رينجرز کي سنڌ ۾ پوليسنگ وارن اختيارن جو مدو 15 اپريل تي پورو ٿي رهيو آهي، گهرو کاتي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ سمري وڏي وزير کي اماڻي ڇڏي آهي، وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ رينجرز جي پوليسنگ وارن اختيارن جو دائرو رڳو ڪراچي تائين محدود رکڻ جو چيو ويو آهي.
سنڌ جي گهرو کاتي پاران وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ چيو آهي ته رينجرز جي مقرريءَ وارن اختيارن جو مدو 15 اپريل تي ختم ٿي رهيو آهي.
گهرو کاتي پاران اماڻيل سمري ۾ چيو ويو آهي ته، رينجرز جي پوليسنگ وارن اختيارن جو مدو 15 اپريل تي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ واڌ ڪئي وڃي.
وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ گهرو کاتي واضع ڪيو آهي ته رينجرز جي پوليسنگ وارن اختيارن ۾ واڌ کي صرف ڪراچي تائين محدود رکيو وڃي.
گهرو کاتي پاران موڪليل سمري ۾ چيو ويو آهي ته، سمري منظور ڪري رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن 13 اپريل تي جاري ڪيو وڃي، جيئن رينجرز پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي، جڏهن ته رينجرز جي سنڌ ۾ مقرري وارا اختيار اڳ ئي موجود آهن.