Monday , December 23 2024

Asghar Azad

خورشيد شاهه شبير بجاراڻي کي پ پ پ نه ڇڏڻ لاءِ ايلاز ڪندو رهيو

سکر( رپورٽر     سنڌسماءَچار) شبير بجاراڻي پاران پيپلز پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو ٻڌي سيد خورشيد شاهه پهچي شبير بجاراڻي کي رستي ۾ روڪي ورتو.  خورشيد شاهه رستي ۾ روڪيندي چيو ته، اوهان مهرباني ڪيو پارٽي نه ڇڏيو، مير شبير بجاراڻي هٿ ٻڌي انڪار ڪري ڇڏيو، …

Read More »

ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ کي سياسي جهٽڪو، شبير بجاراڻي پ پ کي خدا حافظ چئي ڇڏيو

سکر ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر ڪاپاري سياسي ڌڪ، پ پ جي باني اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي (مرحوم) جو پٽ شبير بجاراني پيپلز پارٽي سان پراڻو ناتو ختم ڪري پي ايس 6 تان آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان …

Read More »

خورشيد شاهه، ناصر شاهه ۽ نعمان اسلام الدين کان ووٽرن جو پڇاڻو، گاڏي آڏو ڌرڻو

سکر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ترقيءَ جون دعوائون ڪندڙ خورشيد شاهه کان هڪ نوجوان ڪارڪردگي بابت اوچتو سوال ڪيو ته توهان 10 سالن تائين اقتدار ۾ رهڻ باوجود ڪچي ۾ ڪو به ڪم ڇو نه ڪرايو. پنوعاقل ۾ترقيءَ جون دعوائون ڪندڙ خورشيد شاهه کان هڪ نوجوان ڪارڪردگي بابت اوچتو سوال ڪيو ته توهان …

Read More »

پنوعاقل ۾ نوجوان تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

سکر(رپورٽر سنڌسماءَچار) پنوعاقل پوليس سوشل ويب سائيٽ تي پيپلزپارٽي خلاف تنقيدي پوسٽ رکڻ تان شهريءَ کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ 6 جوابدارن مان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدارن تنقيدي پوسٽ رکڻ تي شهري لالو ميگهواڙ تي تشدد ڪيو هو، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي …

Read More »

ايڊيشنل سيشن جج گل ضمير سولنگي جي استعيفيٰ ڳجهارت بڻجي وئي

ايڊيشنل سيشن جج لاڙڪاڻو ضمير گل سولنگي ڪراچي / لاڙڪاڻو ( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گل ضمير سولنگي پاران عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي، استعيفيٰ بابت پهريان آيل خبرن موجب ايڊيشنل سيشن جج پنهنجي استعيفيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار …

Read More »

سنڌ جي نگران حڪومت سرگرم، 137 اسسٽنٽ ڪمشنرز جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ جي نگران حڪومت صوبي اندر وڏي پئماني تي انتظامي تبديليون ڪندي 137 اسسٽنٽ ڪمشنرز کي بدلي ڪري ڇڏيو آهي، عام انتظامن واري کاتي پاران ساڳين اي سيز کي هڪ ضلعي مان بدلي ڪري ٻئي ضلعي ۾ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. تبديل …

Read More »

نيب جي هٿان بدين جو اڳوڻو ڊي سي شوڪت جوکيو کي نيب ٻيهر گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) نيب ڪراچي ڪارروائي ڪندي ملير جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر شوڪت جوکيو کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي، شوڪت جوکيو کي عيد کان اڳ  ضمانت منظور ٿيڻ تي آزاد ڪيو ويو هو. نيب جو چوڻ آهي ته شوڪت جوکيو کي ڀينس ڪالوني ۾ 256 ايڪڙ …

Read More »

اوهان قاتلن جي پٺڀرائي ڇو پيا ڪيو ؟؟ اُمِ رباب چانڊيو جو سهيل انور کان سوال

سکر( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سکر ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال آڏو ميهڙ ۾ قتل ٿيل يوسي چيئرمين ۽ سندس ٻن پٽن جي وارث ام رباب چانڊيو احتجاج ڪيو، ام رباب سهيل سيال سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جوابدارن جي پٺڀرائي ڪئي، منهنجي والد جي قتل تي تعزيت ڪرڻ …

Read More »

لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل سيشن جج گل ضمير سولنگي استعفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل سيشن جج گل ضمير سولنگي عهدي تان استعيفيٰ، ڏئي ڇڏي آهي، استعيفيٰ ڏيندڙ جج تي، ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار پاران لاڙڪاڻي ۾ ڪورٽ اندر ساڻس سخت لهجي ۾ ڳالهايو هو ۽ سندس لکيل آرڊر تي ڪاوڙ …

Read More »

ڪجهه ماڻهو نيب آڏو پيش نه ٿيڻ جو بهانو ڪري سياسي شهيد ٿيڻ چاهين ٿا: نيب چيئرمين جاويد اقبال

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته، ڪجهه ماڻهن کي نيب پاران گهرائڻ باوجود پيش نه ٿيڻ جو مقصد اهو آهي ته اليڪشن کان اڳ ۾ گرفتار ٿي سياسي شهيد ٿيڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، ڪرپشن خلاف ڪاررواين کي انتقامي ڪارروائي چوڻ ڀوڳ …

Read More »