ڪربلا ۾ امام حسين پنهنجي 72 جانثارن سوڌو شهيد ٿي ويو، نبيءَ جي اولاد کي بيدرديءَ سان ڪٺو ويو. شام غريبان برپا ٿي چڪي. الله جي محبوب پيغمبر جي نياڻين ۽ ٻارن کي قيدي بڻائي شهر جي رستن تان گشت ڪرايو ويو. پر هن قتلام تي نه ڪا دانهن ٻري ۽ نه وري يزيد خلاف ڪا عوامي بغاوت ٿي. اسلامي تاريخ جو هي سڀ کان وڌيڪ ڪراهيت ڏياريندڙ ۽ ڦڪائي ۾ مبتلا ڪندڙ موڙ آهي، جتي ڪوفي ۽ شام جي بازارن ۾ رسول جي باندي بڻايل نياڻين جي گذرڻ وقت ان دور جا عام مسلمان هنن تي ٺٺوليون ڪندي ۽ امامن جي قتل تي خوشيءَ وچان هنبوشيون هڻندي نظر اچن ٿا. پر هنن جو به ڪهڙو ڏوهه؟ ان دور جا 70 هزار کان وڌيڪ سنديافته مسلمان عالم اها فتويٰ ڏئي چڪا هئا ته يزيد حق تي آهي ۽ حسين کي سندس بيعت ڪرڻ گهرجي.
يزيد جي حق تي هئڻ واري حالت اها هئي جو هڪ ڏينهن شراب پي مسجد ۾ آيو ۽ امامت جا فرض سرانجام ڏيندي 2 رڪعت فرض بدران 4 رڪعت فرض پڙهائي ويو ۽ ٽهڪ ڏيندي پڇيائين ته: “ پيٽ نه ڀريو اٿو ته اڃا 2 رڪعتون ٻيون به پڙهايانو؟” يزيد جون دين ۽ ديندارن سان اهڙيون مشڪريون سرعام جاري هيون. سندس ظلم ۽ استبداد جي مزاحمت ڪندڙ امام شهيد ٿي چڪا هئا. جيڪي صاحب ايمان هئا، انهن مان ڪن عبادتن جي نالي تي ويرانا وسائي غيرجانبداري ظاهر ڪئي ته ڪن وري “ڏاڍن سان الله پڄندو” چئي جان ڇڏائي.
دين فروش عالمن جي مڪاريءَ ۽ جهالت جو ٺرو ڏوڪي ويٺل عام مسلمانن جون وايتون بتال ٿيل هيون. خدا جي آخري پيغمبر جو امن عالم، اخوت انساني ۽ سماجي انصاف وارو ڪائناتي پيغام خطري جي ور چڙهي ويو هو. يزيدي رياست پنهنجي درٻاري ملن، عالمن ۽ فوجي طاقت جي مدد سان جيڪو هي سمورو فريبي ماحول جوڙيو هو، ان کي ڪربلا جي عظيم سورمي، رسول جي ڏوهٽي، عليءَ جي نياڻي ۽ حسين جي ڀيڻ بيبي زينب پنهنجي شجاعت، استقامت، فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ تدبر ڀريل طوفاني تقريرن سان ڌوڙ ڪري ڇڏيو.
امام حسين ۽ سندس شهيد ٿيل ٻين جانثارن جا سر نيزن تي سجائي هلندڙ يزيدي فوجين جي پٺيان ڪربلا جي اسيرن جو قافلو جڏهن ڪوفي جي بازار مان گذريو ۽ ماڻهن باندين تي ٺٺوليون شروع ڪيون ته هڪ موقعي تي بيبي زينب بيهجي وئي ۽ ڪوفي جي ماڻهن کي مخاطب ٿي ڳالهائڻ شروع ڪيو. راوين جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ جي حمد پڙهڻ کانپوءِ جڏهن زينب خطاب شروع ڪيو ته ماڻهن تي سڪتو طاري ٿي ويو. بيبي زينب وڏي گرجدار آواز ۾ چيو: “ڪوفي واسيو، توهان الله ۽ ان جي رسول سان غداري ڪئي آهي، توهان رسول سان ڪيل عهد جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. توهان حق ۽ باطل جي وچ ۾ موجود ليڪو لتاڙي خدا ۽ رسول سان جنگ جو اعلان ڪيو آهي. توهان نبيءَ جي اولاد جو رت وهائي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو آسمانن کي ڦاڙي ڇڏيندڙ، جبلن کي اڏائيندڙ ۽ ڌرتيءَ کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندڙ آهي. الله توهان کان ان جو پورو پورو پلاند وٺندو” راوين موجب بيبي زينب جي اکين مان ڄڻڪ باهه جون ڄڀيون نڪري رهيون هيون، شينهڻ جي گجگوڙ جهڙو آواز ڪوفي واسين تي هيبت طاري ڪري رهيو هو. شادمانا ڪندڙ ماڻهن جون ڄنگهون دهشت وچان ڏڪي رهيون هيون. ٽهڪ ڏيندڙ منهن هيڊا ٿي ويا هئا. بيبي زينب جڏهن ڪربلا ۾ پيش آيل واقعن جو پسمنظر ۽ پيشمنظر بيان ڪيو ته ڪيترائي ماڻهو سڏڪا ڀري روئي ويٺا.
