يوسف جوکيو
سنڌ ۾ جنس ۽ جنسي موضوعن تي ڳالهائڻ کي اڄ به وڏو عيب سمجهيو وڃي ٿو. اهڙين سماجي پابندين ۽ دٻاءَ جو ئي نتيجو آهي جو سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڇوڪريون توڙي عورتون ڇاتيءَ جي ڪينسر سميت مختلف بيمارين ۾ وٺجي وڃڻ باوجود پنهنجي والدين توڙي مڙسن سان انهن جو ذڪر نه ٿيون ڪن.
والدين ٻارن کي جنسي حملن کان بچائڻ لاءِ حفاظتي اپائن ۽ تدبيرن بابت هنن سان ڳالهائڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪن ٿا. نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪيترائي معصوم ٻارڙا توڙي ٻارڙيون جنسي جنونين جي هوس جو نشانو بڻجي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي ڳالهه کلي پوڻ جي خوف کان ماريا به وڃن ٿا. هي اهو گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول ۽ پسمنظر آهي، جنهن ۾ ذوالفقار ڀٽو جونيئر جو هڪ وڊيو ۽ هڪ مضمون سامهون آيو آهي، جن ۾ هن اسان جي سماج ۾ موجود “مردانگي” يا “مڙس ماڻهو” واري روايتي تصور کي پنهنجي آرٽ ذريعي للڪاريو آهي.
ذوالفقار جونيئر پنهنجي وڊيو ڊاڪيومينٽري توڙي مضمون ۾ ڪٿي به هم جنس پرستي وارن خيالن جي حمايت نه ڪئي آهي.7 منٽن تي ٻڌل ان وڊيو ڊاڪيومينٽري جي شروع ۾ ذوالفقار ڀٽو پنهنجو تعارف ڪرائي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته هو “ٽورميرڪ پراجيڪٽ” تحت “ڪوئير” جي موضوع تي تحقيق ڪري رهيو آهي. آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪوئير Queer اهڙن ماڻهن کي سڏيو وڃي ٿو، جيڪي جنس جي بنياد تي پنهنجي ڪنهن به سڃاڻپ جي نفي ڪن ٿا. ڪوئير سڏائيندڙ ماڻهن جي نظر ۾ عورت ۽ مرد واري روايتي سڃاڻپ به ختم ٿي وڃي ٿي. هن وڊيو ۾ ذوالفقار ڀٽو جونيئر هڪ تقريب دوران ٽئين جنس واري فرد جي گيٽ اپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ نازيه حسن جي گاني “ڊسڪو ديواني” تي رقص ڪري ٿو. وڊيو جي هڪ منظر ۾ کيس ڏاڙهي ۽ سندس ننهن تي نيل پالش لڳل به نظر اچي ٿي ۽ هو ڀرت ڀريندي به نظر اچي ٿو. ڊاڪيومينٽري ۾ هو سوال ڪري ٿو ته: “مردانگي جو مطلب سختي ۽ طاقت ئي ڇو آهي؟ مردانگي جو مطلب ڪوملتا به ٿي سگهي ٿو، عورتپڻو به ٿي سگهي ٿو.”
ذوالفقار ڀٽو وڊيو توڙي هفنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿيل پنهنجي مضمون ۾ “مـسلمان مـسلمين” Muclemen Mussalman نالي پنهنجي علمي پراجيڪٽ تي روشني وجهندي ٻڌائي ٿو ته: “پاڪستان ۾ سختي کي مضبوطي ۽ مردانگي جي علامت ۽ ڪوملتا يا نرمي کي ڪمزوري يا عورتپڻي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. مون لاهور ۾ هڪ بوڪ اسٽال تان مضبوط پٺاڙن واري آئيڊيل اداڪار ۽ ڪيليفورنيا جي اڳوڻي گورنر آرنلڊ شوارزنيگر سان منسوب جسماني مشق بابت ترجمو ڪيل هڪ ڪتاب خريد ڪيو. ڪتاب ۾ آرنلڊ ۽ ٻين پهلوانن جون مضبوط جسم، پٺاڙن ۽ ڏورن جي نمائش ڪندڙ ڪيتريون ئي تصويرون موجود هيون. مون سوچڻ شروع ڪيو ته مرداڻي ۽ عورتاڻي تصورن جي وچ واري وڇوٽي گهٽائڻ لاءِ ڪهڙي بهتري آڻي سگهجي ٿي. مون اهي تصويرون اسڪين ڪري انهن جي سائيز وڌائي ۽ اهي ڪاٽن جي ڪپڙي تي پرنٽ ڪيون. بعد ۾ مضبوط پٺاڙن ۽ مسلز جي جاءِ تي نرم گلڪاري وارو ڪپڙو لڳائي انهن تي سئي سڳي سان رنگارنگي ڀرت ڀرڻ شروع ڪيو. مون ڀرت واري عورتاڻي ڪرت ذريعي مضبوط پٺاڙن جي پٺيان موجود نرمي ۽ ڪوملتا کي پڌرو ڪيو. مون مردانگي جو پنهنجو تصور تخليق ڪيو. پراڻن مردن مان نوان مرد پيدا ڪيا.”
ذوالفقار ڀٽو جونيئر وڊيو ڊاڪيومينٽري ۾ عورتاڻو ڪاسٽيوم پائي ڊانس ڪرڻ واري پنهنجي پرفارمنس جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته: “ڪوئير جي موضوع تي ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪير ٿو ٻڌي؟ پر مون کي ان جي پرواهه نه آهي. توهان جڏهن ان ۾ مزاح وجهوٿا ته ماڻهو ڌيان ڏين ٿا. توهان جڏهن عورتاڻو روپ ڌاري پرفارم ڪيو ٿا ته ماڻهو دلچسپي وٺن ٿا.”
ذوالفقار ڀٽو جونيئر خلاف بدتميزي جو طوفان برپا ڪندڙ ۽ مٿس گٿا الزام هڻندڙن يا ته سندس وڊيو ڊاڪيومينٽري ۽ آرٽيڪل کي چڱي ريت ڏٺو نه آهي. يا وري هو ڪنهن جي چرچ تي هن عظيم آرٽسٽ جي ڄاڻي واڻي توهين ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي ماڻهن کي شايد اها خبر نه هجي ته ذوالفقار ڀٽو جونيئر هڪ وزيوئل آرٽسٽ، برک فوٽوگرافر ۽ بهترين پرفارمر به آهي. هن پنهنجي آرٽ جي هڪ ننڍڙي مظاهري ذريعي جمود جي ور چڙهيل سماج ۾ جيڪو ٿرٿلو مچايو آهي، ان کي ڏسندي اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته اسان وٽ به هاڻي عيب Taboo سمجهيو ويندڙ موضوعن تي ماڻهو کلي ڪري ڳالهائي سگهندا.