بخشاپور ۾ ڪبوترن جي ميل دوران جهيڙو، باٺا لڳڻ سبب 19 ڄڻا ڦٽجي پيا

بخشاپور(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڳوٺ ٺارو جکراڻي ۾ ڪبوترن جي ميل تان ڪبوترن جي شوقينن ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا ڦٽجي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ٺارو جکراڻي ۾ ڪبوترن جي ميل تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 19 ڄڻا زخمي پيا. زخمين ۾ سنھڙو جکراڻي، غلام عباس، وشدل، جھنڊو، صادق،  جمل خاتون، ڪمل  خاتون ۽ ٻيا شامل آهن. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي سرڪاري ا سپتال پهچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *