Thursday , January 23 2025

Asghar Azad

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن ڪيس مان فريا ٽالپر جو نالو خارج ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي ترقياتي فنڊز ۾ ڪرپشن واري ڪيس مان پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر جو نالو خارج ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي،عدالت سنڌ حڪومت پاران جمع ڪرايل جواب تي به بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو آهي ته ڪنهن …

Read More »

فيض گنج: سڱاوتي تڪرار تان بي رحم ڀاءُ جو ڀيڻ تي تشدد

فيض گنج ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڀاءُ پاران ڀيڻ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ڳوٺ علي مراد خاصخيلي جي رهواسين ضمير خاصخيلي، مانجهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سڱاوتي تڪرار تان جوابدار غلام مصطفي پنهنجي …

Read More »

فيض گنج: پيرسن ڳوٺاڻي جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو

فيض گنج ۾ ڪوٽ لالو واسي پيرسن ڊي ايس پي جي مبينا زيادتين ۽ زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو آهي. ڳوٺ ڏاتر ڏنو خاصخيلي جي رهواسي پيرسن خان محمد خاصخيلي ڪي ٽي اين نيوز آفيس پهچي دانهيو ته سندس حصي جي 2 ايڪڙ زمين ۽ گهر تي سڳن ڀائرن …

Read More »

سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران 1991 واري پاڻي ٺاهه تهي ان جي روح مطابق عمل ڪرڻ جو مطالبو، سنڌ کي ڀڙڀانگ ٿيڻ کان بچايو وڃي:پ پ ، متحده، ن ليگ ۽ ف ليگ ميمبرز

سنڌ اسيمبلي جي جمعي ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي خيرالنساءِ مغل پاران  1991 واري پاڻي ٺاهه تي مڪمل عمل ڪرائڻ ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ واري معاملي تي بحث لاءِ پيشڪل ڄهراءِ تي بحث ڪيو ويو. سنڌي اسيمبلي جي پ پ فنڪشنل …

Read More »

آدم شماريءَ ۾ سنڌين کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو – سلطانه وقاصي

آدم شماريءَ ۾ سنڌين کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو – سلطانه وقاصي پندرهين مارچ کان سنڌ ۾ آدمشماري ۽ گهر شماري شروع ٿي رهي آهي. هن آدمشماريءَ جي ڳڻپ ۾ سنڌي ماڻهوءَ جي مستقبل جو دارومدار آهي. هن آدمشماري جي حساب سان اسيمبلين جا تڪ ٺاهيا ويندا، قومي ۽ …

Read More »

راڻي ڏيکاري گولو هڻي ويا….!

…راڻي ڏيکاري گولو هڻي ويا   نثار کوکر ائين ته هر موڙ تي اوهان کي اهڙا ماڻهو اڪثر ملي ويندا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ماڻهو کي ڪو نه ڪو ڏٽو ڏئي ويندا آهن، پر جڏهن کان مجيب عربستاني جو اهو تڪيه ڪلام ٻڌو اٿم ته، ”سائين همراهه راڻي ڏيکاري، گولو …

Read More »

ٽرمپ جا ايگزيڪيٽو آرڊر ۽ اوباما جون ڇڏيل روايتون – آصف جيلاني

ٽرمپ جا ايگزيڪيٽو آرڊر ۽ اوباما جون ڇڏيل روايتون – آصف جيلاني   آمريڪي صدر اوباما جي رخصتيءَ کان پوءِ جيئن ئي ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس پهتو آهي، تيئن هن پنهنجي اليڪشني واعدن جي پورائي لاءِ پنهنجا ايگزيڪيوٽوِ آرڊر جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. شروعاتي طور تي 7 مسلمان ملڪن …

Read More »

واھَرو ويرِي ٿئي تہ پوءَ ڇا ڪجي؟ – دلشاد ڀٽو

واھَرو ويرِي ٿئي تہ پوءَ ڇا ڪجي؟ ھي 21ھين صدي جي شروعات وارو زمانو آھي.جڏھن سنڌ جي قومپرستن ۽ آزادي پسندن کي شوق جاڳيو تہ ڇو ڪراچي ۾ سنڌين کي آباد ڪجي.ان کانسواءِ آزادي انقلاب.عزت،آجپي ۽ خوشحالي جي حاصلات واري جدوجھد کي تيز ڪرڻ لاءَ پارٽي فنڊن کي وڌائجي.ان سلسلي …

Read More »

گوجرانوالا: مشرف پاڪستان جو ستياناس ۽ آصف زرداري سوا ستياناس ڪيو، ن ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڪراچي مقتل گاهه ۽ ۽ باقي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم هو: خواجا سعد رفيق

گوجرانوالا: وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پيپلزپارٽي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پرويز مشرف پاڪستان جو ستياناس ۽ آصف زرداري سوا ستياناس ڪيو، نوازليگ جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڪراچي مقتل گاهه بڻيل هو ۽ باقي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم هو، هڪ زرداريءَ جي ڀٽو ٿيڻ …

Read More »

سانگهڙ: نياڻين کي والدين جي ملڪيتن مان سندن حصو ڏنو وڃي: پيرپاڳارو

سانگهڙ: حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته بزرگن جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ ملڪيتن مان نياڻين کي حصو نٿو ڏنو وڃي، سنڌ ۾ نياڻين کي تعليم سميت ٻيا سمورا حق ملڻ گهرجن. سانگهڙ ۾ هزارين مريدن کي خطاب ڪندي پير پاڳاري جو …

Read More »