حيدر آباد ( سنڌسماءَچار نيوز) ناميارو ڏاهو ننڍي کنڊ خاص طور تي سنڌ جي تاريخ ۽ سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي محمد ابراهيم جويو به وڇڙي ويو، سندس گذريل ڪجهه مهينن کان طبعيت ناساز هئي. ابراهيم جويو حيدرآباد ۾ 102 ورهين جي عمر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. ابراهيم جويو جي وڇوڙي جي خبر سڄي سنڌ ۾ باهه جيان ڦهلجي وئي. سندس تدفين جو اڃا تائين ناهي ڪيو ويو ته سندس مڙهه ڪٿي دفنيايو ويندو. ابراهيم جويو کي ويجهو رهندڙ ماڻهن جو چوڻن آهي ته پنهنجي زندگيءَ دوران هُن خواهش ظاهر ڪئي هئي ته سندس مڙهه سائين جي ايم سيد جي اباڻي شسهر سن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو وڃي.
ﻧﺎﻣﻴﺎﺭﻭ ﻋﺎﻟﻢ، ﺍﺩﻳﺐ ۽ ڏﺍﻫﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﺟﻮﻳﻮ 13 ﺁگسٽ 1915ء ﺗﻲ ﺍڳوڻي ﺿﻠﻌﻲ ﺩﺍﺩﻭﺀَ ( ۽ ﻫﺎڻي ڄاﻣﺸﻮﺭﻱ ) ﺟﻲ ڳوٺ ﺁﺑﺎﺩ ۾ ﻫڪ ﻫﺎﺭﻱﺀَ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﭘﻴﺪﺍ ٿيو. ٽن ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺍﻟﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﺟﻮﻳﻮ، ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﻬﺎڀاﺭﻱ ﺟﻨﮓ ﺑﻌﺪ پکڙﻳﻞ ﻭڏﻱﺀَ ﺑﻴﻤﺎﺭﻱﺀَ ۾ ﻻڏﺍڻو ڪﺮﻱ ﻭﻳﻮ . ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﺟﻮﻳﻲ ﺟﻮ ننڍپڻ ﻏﺮﺑﺖ ۾ ﮔﺬﺭﻳﻮ، ﭘﺮ ﻫﻤﺖ ﻧﻪ ﻫﺎﺭﻳﻨﺪﻱ، ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱﺀَ ﺟﺎ ﭼﺎﺭ ﺩﺭﺟﺎ ڳوٺ ۾ پڙﻫﻲ، 1927 ﺍي ﻭﻱ ﺍسڪوﻝ، ﺳَﻦ ۾ ﺩﺍﺧﻞ ٿيو ﺟﺘﻲ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻳﻢ ﺳﻴﺪ ﺟﻲ ﻣﻬﺮﺑﺎﻧﻴﻦ ﺳﺎﻥ ٽي ﺩﺭﺟﺎ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ پڙهيا. 1930 ۾ سنڌ ﻣﺪﺭﺳﺔ ﺍﻻﺳﻼﻡ ڪراﭼﻲﺀَ ۾ ﺩﺍﺧﻼ ﻭﺭتي ۽ ﭼﻮٿين ﮐﺎﻥ ﺳﺘﻴﻦ ﺩﺭﺟﻲ (فائنل) ﺗﺎﺋﻴﻦ تعليم حاصل ڪئي. محمد ابراهيم جويو 1934 ۾ مئٽرڪ ﺟﻲ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ۾ سنڌ ﻣﺪﺭﺳﺔ ﺍﻟﺴﻼﻡ ﻣﺎﻥ ٻي ﭘﻮﺯﻳﺸﻦ ﻣﺎڻي ۽ 20 ﺭﭘﻴﺎ ﻣﺎﻫﻮﺍﺭ اسڪالر ﺷﭗ ﺣﺎﺻﻞ ڪئي. سنڌ ﻣﺪﺭﺳﻲ ۾ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﻋﻼﻣﻪ ﻋﻤﺮ ﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺩﺍﺋﻮﺩ ﭘﻮٽو ﭘﺮﻧﺴﭙﺎﻝ ﻫﻮ ۽ ﺟﻮﻳﻮ ﺻﺎﺣﺐ ﺳﻨﺪﺱ ﻻﺋﻖ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ مان هڪ ليکيو ويندو ﻫﻮ. ﺟﻮﻳﻲ ﺻﺎﺣﺐ 1938 ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ﻣﺎﻥ ﺑﻲ ﺍﻱ ﺟﻲ ڊﮔﺮﻱ ﺣﺎﺻﻞ ڪئي. ڊي جي ڪاليج ۾ ئي ڊﺍڪٽر ﮔﺮﺑﺨﺸﺎڻي، ڀيرﻭﻣﻞ ﻣﻬﺮﭼﻨﺪ ﺁڏﻭﺍڻي ۽ ﻣﻨﮕﻬﺎﺭﺍﻡ ملڪاڻيءَ جهڙن ﺍﺳﺘﺎﺩﻥ کان تعليم حاصل ڪئي ۽ سندن صحبت ۾ رهيو. 1940 ﻉ ۾ سن ﻣﺪﺭﺳﻲ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺑﻲ ٽي ڪرڻ ﻻﺀِ ﺑﻤﺒﺌﻲﺀَ ﺟﻲ؛ ﺍﻳﺲ ٽي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، ﺟﺘﺎﻥ ﻣﻮٽندﻱ ﺋﻲ ﮐﻴﺲ 1941 ۾ سنڌ ﻣﺪﺭﺳﻲ ۾ ’ ﺍسسٽنٽ ﻣﺎسٽر ‘ ﻣﻘﺮﺭ ڪيو ﻭﻳﻮ.
ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﺟﻮﻳﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ سنڌﻱ ﻣﻀﻤﻮﻥ ” پڃرﻱ ﺟﺎ ﭘﮑﻲ “ 14 ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ۾ ﻟﮑﻴﻮ، ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﻣﻀﻤﻮﻥ Democracy in School Administration ﺳﺎﻝ 1946ء ۾ سنڌ ﻣﺪﺭﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﺌﮕﺰﻳﻦ ’ ڪرانيڪل ‘ ۾ ڇپيو. اساسئين جي ايم سيد ابرهيم جويو جي تعليم حاصل ڪرڻ وارن سمورن مرحلن ۾ ڀرپور مددگار رهيو. ﻫُﻮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻳﻢ ﺳﻴﺪ ۽ ﺍﻳﻢ ﺍﻳﻦ ﺭﺍﺀِ ﮐﺎﻥ گهڻو ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻫﻮ.
محمد ابراهيم جويو سياست به ڪئي ۽ هُن ان جي شروعات ﺍﻳﻢ ﺍﻳﻦ ﺭﺍﺀِ ﺟﻲ ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڪئي. ابراهيم جويو 1947 ۾ سنڌ ﻣﺪﺭﺳﻲ ۾ پڙﻫﺎئڻ ﺩﺅﺭﺍﻥ ﻫﻦ ﻫڪ ڪتاب ’ سڌ ﺑﭽﺎﻳﻮ – کنڊ ﺑﭽﺎﻳﻮ ‘ Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists ﻟﮑﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڏﻭﻫﻪ ۾ سنڌ ﻣﺪﺭﺳﻲ ﺑﻮﺭڊ ﺟﻲ ﺻﺪﺭ ۽ ( تڏﻫﻮڪﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﺗﻌﻠﻴﻢ ) ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻼﺯﻣﺖ ﺧﺘﻢ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري کيس بيروزگار ڪري ڇڏيو. جنهن بعد ﭠٽي ﻣﻴﻮﻧﺴﭙﺎلٽيﺀَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﻣﺌِﻦ ﻣﻮليڏﻧﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﮐﻴﺲ ﻣﻴﻮﻧﺴﭙﻞ ﻫﺎﺀِ ﺍسڪﻮل ٺٽي ﺟﻮ هيڊ ﻣﺎﺳﺘﺮ ٿيڻ ﺟﻲ ﺁڇ ڪئي، ﺟﺘﻲ ٽن ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ 200 ﺭﭘﻴﺎ ﭘﮕﻬﺎﺭ ﺗﻲ پنهنجون خدمتون ڏنيون.
محمد ابراهيم جويو، ٽيچرﺱ ٽرﻳﻨﻨﮓ ڪاليج ﻓﺎﺭ ﻣﺌﻦ، ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺍسسٽنٽ ﻣﺎسٽر ﻃﻮﺭ ﻓﺮﺽ نڀاﻳﺎﺋﻴﻦ. 1951 ﻉ ۾ سنڌ پبلڪ ﺳﺮﻭﺱ ڪﻤﻴﺸﻦ ﺟﻲ ﭼﻮنڊ ﺳﺎﻥ ڪلاس ﭔﺌﻴﻦ ﮔﺰيزيٽڊ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﻃﻮﺭ ” ﻫﺎﺀِ ﭘﺎﻭﺭ ﺍﻳﮕﺰيڪٽو ڪميٽي ﻓﺎﺭ سنڌﻱ لٽرﻳﭽﺮ “ ﺟﻮ سيڪريٽري ﻣﻘﺮﺭ ٿيو. 1954 ۾ ﻫﺎﺀِ ﭘﺎﻭﺭ ڪميٽيﺀَ ﮐﻲ ’ سنڌﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺑﻮﺭڊ ‘ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ جوڙيو ﻭﻳﻮ، جتي 1961ء ﺗﺎﺋﻴﻦ سيڪريٽريَ ﻃﻮﺭ ﺟﺎﻧﻔﺸﺎﻧﻲﺀَ ﺳﺎﻥ فرض ادا ڪيا. ﺍﻥ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺟﻮﻳﻮ ﺻﺎﺣﺐ ( 1955-56 ) ٻه ﺳﺎﻝ ﺑﻮﺭڊ ﺟﻲ ٽماﻫﻲ ’ ﻣﻬﺮﺍڻ ‘ ﺟﻮ ﺍيڊيٽر ﺑﻪ ﺭﻫﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻫُﻦ ﺟﺪﻳﺪ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﻭڏﻱ ﺳﺮﭘﺮﺳﺘﻲ ڪئي ۽ ’ ﻣﻬﺮﺍڻ ‘ ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﺩﺅﺭ ﻳﺎﺩﮔﺎﺭ ﻟﻴﮑﻴﻮ وڃي ٿو. 1963ء ﮐﺎﻥ 1967ء ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫُﻮ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﺁﻥ ﺍﺳﭙﻴﺸﻞ ڊﻳﻮٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ ﺑﻮﺭڊ ﻻﻫﻮﺭ، ڪراچي، ڪوئٽا ۽ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺭﻫﻴﻮ. ﺍﻥ ﻋﺮﺻﻲ ۾ ﭘﻨﺞ ﺳﺎﻝ ﺍﻋﺰﺍﺯﻱ ﻃﺮﺡ سنڌﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺑﻮﺭڊ ﺟﻮ سيڪريٽري پڻ ﺭﻫﻴﻮ. ﺟﻮﻻﺀِ 1967 ﻉ ۾ ﺟﻮﻳﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﻫڪ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﻟﮑﻲو ’ ﺳﻠﻴﻢ ﺍﺣﻤﺪ ‘ ﺟﻲ ﻓﺮﺿﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ڇپاﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻋﻨﻮﺍﻥ ﻫﻮ : ’ ﺍﻭﻟﻬﻪ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ۾ ٻوﻟﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ .‘ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺎﻥ سرڪار مٿس ڏمرجي پئي ۽ ﮐﻴﺲ ﮔﻮﺭنمينٽ ﻫﺎﺀِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ﻣﺎﺳﺘﺮ ﻃﻮﺭ ﺑﺪﻟﻲ ڪري ڇڏﻳﻮ. 1971 ۾ سنڌ ٽيڪسٽ ﺑﻮﺭڊ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺑﻪ ٿيو .
ﻫﻦ ڪيترائي ﻧﺼﺎﺑﻲ ڪتاب ﺑﻪ ﻟﮑﻴﺎ. 1972 ﻉ ۾ ڊپٽي ڊﺍﺋﺮيڪٽر، ﺑﻴﻮﺭﻭ ﺁﻑ ڪريڪيوليم ﺍئنڊ ﺍيڪٽينشن ﺳﺮﻭﺳﺰ سنڌ، ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﻣﻘﺮﺭ ٿيو، ﺟﺘﺎﻥ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﺁﻥ ﺍﺳﭙﻴﺸﻞ ڊﻳﻮٽي ۽ ﺑﻌﺪ ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ ﺑﻮﺭڊ ﻣﻘﺮﺭ ٿيو ۽ 12 ﺁگسٽ 1973ء ﺗﻲ ﺭٽاﺋﺮ ڪيائين. ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﺟﻮﻳﻲ ﺟﻮ سنڌﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ﺍﺑﺘﺪﺍ ﮐﺎﻥ ٺي ﻭﺍﺳﻄﻮ ﺭﻫﻴﻮ ۽ 1954-56 ﻭﺍﺭﻱ ﺩﺅﺭ ۾ سنڌﻱ ﺍﺩﺏ ۽ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ﺟﻲ ’ ﻧﺌﻴﻦ ﺟﺎڳرﺗﺎ ‘ ( Renaissance ) ﺟﻮ ﺍﻫﻢ ﺍڳوﺍڻ ﺭﻫﻴﻮ . ﻫُﻮ ﺍڄ ﺑﻪ سنڌﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺷﺎﺥ ﺟﻲ ڪﺎﺭﻭﺑﺎﺭﻱ ڪﺎميٽيﺀَ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺁﻫﻲ . 1973 ڌﺍﺭﻱ ﻫُﻦ ڪجهه ﺍﺩﻳﺒﻦ ﺳﺎﻥ گڏﺟﻲ ” سنڌﻱ ﺍﺩﻳﺒﻦ ﺟﻲ سهڪاري ﺳﻨﮕﺖ “ ﻧﺎﻟﻲ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﻭڌﻭ، ﭘﺎڻ ﺍﻥ ﺟﻮ ﺻﺪﺭ ٿيو ۽ ﺍﻥ ﺋﻲ پليٽ ﻓﺎﺭﻡ ﺗﺎﻥ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﮐﻦ ڪتاب ﭼﭙﺎﺋﻲ پڌﺭﺍ ڪيا. 1973 ۾ ” سنڌ ﻓﺮيبڊﺱ سرڪل “ ﻗﺎﺋﻢ ڪرﻱ، ﺍﻥ ﻃﺮﻓﺎﻥ 20 ڪﺘﺎﺏ ﺷﺎﻳﻊ ڇپرايا. ﺳﺮﻭنٽس ﺁﻑ سنڌ ﺳﻮﺳﺎئٽيﺀَ ﺟﻮ ﻭﺍﺋﻴﺲ ﭘﺮﻳﺰيڊنٽ ﺭﻫيو.