ابراهيم جويو سنڌ جي نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ جديد فلسفي کي متاعرف ڪرايو: ساڃاهه وند

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) ناليواري دانشور محمد ابراهيم جوئي جي لاڏاڻي تي ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ تقريب ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ساڃاهه وندن چيو آهي ته ابراهيم جوئي سنڌ ۾ فلسفي جو هڪ نئون لاڙو متعارف ڪرايو، جنهن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو. ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ محمد ابراهيم جوئي کي سندس ادبي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ناليواري شاعر امداد حسيني، ليکڪه نورالهديٰ شاهه، فهميده حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مقررن ابراهيم جويو کي ڀيٽا پيشن ڪندي چيو ته ابراهيم جوئي سنڌ ۾ فلسفي جو هڪ نئون لاڙو متعارف ڪرايو.هنن چيو ته ابراهيم جوئي جي ڪيل علمي ۽ ادبي پورهيي کي صدين تائين ياد رکيو ويندو. مقررن چيو ته ابراهيم جوئي پاران ادب ۾ ڏنل موتين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجن.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *