهي. ڪالهه جڏهن زرداري صاحب صدر هو ته سنڌ جا فيصلا اسلام آباد مان ٿيندا هئا. سنڌين کي اڃان ياد آهي ته رحمان ملڪ ائين اچي فيصلا ٻڌائي ويندو هو، جيئن ڪو وائيسراءِ ڪنهن ڪالوني ۾ اچي فيصلا ٻڌائي وڃي. سنڌ جا فيصلا اڄ به ٻاهر ئي ٿيندا آهن، وڏا فيصلا وس وارا اسلام آباد ۾ ڪن ٿا ۽ ننڍا فيصلا دبئي ۾ ڪيا وڃن ٿا. سنڌي عوام جو خواب ساڀيان ٿيڻ جي بجاءِ چڪنا چور ٿيو آهي. ها انفرادي حيثيت ۾ انهن ماڻهن جا خواب ساڀيان ضرور ٿيا آهن، جن پاڻ ته سنڌ جي ماڻهن کي قومي ۽ عوامي سڄاڳيءَ جا سپنا ڏيکاريا ۽ عوام کي سپنن ۾ ئي ڇڏي ويا. ليکڪ اهو به لکيو آهي ته ناڻي ورڇ سميت ٻين ادارن جي صوبي ڏانهن منتقليءَ واري ناانصافي ٿي رهي آهي. انهن سمورن معاملن جي سنڌ جي هر ماڻهو کي خبر آهي، اهي نوان نه آهن. سنڌ کي اسلام آباد کان جيڪي حق ملن، انهن تي سڀني کي خوشي ٿيندي پر سنڌ ۾ جيڪو پيسو ۽ ادارا هن وقت موجود آهن، انهن تي پيپلز پارٽي جي 10 سالن کان بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي حڪومت آهي، انهن ڏهن سالن بابت ته ڪجهه ٻڌايو! پنج سال ته مرڪز ۾ به حڪومت ۾ رهيا، انهن ڏهن سالن جي ڪارڪردگي تي اڳ ۾ نظر وجهجي.
تازو معزز عدالتي ڪميشن جو بيان آيو آهي ته، ”سنڌ جا ماڻهو گٽر جو پاڻي پيئن ٿا، حيرت آهي ته اهي زنده ڪيئن آهن!“ سنڌ کي وفاق کان گهڻو ڪجهه نه پيو ملي، صحيح آهي پر جيڪو مليو آهي، ان جو حساب ته عوام کي ڏيو. تازو وزير اعليٰ بيان ڏنو آهي ته سنڌ وٽ پئسي جي کوٽ ناهي. پوءِ به سنڌ ۾ تعليم تباهه لڳي پئي آهي، سرڪاري اسڪولن جي اربين رپين جي بجٽ آهي پر اها ڪيڏانهن پئي وڃي؟ ڇا سنڌ جي ماڻهن کي خبر ناهي ته اسپتالون ناڪاره آهن، دوائون اڻ لڀ، مشينون بيڪار ۽ خراب، وارڊ ايئن جيئن ڪو واڙو هجي. اسپتالن جا اربين رپين جي هر سال جي بجيٽ هڙپ- ميونسپلٽين جا حال پورا لڳا پيا آهن. اسلام آباد کان حق ضرور گهرجن، پر منهنجي روهڙي جي پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽر جو پاڻي وجهڻ ، اسپتالن ۾ علاج به مهيا نه ڪرڻ، شهر کي برباد ڪرڻ، گهٽين، روڊ رستن کي قبضه گيرن حوالي ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ توهان وفاق ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهڻ جي ڳالهه ڪري عوام کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هاڻي معاملا سڌا ٿيندا پيا وڃن. ڇا توهان سنڌ جي ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ پسند ڪندا ته ڪونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ ) ۾ هن وقت تائين سنڌ جا گهڻا منصوبا پاس ٿيا آهن؟ ملڪ جي پاس ٿيل تقريبا 28 منصوبن ما 18 پنجاب جا آهن، باقي پاس ٿيل 10 منصوبا باقي صوبن ۽ گلگت بلتستان جا آهن. اها آهي سنڌ حڪومت جي پرفارمنس– ڇاڪاڻ ته سي سي آءِ ۾ جي هڪ صوبو به ڪنهن معاملي تي اعتراض ڪري ته اها اسڪيم پاس نه ٿيندي. هٿ سان ٻين صوبن جي منصوبن تي ”ها“ ڪري ٿا اچن. پهرين ته سنڌ جو ڪيس پيش نٿا ڪن، جيڪڏهن پيش ڪن ٿا ته ان تي ويڙهه نٿا ڪن ۽ عوام کي اچي ڳالهه وري ٻي ٿا ٻڌائن. گهمرو صاحب مرڪز کان پيسن جي ورڇ بابت حڪومت جي ساراهه ٿو ڪري پر ڪالهه جي ئي خبر آهي ته نئين مالياتي ايوارڊ تي جنوري ۾ اجلاس ملتوي ڪيو ويو ته سنڌ احتجاج ئي نه ڪيو. سنڌ جو نمائيندو سليم مانڊي والا امريڪا ويل آهي ۽ سنڌ جو زندگي ۽ موت جو مسئلو هن همراهه جي لاپرواهي سبب رڻ ۾ رليل آهي. مرڪز وٽ جيڪو ڪيس پيپلز پارٽي پيش ڪندي آهي، ان جي حقيقت ٻي هوندي آهي ۽ عوام کي ٻي ٻڌائي ويندي آهي. ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ، پنهنجي مضمون ۾ 1935 کان وٺي ٽيڪس جو ذڪر ڪندي سنڌ اندر ميرٽ، سرڪاري ٺيڪا، تعليم ۽ پوليس وارا معاملا وڏي تفصيل سان لکيا آهن. گهڻو ذڪر ۽ انگ اکر اهي پراڻا ئي آهن، جيڪي هو اڳ ۾ پنهنجن مضمونن ۾ پيش ڪندو آيو آهي، فرق صرف اهو آهي ته اڳ انهن خرابين جي ذميواري خراب حڪمراني تي وجهندو هو، هاڻي انهن اشوز جو ذڪر ڪري آخر ۾ هو ٻڌائي ٿو ته سڀ ڪم گُڊ لڳا پيا آهن. يعني ”ورڪ ان پروگريس“! ميرٽ جو ذڪر ڪرڻ وقت لکين نوڪريون اچڻ جي نويد ٻڌائڻ سان گڏ هن لکيو آهي ته ”ڏسجي ته سنڌ ۾ ميرٽ جي مڪمل لتاڙ آهي (واري ڳالهه ڪري) يا ان کي وڏو پيش ڪري نراسيت ۽ مايوسي ڦهلائي پئي وڃي.“ سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪيتري آهي؟ ڇا اها ايتري به ناهي، جو آواز اٿارجي؟ ميرٽ جي لتاڙ ٻيو ڪهڙي هوندي، جو سنڌ حڪومت جي قائم ڪيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ملڪ جي اعلي ترين عدالت ڪرپشن جو ڳڙهه قرار ڏنو. پٽيوالا ارڙهين گريڊ جي نوڪري ۾ اچي وڃڻ وارو ڪيس ته اڃا عدالت ۾ هلي پيو. وفاق کان حق ملڻ واري نويد ٻڌائڻ سان گڏ ليکڪ پاران اهو به ٻڌايو وڃي ها ته ارڙين ترميم کان پوءِ سنڌ کي مليل کاتن جو ڪهڙو حال آهي؟ ايترا سال گذري ويا آهن، ڪيترا کاتا اڃا تائين لاوارث بڻيل آهن. هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن جو کاتو جيڪو سنڌ جي شاگردن جي اعليٰ تعليم لاءِ انتهائي اهم آهي، پهرين ڏينهن کان ڊاڪٽر عاصم وٽ آهي جنهن تي 500 ارب رپين جي ڪرپشن ۽ دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ جا ڪيس هلي رهيا آهن. ان کاتي جي ڪارڪردگي ته ٻڌايو. ميرٽ جي جيڪا ٿوري گهڻي وٺ وٺان ٿي آهي، اها عدالتي پڇاڻن سبب ٿي آهي، نه ته گذريل ڏهه سالن ۾ جيڪو ميرٽ جو جنازو هن حڪومت ڪڍيو آهي، اهو ڪنهن کان لڪل ناهي. ضمير صاحب ته سوين اهڙا ڪيس پاڻ انهن ئي حڪمرانن خلاف پنهنجي اصيلن جا وڙهيا، جن ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿيل هئي.
ڳالهه کي کُٽائجي ته مون کي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته ايئن چئي سگهجي ٿو ته گهمرو صاحب عوام کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته معاملا اڳ کان الاهي بهتر آهن، سنڌ تي عوام جي حقن جي محافظ حڪومت آهي. وفاق ۽ ڪرپٽ ڪامورا اصل ۾ ڪم ۾ رڪاوٽ آهن ۽ تنقيدون ڪندڙ عوام ۾ مايوسي ڦهلائي رهيا آهن.