ڪوئيٽا ( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار ) بلوچستان جو وڏو وزير ثناءُ الله زهري ڏچي ۾ پئجي ويو آهي، قاف ليگ سندس خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، ذريعن موجب صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ فشريز واري وزير چاڪر خان ڊومڪي استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. بلوچستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مير قدوس بزنجو سميت 14 ميمبرن جي صحيحن سان ثناءُ الله زهري خلاف بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي وئي آهي، قاف ليگ جو چوڻ آهي ته کين نون ليگ جي ميمبرز جي به حمايت حاصل آهي. ذريعن موجب صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي استعيفي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو سڀاڻي پريس ڪانفرنس ذريعي استعيفي جو اعلان ڪندو، جڏهن ته فشريز واري وزير سرفراز چاڪر خان ڊومڪي استعيفا ڏيندي استعيفيٰ وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي بلوچستان نيشنل پارٽي وڏي وزير جي حمايت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
Tags Bugtti sarfraz CM Balochistan Sana Zehri Home minister balochistan Sanaullah Zehri Srfraz Bugtti Zehri Sanullah
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …