Thursday , January 23 2025

Asghar Azad

جهانگير ترين جي نااهلي برقرار،پارٽي عهدو به نه رکي سگهندو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي دوست جهانگير ترين جي نااهلي تي نظرثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ جهانگير ترين جي نااهلي وارو فيصلو برقرار رکيو آهي. چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي …

Read More »

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشن،7 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

دهشتگردن سان جهيڙيندي شهيد ٿيل جوان سبي/ڪوئيٽا(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي ڪٽ ڪلي، سبي ۽ ڪوهلو ڀرسان  سيڪيورٽي فورسز جي الڳ الڳ آپريشن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن سان جهيڙيدي 2 جوان شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪٽ ڪلي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو …

Read More »

سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ڌارين جي جي آبادڪاري ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪمون شهيد ۽ لاڙڪاڻي جي احتجاجن ۾ شرڪت جو اعلان

ڪراچي( رپورٽ:اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪالا باغ ڊيم کي ڪنهن به ريت قبول نه ڪيو ويندو. حيدر منزل ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن …

Read More »

سنڌ اسيمبلي: حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ۾ لفظن جي جنگ

ڪراچي( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ عمران خان کي سيليڪٽر وزير اعظم قرار ڏيڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز هڪٻئي تي الرون ڪيون، جڏهن ته پ پ ميمبر پروين بشير پاران مخالف ڌر جي ميمبر کي چمچو قرار ڏيڻ تي اپوزيشن اسپيڪر جي ڊائيس آڏو …

Read More »

ڊيمن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو جو سوال ڪرڻ غداري ته ناهي؟ بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  حڪمرانن کان سوال ڪيو آهي ته سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ هي سوال پڇڻ غداري ته ناهي، هن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺاهيا ويا ته پوءِ سوڪهڙي سٽيل سنڌ جو ڇا …

Read More »

سنڌ جي بيورو ڪريسي ۾ وڏي پئماني تي اٿل پٿل

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار پاران بيوروڪريسي ۾ وڏي انگ ۾ مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، جنرل ايڊمنسٽريشن جي سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو کي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انڊسٽريز کاتي جي سيڪريٽري شمس الدين سومرو کي بدلي ڪري مائنز اينڊ …

Read More »

پاڪستان کي بنگلاديش شڪست ڏئي ڇڏي، ايشيا ڪپ مان آئوٽ

ابوظهبي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 38 رنز تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو آهي، بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 240 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو پاڪستاني ٽيم 50 اوورز ۾ حاصل نه ڪري سگهي. پاڪستاني ٽيم مقرر …

Read More »

اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو ناٺي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ گرفتار

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ايڊن هائوسنگ اسڪيم ۾ ٿيل اربين رپين جي ميگا ڪرپشن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ناٺي کي دبئي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري تصديق ڪندي چيو آهي ته مرتضيٰ کي ايف آءِ اي جي مدد سان …

Read More »

ايف آءِ اي زرداري گروپ آف ڪمپنيز ۽ ڊي بلوچ بابت سنڌ حڪومت کان تفصيل گهري ورتا

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد: سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ ۾ ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي مني لانڊرنگ ذريعي اربين رپيا غير قانوني طريقي سان پرڏيهه موڪلڻ واري ڪيس ۾ معاملا وڌيڪ پڌرا ٿيڻ جو امڪان آهي، ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، سنڌ حڪومت جي اهم منصوبن جا ٺيڪا حاصل …

Read More »

حڪومت اعلان ڪري ته پاڪستان عالمي يتيم خانو آهي:اختر جان مينگل

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته اختر مينگل چيو ته، جيڪڏهن هي قومي سلامتي جو معاملو آهي ته پوءِ ان تي بحث ڇو نه ٿو ڪرايو وڃي؟ حڪومت اعلان ڪري ڇڏي ته پاڪستان عالمي يتيم خانو آهي. برمين، افغانين، بنگالين ۽ …

Read More »