مٺي ۾ ٻن ڀائرن جي قتل ۾ ملوث جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرو

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار)  مٺي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل ٻن واپاري ڀائرن جي قتل کي ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويا آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ علائقي واسين ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي. مٺي ۾ قتل ٿيل ٻن دوڪاندارن ڀائرن جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مٺي ۾ قتل ٿيل ٻن مقتول دڪاندار ڀائرن دليپ ۽ چندر ڪمار جي وارثن ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.احتجاج ڪندڙ وارثن چيو ته 45 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.هنن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيڻ جي گهر ڪئي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *