ٽمورتي واري هندو عقيدي آڌار شــِوِ مهاراج يا عظيم شوا اهو ٽيون ديوتا آهي، جنهن جو ڪم وناش يعني تباهه ڪرڻ آهي. ٽڪنڊي جا باقي ٻه ديوتا برهما ۽ وشنو آهن. برهما جو ڪم تخليق ڪرڻ ۽ وشنو جو ڪم ان کي برقرار رکڻ آهي. ڪائنات ۾ جڏهن برايون ۽ شيطاني طاقتون وڌي وڻ ٿي وڃن ٿيون، تڏهن ڪاوڙ ۾ اچي شو مهاراج ان کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو ته جيئن نئين ڪائنات، نئين دنيا ۽ هڪ نئون منڊل تخليق ٿي سگهي. خوبصورت انساني جسم جي صورت ۾ پاڻ پسائيندڙ عظيم شوا بي پناهه طاقتن ۽ شڪتين جو ڀنڊار آهي. ڏند ڪٿائن موجب شو مهاراج ڪاوڙ ۾ اچي جڏهن “ٽانڊوا” رقص ڪري ٿو ته سموري وايومنڊل ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ٿو ۽ کيس شانت ڪرڻ لاءِ ديوتائن کي ترڪيبون سوچڻيون پون ٿيون.
شوا جي پيشاني تي موجود ٽئين اک سندس غير معمولي ڏاهپ ۽ ان عظيم توانائي جي نمائندگي ڪري ٿي، جيڪا سندس اندر ۾ موجود آهي. هڪ ڀيري ڪام ديوتا پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ جڏهن شوا جي پوڄا ۾رخنو وڌو ته شوا ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ٽئين اک کولي کيس ڏٺو، ڪام ديوتا شوا جي ٽئين اک مان نڪرندڙ باهه جي ڀڀڙن ۾ شايد سڙي رک ٿي وڃي ها، پرکيس شوا جي محبوب زال پاروتي مداخلت ڪري بچائي ورتو. شو جي ڳلي ۾ نيڪلس جيان ويڙهيل ڪاريهر نانگ سندس تخليقي صلاحيتن توڙي دنيا جي خطرناڪ مخلوقن جي مطيع هئڻ جي علامت آهي. شو جي پيشاني تي سفيد خاڪ “وڀوتي” جون 3 لڪيرون سندس مافوق الفطرت طاقتن، صلاحيتن ۽ سڀني تي ڇائنجي وڃڻ واري قابليت جي نشاندهي ڪن ٿيون. شوا جو ترشول ٽمورتي وارن مٿي ذڪر ڪيل ٽن ڪمن جي ترجماني ڪري ٿو. عظيم شوا جو ڪم هونئن ته تباهه ڪرڻ آهي پر کيس اڪثر پرسڪون ۽ مرڪندي ڏيکاريو وڃي ٿو. ڪائنات جي نئين سرتخليق لاءِ راهه هموار ڪرڻ سبب کيس تخليق جو سرچشمو به سمجهيو وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ساڻس منسوب “لنگ پوڄا” به ڪئي وڃي ٿي. شو جي پوڄارين پاران هر سال مها شو راتڙي جو ڏڻ ملهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ شو لنگ جي علامتي مجسمن کي پاڻي، کير يا ماکي سان ڌوئي پوڄا پاٽ ڪيو وڃي ٿو.
شوا سان منسوب ڪيتريون ئي دلچسپ ڏند ڪٿائون پڙهڻ وٽان آهن، هڪ ڏند ڪٿا موجب شيطانن سان ديوتائن جي ويڙهه دوران سمنڊن مان اٿليل زهريلو پاڻي سموري دنيا جي جيوت لاءِ خطرو بڻجي ويو، ديوتا پريشان ٿي ويا پر عظيم شوا اهو سمورو زهر پنهنجي نڙيءَ ۾ اوتي ڇڏيو پر ان کي ڳلي کان هيٺ لهڻ نه ڏنو. زهر ايڏو خوفناڪ هو جو شو مهاراج جي ڳچيءَ تي هميشه لاءِ نيرو نشان ٺهي پيو. ان نشان جي ڪري شوا کي “نيل ڪنٺ” به يعني نيري ڳلي وارو به سڏيو وڃي ٿو.
هڪ ٻي دلچسپ ڏند ڪٿا موجب شو مهاراج ستي نالي پنهنجي زال سان سندن والدين جي اجازت کانسواءِ شادي ڪئي هئي. ستي جي پيءُ سمورن ديوتائن جي مان ۾ هڪ دعوت ڪئي پر ان ۾ شو کي نه گهرايو. مڙس جي ان اپمان تي ستي باهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو. ڏند ڪٿا موجب شوا کي ايڏي ڪاوڙ آئي جو هن وقت کان اڳ ئي سموري دنيا کي تباهه ڪرڻ لاءِ ٽانڊوا رقص شروع ڪري ڏنو. سمورا ديوتا گڏ ٿيڻ باوجود سندس موتمار ناچ بند نه ڪرائي سگهيا، نيٺ ڪجهه ديوتائن چالاڪي ڪندي باهه ۾ سڙي ويل ستي جي رک شوا جي مٿان اڇلائي، جنهن سان هو شانت ٿي ويو. پر زال جي وڇوڙي جي صدمي ۾ هن پنهنجا ديوتا وارا ڪم ڪار ڇڏي ڏنا ۽ پهاڙن ۾ وڃي مراقبي ۾ ويهي رهيو. عظيم شوا مراقبي مان تڏهن نڪتو جڏهن ستي ٻيو جنم وٺي پاروتي جي روپ ۾ اچي ساڻس ملي. پاروتي ديوي شو مهاراج جي ڪروڌ کي شانت ڪيو. شو جي اڪثر پوڄارين جو خيال آهي ته عظيم شوا ۽ سندس گهرواري پاروتي اڄ به هماليه جبلن جي ڪيلاش پهاڙين ۾ رهن ٿا.
( – سمورن هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي مها شو راتڙي جون جام واڌايون….“بي بي سي” جي ٿورن سان)