Wednesday , January 22 2025

سکر ڊويزن

گهوٽڪي: پنجاب مان سنڌ شڪار لاءِ آيل 4 ڄڻا اغوا

گهوٽڪي(زوهيب ڪمال پٺاڻ) پنجاب مان گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ تِتِرَن جو شڪار ڪرڻ لاءِ آيل چئن ڄڻن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن. پوليس اڃا تائين ڪيس به داخل ناهي ڪيو. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب شڪار لاءِ آيل چئني ڄڻن لاڳاپيل اختيارين کان ڪا به اجازت …

Read More »

راڻيپور: درگاهه صوفي بزرگ پير آريبھڻ جو ٽن ڏينهن وارو ساليانو جاري

راڻيپور (شيرمحمدسولنگي) راڻيپور ڀرسان قديمي درگاه صوفي بزرگ پير آريبھڻ جو ٽي روزه سالياني عرس جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون شروع ٿي ويو آهن، جنهن  ۾ سڄي سنڌ مان عقيدتمندن جي آمدم جو سلسلو به جاري آهي. نظير احمد ڄامڙو ھزارين مريدن، عقيدتمندن ۽ علائقي واسين سان گڏجي ريلي جي …

Read More »

راڻيپور: ڀيلار ڳوٺ جي رهواسين جوپبلڪ ھيلٿ کاتي ۾ ڪرپشن خلاف ٻئي ڏينھن به احتجاج، بک هڙتال

راڻيپور(شيرمحمدسولنگي) پبلڪ هيلٿ اننيئرنگ کاتي ۾ ڪرپشن خلاف ڳوٺ ڀيلار جي رهواسي جي احتجاجي تحريڪ جاري آهي، ڳوٺاڻن پاران ڪرپشن ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف قومي شاھراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري، علامتي بک هڙتال ڪئي. ڳوٺاڻن محمد ايوب سھتو، واليڏنو صديقي، فرزند علي سھتو۽ عارف علي ڀيلار جي …

Read More »

اچيورس ويلفيئر آگنائزيشن تعليمي ميدان ۾ بهتر ڪم ڪري رهي آهي- تعليمي ماهر ۽ سڄاڻ شخصيتون

راڻيپور ( شير محمد سولنگي) راڻيپور جي انٽرنيشنل پريس ڪلب آڏو اچيورس ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ھڪ تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو ، جنھن کي عثمان عمر ، عبدالله، شير محمد سولنگي ،ربنواز راز،سيد زوار شاھ،  گلڻ ڄامڙو، محمد رمضان عباسي، ديدار عباسي، واليڏنو صديقي، عطا رسول ڄامڙو، ۽ قاسم ملڪ …

Read More »

راڻيپور: سنڌي ادبي سنگت جي نئين چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو

راڻيپور(شير محمد سولنگي) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي نئين چونڊيل مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي چيو آھي ته ادبي سنگت ۽ سنڌي ٻولي اسان جو محور آھي مون سان گڏ چونڊجي آيل ٻيا چار ميمبر منھنجو حصو آھن ھن اھڙن خيالن جو اظھار راڻيپور ۾ انٽرنيشنل پريس ڪلب پاران سندس …

Read More »

راڻيپور۾ بدامني جو راڄ، 24 ڪلاڪن دوران 5 وارداتون، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

راڻيپو ( شيرمحمدسولنگي) راڻيپور شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، علائقي واسين پاران ايس ايس پي سميت لاڳاپيل عملدارن کي دانهڻ باوجود ڏوهارين خللاف ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي. سچل ڪاليج ڀرسان 3 ھٿيار بند چوري جي ارادي سان برڪت آرائين جي گھر …

Read More »

ڪنڌڪوٽ: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پابندي باوجود صوبائي وزير ۽ ايم اين اي جي سرپئنچي ۾ جرڳو

ڪنڌڪوٽ جي محمداڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڀڄي کوسن وٽ پناهه وٺڻ تان کوسن ۽ محمداڻين جي ٻن ڌرين ۾ 4 سال اڳ شروع ٿيل جهيڙي ۾ 6 ماڻهن جي مارجڻ واري مامري جو صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ۽ پ پ ايم اين اي شبير …

Read More »

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: آغا مسيح

شڪارپور ( راحب شيخ) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اجلاس جنهن جي صدارت چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آغا مسيح الدين خان دراني ۽ نائب چيئرمين امير علي ڪماريو جن جي نگرانيءَ ۾ ٿيو. ڳالهائيندي ڳوٺ پير بدر جي ڪائونسلر چيو ته يوسي ۾ 10 اسڪول آهن، اهي به اڪثر بند رهن ٿا ۽ …

Read More »

جيڪب آباد: مبينا طور اغوا ٿي ويل 2 نينگر ٻه هفتا گذرڻ باوجود ڇڏائجي نه سگهيا، وارثن ۽ شهرين جو احتجاج جاري

جيڪب آباد شهر مان ٻه هفتا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن دوستن 15 سالن جي محمد عمر پٽ آفتاب قريشي ۽ 15 ورهين جي ٻئي نينگر محمد اويس پٽ سعيد سيال جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي کي اغوا ڪيو ويو آهي. جيڪب آباد ۾ سياسي، سماجي، …

Read More »

روهڙي ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن شادي جي ڪاڄ تي حملو، گهوٽ جو پيءُ مارجي ويو.

روهڙي ڀرسان ڳوٺ درگاهي ۾ هٿياربندن پوليس اهلڪار جي پٽ جي شادي واري ڪاڄ تي حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ جو پيءُ پوليس جو اي ايس آءِ صوبو خان ورياهه ٿڏي تي مارجي ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل صوبي خان ورياهه پٽ …

Read More »