منظور ميراڻي
هيءُ برانڊز جو دور آهي، ۽ برانڊز رڳو ڪپڙن، بوٽن ۽ ميڪ اپ جا نٿا هجن، پر برانڊز سوچ جا به هجن ٿا. هيءَ دنيا وڏي وقت کان وٺي سوچ جي انهن انتها پسند برانڊز ۾ ڦاٿل آهي. انهن برانڊز دنيا ۾ خبر ناهي ڪيترو نقصان ڪيو آهي، پر پاڪستان انهن برانڊز جي جنون ۾ ايترو ڦاسي ويو آهي، جو ان مان جند ڇتڻ واري ڳالهه ته پنهنجي جاءِ تي، پر اسان ان ۾ وڌيڪ سوگها ٿي رهيا آهيون…اسان پهرين القائده کي ڀوڳيو، پوءِ تحريڪِ طالبان ۽ هاڻي منظر تي داعش آهي. انتها پسندي پنهنجا نالا بدلائي اسان وٽ اهڙي نموني مهمان ٿي رهي آهي، جو هاڻي اسان جا ٻچا به محفوظ ناهن رهيا. ڪير، ڪٿي، ڪڏهن ان جو شڪار ٿي وڃي، ڪا اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي…جتي اسان جي تحفظ وارا ادارا ڪا اڳڪٿي ڪرڻ کان لاچار هجن، اتي ٻيو ڪير ڪهڙي اڳڪٿي ڪري سگهندو؟ ڪنهن کي خبر هئي ته قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي رقص ۾ محو ماڻهو ايئن آپگهاتي حملي جو شڪار ٿي ويندا، جو انهن جي جاءِ تي جنون رقص ڪرڻ لڳندو؟ اهو ئي جنون آهي، جيڪو وڏي وقت کان وٺي انتها پسنديءَ جي مختلف برانڊز جي صورت ۾ اسان آڏو رقص ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري عام ماڻهو ته سڪتي ۾ هجي ٿو، پر لڳي ايئن ٿو ته ڄڻ اسان جا اختيار ڌڻي ۽ ادارا انهيءَ رقص مان محظوظ ٿيندا هجن. اڳي ته آپگهاتي حملا اسان کي رڳو ڪتابن ۾ پڙهڻ لاءِ ملندا هئا، اسان کي ياد آهي ته وچ اوڀر جو اهو لقاءَ اسان لاءِ بلڪل نئون هو، پر نائين اليون کان پوءِ اهو لقاءُ ڄڻ ته اسان جو پنهنجو لقاءُ بڻجي ويو آهي، ايئن ئي جيئن دهشتگرديءَ خلاف پرائي جنگ هاڻي اسان جي پنهنجي جنگ بڻجي پئي آهي. هاڻي وچ اوڀر ۾ شايد ئي ڪڏهن ڪٿي آپگهاتي حملا ٿيندا هجن، پر هن وقت ڄڻ ته آپگهاتي حملن تي اسان جو ڪاپي رائيٽ هجي، ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ ڪٿي به ڪو آپگهاتي حملو ٿيندو هجي، ڪنهن نه ڪنهن نموني ان سان پاڪستان جو نالو ڳنڍجي وڃي ٿو. اسان وٽ ته تسلسل ۾ ايترا آپگهاتي حملا ٿيندا رهيا آهن، جو هاڻي ڄڻ ته اهو روٽين ٿي ويو هجي. ماڻهو ڪنهن وڏي دهشتگرديءَ جي خبر کي به معمول واري ڪنهن چوري چڪاريءَ جي خبر سمجهي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين.
