لاهور جي سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ هٿياربند جي فائرنگ ۾ 2 وڪيل مارجي ويا

لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور ۾ سيشن ڪورٽ ٻاهران جوابدارن فائرنگ ڪري پنهنجي سئوٽ سميت ٻن وڪيلن کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ٻاهران جوابدار راڻا ڪاشف فائرنگ ڪري پنهنجي سئوٽ راڻا نديم کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ وڪيل زخمي ٿي پيو.

پوليس پهچي زخمي ٿيل وڪيل اويس طالب کي ميو اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب، ٻن گروپن ۾ جهيڙي سبب واقعو پيش آيو، جوابدار راڻا ڪاشف نالي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. جوابدار ۽ مقتولن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت اندر به منهن ماري ٿي هئي، جڏهن ته جوابدار عدالت مان ٻاهر نڪرڻ بعد فائرنگ ڪري ڏني، جنهن کي ماڻهن سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو.

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *