دادلغاري (عبدالحنان لغاري سنڌ سماءَچار) داد لغاري ۾ واپاري جي دڪان کي شارٽ سرڪٽ سبب دڪان ۾ پيل ڦٽين کي باھ لڳي وئي پنج مڻ ڦٽي سڙي ويون ماڻھن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي. دادلغاري ٽيڪي اسٽينڊ ويجهو واپاري سيٺ انيڪل ڪمار جي ڦٽين واري دڪان ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳي وئي باھ جو شولا دڪان ۾ رکيل ڦٽي مٿان ڪريا ته باھ دڪان کي وڪوڻڻ لڳي چوڪ تي موجود ماڻھن پهچي وڏي جهدوجهد ڪري باھ وسائي ورتي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ پنج مڻ ڦٽيون سڙي خاک ٿي ويون باھ سبب شھر جي ماڻھن ۾ خوف طاري ٿي ويو باھ لڳڻ جي اطلاع ڏيڻ تي فائيربرگيڊ نه پهتي.
Check Also
”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …
سنڌسماءَچار