ڪجهه ڏينهن کان جهڙي قسم جا واقعا منظر والاري رهيا آهن، انهن مان اهو ئي محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ اسان جو نئون نسل انتها پسنديءَ هٿان گهيرجي رهيو هجي…هڪ مڇريل هجوم هٿان مشعال جو قتل ذهنن کي لوڏڻ لاءِ ڪافي هو، پر شايد اهو اڃا به ناڪافي هو، جو ڪالهه نورين لغاريءَ جي گم ٿيڻ واري ڪهاڻيءَ جو ڊراپ سين ٿيو آهي. هوءَ خلافت واري زمين تي ته نه پهتي، پر هتي ئي خلافت جي زمين تخليق ڪرڻ جي ڪم ۾ مصروف هئي، جو پڪڙجي پئي. نورين لغاري لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگرد هئي، هڪ اعليٰ تعليمي ادارو، ايئن ئي جيئن مردان جي ولي خان يونيورسٽي هڪ اعليٰ تعليمي ادارو، پر انهن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي شعور جي سطح ايتري هيٺ هوندي، جو ڪي شاگرد پنهنجي ذهنن تي جنون طاري ڪري ڪنهن مشعال کي قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ڪنهن نورين جي ذهن ۾ انتها پسنديءَ جي ڪا اهڙي دوزخ جنم وٺندي، جنهن دوزخ ۾ هوءَ هر ان ماڻهوءَ کي ساڙڻ پئي چاهي، جيڪو داعش وارن کي پسند ناهي…هيءَ اها ئي دوزخ آهي، جيڪا لازمي ناهي ته نورين لغاريءَ جي ذهن تائين ئي محدود ٿي هجي. باهه جڏهن گهر ساڙڻ لڳندي آهي، تڏهن گهر سان گڏ ٻيو گهر به سڙڻ لڳندو آهي، ۽ جيڪي گهر سڙڻ کان بچي ويندا آهن، سي سيڪ ته لازمي طور محسوس ڪندا آهن. سنڌ به اڄڪلهه ان سيڪ هيٺ آهي، جنهن جي آسپاس گهرن کي باهه لڳي رهي آهي، جو ان واقعي کي به ڪو گهڻو وقت ناهي گذريو، جڏهن سيتا ۾ هڪ ماڻهوءَ کي مڇريل هجوم ايئن ئي تشدد ڪري قتل ڪيو هو، جيئن مردان ۾ مشعال قتل ٿي ويو، ۽ ان کان اڳ ڀوري ڀيل واري واقعي سنڌ جي صوفي مزاج تي ٺٺول ڪئي هئي.
نورين لغاريءَ جي خلافت واري سوچ هجي يا مشعال جي قتل واري انتها پسندي هجي، ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته اعليٰ تعليمي ادارن جي تعليم کي داعش جي سوچ شڪست ڏئي رهي آهي. جيڪڏهن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم اثر رکندڙ هجي ته ”داعش ڊاڪٽرائين“ ايئن آسانيءَ سان شاگردن جي ذهنن ۾ پنهنجي لاءِ جڳهه شايد ئي ٺاهي سگهي. اهي نوجوان جيڪي انتها پسند سوچ هٿان يرغمال ٿي وڃن ٿا، انهن جي ذهن جو ڪو نه ڪو خانو ته خالي هوندو، جنهن کي داعش وارا فتح ڪري رهيا آهن…هونءَ به ڪا زمين فتح ڪرڻ کان وڌيڪ اهم هجي ٿو، ڪنهن جو ذهن فتح ڪرڻ- داعش وارا، جيڪي بظاهر بندوق کنيل عقل کان خالي مخلوق لڳي ٿي، پر اهو مڃڻو پوندو ته هو ٻين جي عقل تي جهڙي نموني غالب ٿي رهيا آهن، اها ڳالهه ڪنهن خطري کان خالي ڪونهي. دنيا ته اهو پئي چئي ته داعش کي اسان ڪٿي خلافت قائم ڪرڻ نه ڏينداسين، پر نورين جهڙين ڇوڪرين جي ذهنن ۾ ته هو ڄڻ پنهنجي خلافت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن. اسان کي سوچڻو اهو آهي ته ان خلاف جي توسيع کي اسان ڪيئن ٿا روڪي سگهون، جو ان خلافت جو شڪار نه نورين پهرين ڇوڪري آهي، نه وري اهو ڪو آخري ذهن هوندو، جنهن کي انهن فتح ڪيو هوندو. اسان جا ادارا نورين کي هٿ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو ڪم ختم سمجهي ان خوشفهميءَ جو جشن نه ملهائين ته انهن هڪ وڏي ڪيس جو ڊراپ سين ڪيو آهي، پر انهن جو ڪم ته اڃا هاڻي شروع ٿيو آهي، جو نورين وٽان انهن کي يقينن گهڻي معلومات ملي هوندي، جيڪا معلومات انهن ٻين نوجوانن تائين رسڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي، جيڪي نورين وانگر انتها پسنديءَ واري سوچ هٿان فتح جي ويجهو هوندا يا فتح ٿي ڪنهن ايسٽر جي موقعي تي پاڻ کي اڏائڻ جي تيارين ۾ هوندا. هتي وڏي ذميواري تعليمي ادارن جي انتظاميا ۽ ان جي ٻين اسٽيڪ هولڊرز تي به آهي، جيڪي هونءَ ته هر معاملي ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجن ٿا، پر انهن کي تعليمي ادارن ۾ داخل ٿيل ان انتها پسنديءَ واري برانڊز کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.