Thursday , January 23 2025

Asghar Azad

شريف خاندان ته شريف خاندان سندن دوست قطري شهزادو به ٽڪئس چور نڪتو،شوڪت عزيز برطانوي راڻي ملڪه ايلزبيٿ ۽ سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن پئراڊائيزليڪس ۾ شامل

پاناما ليڪس کانپوءِ صحافين جي عالمي  تنظيم آءِ سي آءِ جي پيراڊائيز نالي نئين ليڪس به جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ هڪ ڪروڙ 34 لک کان وڌيڪ دستاويز جاري ڪيا ويا آهن، پيراڊائيز ليڪس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، برطانوي راڻي ملڪه ايلزبيٿ، سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ آمريڪي …

Read More »

رينجرز جون ڪارروايون، گاڏيون ڦريندڙ ٽولو گرفتار،ڦر ۽ چوري ڪيل51 گاڏيون هٿ

ڪراچي (سنڌسماءَچار نيوز) ملڪ جي مختلف علائقن مان گاڏيون ڦر ڪندڙ بين الصوبائي گروهه جي مک ڪردار سميت 16 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڦر ٿيل 51 گاڏيون هٿ ڪيون ويون، ان حوالي سان سچل رينجرز جي ڪمانڊر برگيڊيئر نسيم پرويز ڪراچيءَ ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو …

Read More »

ن ليگ حڪومت لاءِ وري نئون ڏچو، نين تڪ بندين تي پ پ جي ڳيجهو بڻجي وئي

اسلام آباد (خاص نمائندو- سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي جي ڳيجهو بڻجي وئي آهي، 2017 ۾ ٿيل آدمشماريءَ کانپوءِ آئيني گهرجن تحت سڄي ملڪ ۾ لازمي ٿي ويل نيون تڪ بنديون ۽ ايندڙ عام چونڊون انتهائي اهميت اختيار ڪري ويون آهن. ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف …

Read More »

هڪ ٻئي جي آئيني اختيارن ۾ مداخلت ملڪ لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي: رضا رباني

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار نيوز) اسٽبلشمينٽ 18 هين آئيني ترميم تحت مليل حق کسڻ چاهي ٿي، هڪٻئي جي ڪم ۾ غير آئيني مداخلت ملڪ لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، سينيٽ چيئرمين رضا رباني ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سيمينار کي ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئين ۾ …

Read More »

ٽائون ڪميٽي چونڊڪو ۾ 13 ڪروڙن جي مبينا ڪرپشن، رڪارڊ به گم، نيب به پريشان

خيرپور ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ٽائون ڪميٽي چونڊڪو ۾ 13 ڪروڙ رپين جي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، نيب ٽيم پاران ناري تعلقي جي ٽائون ڪميٽي چونڊڪو جي آفيس تي ڪجهه ڏينهن اڳ هنيل ڇاپي دوران هٿ ڪيل رڪارڊ اڻپورو هجڻ ڪري نيب جي …

Read More »

مضبوط مرڪز جي حڪمراني سبب ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽبلشمينٽ ۽ سويلين ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيو:جلال محمود شاهه

ڄامشورو( سنڌ سماءَ چارنيوز) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته، ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽبلشمينٽ ۽ سويلين حڪمران جماعتن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جو ڪارڻ پاڪستان ۾ مضبوط مرڪز واري حڪمران جو ئي نتيجيو آهي، پاڪستان تاريخي قومن جي وطنن تي مشتمل آهي جنهن کي …

Read More »

سنڌ جي تعليمي ادارن جو تقدس بچائڻ ۽ بهتر تعليمي ماحول لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو-سنڌ جون سڄاڻ ڌريون

حيدرآباد( حميد ڪاشيگر جي ٿورن سان- سنڌسماءَچار) سنڌ جي سياسي اڳواڻن، ليکڪن، استادن ۽ شاگردن تجويزڏني آهي ته، يونيورسٽين ۾ شاگردن جي امتحانن جي لاءِ اهڙو نظام جوڙيو وڃي جنهن جو ڪائونٽر چيڪ به ٿي سگهي، مارڪن جي عيوض شاگردياڻين ۽ شاگردن کي بليڪ ميل ڪرڻ واري عمل کي روڪڻ …

Read More »

مڃون ٿا ته سنڌ ۾ ساڍا 3 هزار صنعتون بند ٿي ويون آهن،خانگي سيڪٽر ۾ رڳو10 سيڪڙو رجسٽرڊ ٿيل آهن: سيد ناصر شاهه

ڪراچي( اصغر آزاد سنڌ سماءَ چارنيوز) سُڌ سماءَ واري کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، سنڌ ۾ مجموعي طور تي  3 هزار 397 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون صنعتون بند ٿي ويون آهن، خانگي سيڪٽر ۾ صرف …

Read More »

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس دوران ڊپٽي اسيپڪر شهلا رضا ۽ نصرت سحر عباسيءَ وچ ۾ ڏند چڪ معمول بڻيل

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ فنڪشنل ليگ جي ايم پي نصرت سحر عباسي وچ ۾ ڏند چڪ نه ٿين ته ڄڻ اجلاس ئي نه ٿيو!! سنڌ اسيمبلي دوران ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تان وري سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، شهلا …

Read More »

ميرپو بٺورو ۾ درگاهه ميهر شاهه تي چادر چاڙهڻ دوران فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا،ٻه پوليس اهلاڪر گرفتار

ميرپوربٺورو (سنڌ سماءَ چار نيوز) درگاھه ميهر شاهه تي چادر چاڙهڻ واري تقريب دوران پوليس ۽ زائرين ۾ جهيڙي دوران پوليس جي فا مبينا فائرنگ ۾ 2 زائرين مارجي ويا، ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کي معطل ڪري الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن کي گرفتار …

Read More »