ويلنٽائن ڊي تي پابندي لاڳو، ڪير به ڪنهن کي گل نه ڏئي سگهندو…!!

valentine day1

 اسلام آباد هائيڪورٽ سرڪاري سطح ۽ عوامي هنڌن تي ويلنٽائن ڊي ملهائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، ميڊيا کي ويلنٽائن ڊي جي ڪوريج نه ڪرڻ بابت پيمرا کي حڪم ڏنو آهي. جسٽس شوڪت صديقي جي سنگل بئنچ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار عبدالوحيد موقف اختيار ڪيو ته ويلنٽائن ڊي ملهائڻ اسلامي تعليم خلاف آهي، ويلنٽائن ڊي جي آڙ ۾ بداخلاقي ۽ بي حيائي ڦهلائي وڃي ٿي. درخواستگذار عدالت کي اپيل ڪئي ته ويلنٽائن ڊي ملهائڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. جسٽس شوڪت صديقي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي سرڪاري سطح ۽ عوامي هنڌن تي ويلنٽائن ڊي ملهائڻ تي پابندي لڳائڻ سان گڏوگڏ ميڊيا کي ڪوريج کان روڪڻ لاءِ پيمرا چيئرمين کي هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *