Thursday , January 23 2025

Asghar Azad

پوسٽل بيلٽ پيپرز تي پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيارڻ جو الزام سيوهڻ ۽ کپرو جي اي آر اوز سميت 6 عملدار گرفتار

ڄامشور( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سيوهڻ ۽ کپرو ۾ پوسٽ بيلٽ پيپرز کولي انهن تي ٺپا هڻڻ وارن الزامن بعد چيف اليڪشن ڪمشنر ٻنهي علائقن جي اي آر اوز کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سيوهڻ پوليس پوسٽل بيلٽ پيپرز کولڻ جي الزام هيٺ ٻن استادن ۽ ٽن ڪلرڪس کي …

Read More »

ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ مهم هلائڻ کان ناهي روڪيو:سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت جي چونڊ مهم نه روڪي وئي آهي، نه ئي اليڪشن ڪميشن تي ڪو دٻاءُ آهي: سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته سمورا ادارا شفاف چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ سهڪار ڪري رهيا آهن، 25 جولاءِ تي ساڍا 3 لک …

Read More »

مني لانڊرنگ ڪيس:آصف زردري، فريال ٽالپر ۽ انور مجيد جو پٽ روپوش جوابدار قرار

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ ۾ ٻه نمبر اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي ايم اين اي فريال ٽالپر ۽ انور مجيد جي پٽ سميت 20 ڄڻن کي رپوش (Absconder) جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي جي جاچ …

Read More »

عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ زندگي جو مقصد آهي: پي ايس 28 جو آزاد اميدوار نثار شر

ٺري ميرواهه( رپورٽر  سنڌسماءَچار) صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 28 جي آزاد اميدوار نثار احمد شر چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، تڪ جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ۽ در در وڃي مهم دوران ڳالهائيندي نثار شر چيو آهي ته، ٺري ميرواهه جي عوام لاءِ بهترين تعليم، مفت …

Read More »

خورشيد شاهه، نعمان اسلام ۽ فرخ شاهه کي ناڪامي جو خوف، ايم ڪيو ايم سان رابطا

سکر ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ سکر جي ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن سميت 3 سيٽون بچائڻ لاءِ مونجهارا وڌي ويا آهن، اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه، نعمان اسلام شيخ ۽ سيد فرخ شاهه کي مخالف اميدوارن سوڙهو ڪري وڌو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خورشيد …

Read More »

عام چونڊون: سنڌ ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر يوسف خان خٽڪ چيو آهي ته صوبي ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سڀني ضلعن ڏانهن بيلٽ پيپرز موڪلڻ وارو سلسلو جاري آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر يوسف خان خٽڪ چيو ته بيلٽ پيپرز انتهائي سخت …

Read More »

ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ آر اوز، اي آر اوز سميت سيڪيورٽي عملي جا تفصيل جاري

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگ عملي ۽ سڪيورٽي عملي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عام چونڊن دوران سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جا 16 لک عملدار مقرر هوندا، 3 لک 71 هزار فوجي جوان اليڪشن ۾ …

Read More »

ڀارتي پارليامينٽ ۾ ميمبرز کي سنڌي ۾ تقرير ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

ممبئي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي پارليامينٽ راجيا سڀا  ۾ سنڌي سميت پنجن زبانن کي پارلياماني زبان طور استعمال ڪرڻ ۽ ميمبرن کي مادري زبان ۾ بحث ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ڀارتي نائب صدر ۽ راجيا سڀا  جي چيئرمين ايم وينڪيا نائڊو  اعلان ڪندي چيو ته پارليامينٽ ۾ پهريان ئي …

Read More »

سراج دراني ۽ ناصر شاهه جي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار سان ملاقات

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي پاران سکر، ميرپور خاص ۾ ڪجهه تڪن تي مدد گهري آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، پ پ پ ڪراچي سميت ڪجهه تڪن تي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن لاءِ پارٽي قيادت جي هدايت تي گذريل هفتي آغا سراج دراني جي اڳواڻي ۾ …

Read More »

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ميئر وسيم اختر جي ڪرپشن،نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ سميت ڪرپشن جي الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر خالف به انڪوائري ڪئي ويندي. نيب آغا سراج دراني جي …

Read More »