صوفي شاعر ۽ بزرگ حضرت سچل سرمست جي عرس جون تقريبون جمعي کان شروع ٿي رهيون آهن، عرس جي موقعي تي سنڌ کانسواءِ دنيا جي مختلف ملڪن مان به عقيدتمندن جي درازا پهچڻ جو سلسلو جاري آهي.
ھُو ڀِي ڪِينَ اَچِڻو، ھِي ڀِي ڪِينَ وِيو؛
نَفيءَ ۽ اثبات کَئُون، پَري خيال پِيو؛
”سچو“ سَچُ ٿِيو، ٻي ٻانَھپ ٻولِي ناهِ ڪا.
”سَچُو“ سَارو سَچُ ٿِيو، مَنجھان ڪَثرتَ ڪُلُ؛
الَف مَئُون آدَم ٿِيو، ڪَري ھنگامون ھُلُ؛
ھِندو مؤمِن سو ٿِيو، ڀول نَه ٻئي ڪَنھِن ڀلُ؛
”خَلَقَ الاشيَآء فَھُوَ عَينُھَا“ اِھو آڻ عمَلُ؛
ٿِجِ گلابِي گُلُ، مَرُ مارِنِئِي مَنصُورَ جان.
قلبِيءَ ۾ نَه قرارُ، آھي عاشِقَن کي؛
روحيءَ لکَ رُلايا، نه نفِيءَ نفع دارُ؛
سِريءَ سَوَ وِڃايا، خَفِيءَ ڪيا خوارُ؛
اپَرَ اِخفا ناهِ ڪو، طالِبَ کي تَڪرارُ؛
رِيءَ پَروڙڻ پانھنجي، آھِ شيطانن شِڪارُ؛
”سچو“ ھِي سَنسار، سارو پاڻَ سَھِي ڪرِين.
سائرَ مَنجھ سَھسَ، گھيڙا گھِڙڻ آئِيا؛
ڪو سِرُ سِيڻاھِيو ڪَڍي، ماٺي کَئُون مَسَ؛
”سچو“ لَنگھي لَس، شَرط وَڃِي پيو شَھ ۾.
اَچِي اَوَ تڙياءُ، گھِڙيس گھوري جِندڙِي؛
چڙھِيَس ڏَاڍي چَاہَ مَئُون، مَستِي مَوجَ مٿَاءُ؛
تَڙَ لَهِي تِرڀاءُ، شَرط لنگھي پيِس شَھ ۾.
جي وَڃِي شَھ پِيا، مُشڪل موٽَڻ تن جو؛
ڇا تانگھي ڇا تارِ۾، ٻڏي پَوَن ٻيا؛
جي وِچؤن پاڻ ويا، سي پاڻ ئي پاڻِي ٿِيا.
گھِڙَن جي گھيڙاءُ، تانگھو عِشقُ تَن جو؛
جن کي عشَق عَلِيل ڪيو، سي اينديون اَوَتَڙاءُ؛
جي سُورَ چکَنديُون ساءُ، ميھَرُ سي ماڻِينديُون.
اسان پِرِين وِچَ ۾، وَھي ٿو دَرياھُ؛
آھي ڪونَه اسانجو، ھاديءَ ري ھَمراھُ؛
سُپيريان تَئُون سَاھُ، ”سچوءَ“ تان صَدقي ڪِيو.
ڏاھا ڏوريون پنڌُ، متان ڀائين پِريَن جو؛
حَبِيباڻو ھَنڌ، وڃِي ڏِسِج اَکڙيَن سان.
پِرين مُنھنجا پَارِ، تون ڪِيئن ھِت ويلا ڪَرين؟
قاصِد قَريبَن ڏي، دوڙَڻُ تو درڪارِ؛
ڏسِي وَرج سگِھڙو، دوساڻِي دَربار؛
لڳِي اَٿَم لَونءَ جِي، عَجِيبن سان عَارِ؛
ڏاترَ مُون ڏيکار، صورتَ سانگِيَڙَن جِي!
اَسان پِريَن وِچَ ۾، دور وھي دَرياءُ؛
ڇوليُون ڇَران ٿِي ڪري، پِيو وِڇُٽي واءُ؛
سُڻي آھان آءُ، مِيان ھِن مُشتاقَ جُون!
اسان پرين وچَ ۾، جَرُ وھي جاري؛
ھِڪُ ڪَڙڪو ڪُنَن جو پَوي، ٻيون وِيريُون ڏي واري؛
ھُت ساجَن جا سارِي، سا دَھلي ڪِينَ دَرياءَ کَنئُون.
مُون تان توڏي موڪلِي، لِکِي ڪِتابَتَ؛
ڏُکَن جي ھِنَ ڳالَھڙيءَ، مُنجھائِي مَصلحتَ؛
ڪِيو فَنا فرض سُنتَ، سِڪَ تَوھان جيءَ سپريَم.
چَري چَري مَ چئو، چَريو آھي لوڪُ؛
جو چَرئي لَڌو ٿوڪُ، سو ”سَچُو“ آھِ نَه سڀ ڪنھن.