ڪراچي( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسرائيل سعودي عرب کي ايران خلاف سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي، اسرائيلي فوج جي سربراهه سعودي نيوز ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته سعودي عرب ۽ اسرائيل جا ڪيترائي گڏيل مفاد آهن، ايران جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عرب ملڪن سان ڳجهي معلومات جي مٽا سٽا لاءِ تيار آهيون. اسرائيلي فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل گيڊي آئزن ڪوٽ سعودي نيوز ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته وچ اوڀر ۾ ايراني اثر کي روڪڻ لاءِ سعودي عرب سان ڳجهي معلومات جي مٽا سٽا لاءِ تيار آهيون.
اسرائيلي جنرل ايران کي خطي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو ته ايران خطي ۾ هٿيار بند گروپن جي مدد پيو ڪري ان لاءِ ضروري آهي ته ايران کي خطي ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ کان روڪيو وڃي. جنرل گيڊي آئزن ڪوٽ چيو ته سعودي عرب ۽ اسرائيل جا ڪيترائي گڏيل مفاد آهن، ايران جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جڏهن به ضرورت پئي، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن سان ڳجهي معلومات جي مٽا سٽا ڪري سگهجي ٿي.