سکر ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سکر جي باگڙي واري علائقي ۾ هڪ ناري کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪري کيس بنا غسل ڪفن ڏيڻ جي لاش دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن جي ايس ايس پي سکر به تصديق ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. ايس ايس پي سکر امجد شيخ چيو آهي ته، پوليس کي موبائل ايس ايم ايس ذريعي اطلاع مليو ته باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوابدارن هڪ ناري الله رکيءَ کي ڪارنهن الزام هڻي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. ناري کي قتل ڪرڻ بعد جوابدارن کي چپ چاپ ۾ لاش کي دفنايو به ويوهو. ايس ايس پي موجب پوليس ٽيم ڄاڻايل هنڌڏ ڪارروائي ڪري ناري جو لاش هٿ ڪيو ۽ 5 جوابدارن کي گرفتار به ڪري ورتو آهي، جن مان هڪ جوابدار سڄڻ جتوئي کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
Check Also
”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …
سنڌسماءَچار