چون ٿا ته بيبي زينب منطق ۽ استدلال واري گفتگو ۽ ان جي بليغ اظهار جو ڏانءُ ننڍپڻ ۾ ان وقت ئي سکي ورتو هو، جڏهن هوءَ پنهنجي پيءُ جي ڇاتيءَ تي ڪنڌ ڍاري غور سان هن جون ڳالهيون ٻڌندي هئي. هڪ ڀيري حضرت علي کيس ڳڻپ سيکاري رهيو هو ته زينب هڪ چوڻ کانپوءِ خاموش ٿي وئي. پڇا ڪرڻ تي ننڍڙي زينب معصوماڻي انداز ۾ اهو جواب ڏنو ته: “بابا، جيڪا زبان “هڪ” چوي، اها “ٻئي” جو ذڪر ڪيئن ٿي ڪري سگهي!!؟” چون ٿا ته علي ڏاڍو خوش ٿيو، کيس ڀاڪر ۾ ڀري مٺي ڏني. هو سمجهي ويو هو ته سندس نياڻي “وحدت” جو سيکاريل سبق پئي ورجائي.
ڪتاب سرالشهادتين ۾ ابن عساڪر منهال کان روايت ڪيل قصي موجب ڪربلا جي اسيرن جو قافلو جڏهن شام ۾ داخل ٿيو ته اتي به ڪوفي کان صورتحال گهڻي مختلف نه هئي. امام حسين جي نيزي تي چڙهيل سر مبارڪ ڏانهن ڏسي هڪ دين فروش عالم سوره ڪهف جي اها آيت پڙهڻ شروع ڪئي ته “ام حسبت ان اصحاب الڪهف والرقيم ڪانوا من اياتنا عجبا” معنيٰ “ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته اصحاب ڪهف ۽ رقيم اسان جي قدرت جي عجيب نشاني هئا”. هن آيت پڙهڻ کانپوءِ جاهل عالم امام حسين جي سر مبارڪ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته: “اعجب من اصحاب الڪهف قتلي و حملي” يعني “منهنجو قتل ۽ نيزي تي سر جو چڙهڻ اصحاب ڪهف کان به وڌيڪ عجيب آهي.” هن واقعي مان ثابت ٿئي ٿو ته يزيد جي دور ۾ قران جي آيتن جو عام ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪيڏي وڏي پيماني تي استعمال ٿي رهيو هو. (بدقسمتي سان اهو سلسلو اڄ به جاري آهي)
ڪربلا جي اسيرن کي جڏهن يزيد جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو ته هن امام حسين جي سر مبارڪ کي ڏسي پنهنجي خاندان جي انهن وڏڙن کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪي جنگ بدر ۾ مسلمانن ۽ خاص ڪري حضرت علي جي هٿان مارجي ويا هئا. يزيد هنن کي مخاطب ٿيندي چيو ته: “اچو ۽ ڏسو ته مون ڪيئن نه بنو هاشم کان توهان جو پلاند ڪيو آهي.” يزيد امام حسين جي سر مبارڪ جي ويجهو وڃي هٿ ۾ جهليل لٺ امام جي ڏندن ۾ هڻندي قران جي اها آيت پڙهي: “تعز من تشاءَ وتذل من تشاءَ” يعني الله جنهن کي چاهي عزت ڏئي، جنهن کي چاهي ذلت ڏئي. يزيد جي هن جملي تي درٻار ۾ موجود بيبي زينب ڀڙڪو کائي اٿي ۽ اهو مدلل ۽ تاريخي خطاب ڪيو، جنهن يزيد جي تڪبر ۽ غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن خطاب جا ڪجهه اقتباس هيٺ پيش ڪجن ٿا:
“سموريون تعريفون ان الله لاءِ آهن، جيڪو عالمن جو پروردگار آهي. اي يزيد ملعون، ڇا تون اسان کي قيد ڪري اهو سمجهين ٿو ته تون اسان جي مٿان زمين ۽ آسمان تنگ ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي قيد ڪرائي ۽ بازارن ۾ گهمائي ڇا تون اهوگمان پيو ڪرين ته تنهنجي ان عمل سان اسان خدا جي بارگاهه ۾ رسوا ٿيا آهيون ۽ اهو ڪم ڪري تون الله جي آڏو وڏي عزت ڪمائي ورتي آهي؟ ڇا تون پنهنجي ان عمل سان الله جي نظر ۾ واقعي ايڏو مرتبو ماڻي ورتو آهي، جو تڪبر ۽ غرور وچان تنهنجيون ناسون ڦونڊجي ويون آهن؟ ڇا توکان قران جي اها آيت وسري وئي، جنهن ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ڪفر ۽ بي ديني جي ميدان ۾ قدم رکندڙ اهو گمان نه ڪن ته اسان هنن کي جيڪا ڍر ڏني آهي، اها سندن فائدي ۾ آهي. پر هنن کي اها ڍر ان ڪري ڏني وئي آهي ته جيئن هنن کي گناهه ڪرڻ جي وڌيڪ مهلت ملي ۽ هنن لاءِ ذليل ڪندڙ هڪ عذاب تيار ڪيو ويو آهي.
