Monday , December 23 2024

Asghar Azad

ڪراچي ۾ مستقل بنيادن تي رينجرز نه ٿا رکي سگهون: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته، سنڌ حڪومت جي ڪمن ۾ مداخلت نه ڪنداسين، ڪراچي جو امن انتهائي ضروري آهي پر مستقل بنيادن تي رينجرز کي نه ٿا رکي سگهون. وزيراعظم پنهنجي خطاب دوران چيو ته، …

Read More »

وزيراعظم عمران خان پاران پي ايم هائوس ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان نيازي پاران 1100 ايڪڙن تي مشتمل وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ، لگزري گاڏيون نيلام،پاڻ منسٽرس ڪالوني ۾ رهڻ ۽ چئني صوبن جي گورنرز جي گورنر هائوسز ۾ رهائش اختيار نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، سڄي …

Read More »

رودالي بڻيل طبقي کي پ پ کانسواءِ ڪجهه نظر ڇو نه ٿو اچي…؟؟؟ اصغر آزاد

رودالي بڻيل طبقي کي پ پ کانسواءِ ڪجهه نظر ڇو نه ٿو اچي…؟؟؟ اصغر آزاد وفاقي ڪابينا ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ميمبرز جي شموليت نه هجڻ تي سنڌ جي دانش ۾ بغداد ٿي ويو آهي، ماتم لاءِ تڏو وڇايو پيو آهي، اصل سنڌ سان ناحق ٿيڻ لاءِ منهن مٿو پِٽِڻ جي …

Read More »

وزيراعظم وفاقي ڪابينا جوڙي ورتي، 15 وزير ۽ 5 صلاحڪار شامل

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت ۾ 20 ميمبرز تي ٻڌل ڪابينا جوڙي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان پاران ڪابينا ميمبرز جي منظور ڪيل فهرست ۾ صرف هڪ سنڌي وزير ڊاڪٽر فهيده مرزا شامل، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، شيخ رشيد ۽ خالد مقبول صديقي …

Read More »

پاڪستان جو ايندڙ صدر ڊاڪٽر عارف علوي هوندو

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ جي ايندڙ صدر لاءِ پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر عارف علي کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر عارف علي جي نامزدگي بابت پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته، پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۽ …

Read More »

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان نيٺ ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون

اسلام آباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ورلڊ ڪپ جي فاتح عمران خان نيٺ پاڪستان جي حڪمراني جو ڪپتان بڻجي ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن، گذريل وزيراعظم چونڊجڻ بعد عمران خان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. صدر ممنون حسين …

Read More »

”مبارڪون جناب سليڪٽيڊ وزيراعظم” عمران خان انهن جو به وزيراعظم آهي جن کي هن گڏهه چيو“: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئين چونڊيل وزيراعظم کي مخطاب ڪندي چيو آهي ته، “ عمران خان انهن جو به وزيراعظم آهي جن کي هن زنده لاش، گڏهه ۽ جانور به چيو هو. بلاول وزيراعظم عمران خان  تي ٺٺول ڪندي چيو ته، “ سليڪٽيڊ وزيراعظم …

Read More »

شهباز شريف ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) شهباز شريف 2018 جي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي 30 ڏينهن اندر رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته، جيڪڏهن سندن مطالبو منظور نه ٿيو ته مخالف ڌر روڊن تي هوندي ۽ احتجاج ڪيو ويندو، …

Read More »

ڪنهن به ڌاڙيل کي اين آر او نه ملندو نه ئي ڪنهنجي بليڪ ميلنگ ۾ ايندس: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان احتساب وڌيڪ تيز ڪري عوام جي ڦرلٽ ڪري پرڏيهه اماڻيل سموري رقم وطن واپس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، نه ڪنهن جي آڏو اڳ ۾ بليڪ ميل ٿيس ۽ نه هاڻي ڪنهن جي بليڪ ميلنگ ايندس، ڪنهن به ڌاڙيل …

Read More »

آصف زرداري سميت 15 ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيڻ ۽ جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ ايم اين اي آصف زرداري جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن عدالت آصف زرداري جا ضمانت …

Read More »