اي اسان جي وڏڙن پاران آزاد ڪيل غلامن جا پٽ، ڇا اهو انصاف آهي ته تون پنهنجي عورتن کي ته پردي ۾ ويهاريو آهي پر رسول جي نياڻين کي نامحرمن جي وچ ۾ قيدي بڻائي رکيو آهي ۽ هنن جو پردو تار تار ڪيو آهي؟ پر اهڙي شخص کان مهرباني جي اميد به ڪيئن ٿي ڪري سگهجي، جنهن جي وڏڙن اسلام جي پاڪيزه شهيدن جا جگر ڪڍي چٻاڙيا هجن!! تون ان حسين جي ڏندن تي لٺ ٿو هڻين، جيڪو جنت جي نوجوانن جو سردار آهي؟ ان محمد ۽ سندس خاندان جو رت ٿو وهائين، جنهن تي خدا پاڻ درود پـڙهندو آهي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن کي سڏ ٿو ڪرين ۽ گمان ٿو ڪرين ته هو توکي ڪو جواب ڏيندا، جڏهن ته تون پاڻ جلد هنن سان گڏ ٿيڻ وارو آهين. يزيد تون پنهنجي لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي، اهو وقت پري نه آهي جڏهن تنهنجي کل اڊيڙي ويندي. ظلم ڪندڙن تي الله جي لعنت هجي.”
بيبي زينب جي هن خطاب يزيد جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، درٻار ۾ موجود ڪيترن ئي ماڻهن روئڻ شروع ڪيو. يزيد جو ساٿ ڏيندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي پهريون ڀيرو اهو احساس ٿيو ته هنن کان سنگين غلطي ٿي وئي آهي.
عوامي بغاوت جي خوف کان يزيد ستت ئي بيبي زينب ۽ ٻين کي آزاد ڪري ڇڏيو، پر سخت نگراني جاري رکي. بيبي زينب جو سڀ کان وڏو ڪارنامو امام زين العابدين کي يزيد جي ظالم گورنر عبدالله بن زياد هٿان قتل ٿيڻ کان بچائڻ هو. روايتن موجب زياد جڏهن امام زين العابدين کي قتل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته بيبي زينب امام جي آڏو اچي مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي وئي. بيبي زينب يزيد خلاف پنهنجي جاکوڙ دليريءَ سان جاري رکي. هن شام کان ڪربلا ۽ ڪربلا کان مصر ۽ مصر کان مديني ۽ ٻيهر شام تائين اڻانگا سفر ڪري ڪربلا جي عظيم قربانين جي پٺيان موجود فلسفي کي عام ماڻهن تائين پهچايو، سندس تقريرن ۽ خطابن جادوءَ جهڙو ڪم ڪيو. يزيد جي ظلم ۽ استبداد خلاف ماڻهن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ماٺار ٽٽي پئي. بيبي زينب کي عزاداري جي روايت جو باني به سڏيو وڃي ٿو. غم ۽ پيڙا کي طاقت ۾ ڪيئن تبديل ڪجي، دنيا کي هي سبق به هن ئي سيکاريو. بيبي زينب ڪربلا واري سانحي کانپوءِ رڳو هڪ سال حيات رهي، پر ان مختصر عرصي ۾ هن اهو انقلاب برپا ڪيو، جنهن جا پڙاڏا اڄ رڳو اسلامي ملڪن ئي نه پر سموري دنيا ۾ گونجي رهيا آهن.
مهاتما گانڌي اعتراف ڪيو ته: “مظلوميت ۾ رهندي فتح ڪيئن ماڻبي آهي، اهو مون حسين کان سکيو.” نيلسن منڊيلا چيو ته: “مون 20 سال جيل ۾ گهاريا، هڪ اهڙو موقعو به آيو جو هٿيار ڦٽا ڪري حڪومتي شرط مڃڻ جو فيصلو ڪيو، پر پوءِ ڪربلا جي تحريڪ ۽ حسين ياد آيو، مون کي وڏو اتساهه مليو ۽ آزاديءَ واري حق لاءِ ثابت قدم رهيس.” انگريز ناول نگار چارلس ڊڪنس کان اسڪاٽ مورخ ٿامس ڪارلائل تائين، اڄ سموري دنيا جا بيدار مغز ماڻهو ڪربلا جي رڻ ۾ ڏنل عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن. ڪربلا جي شهيدن ۽ بيبي زينب جي عظمت کي سلام!