مقامي خبرون

رتوديرو ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار، 2 ڄڻا مارجي ويا

رتوديرو (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) رتوديرو ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري زمين تي ڪم ڪندڙ ٻن سڳن ڀائرن کان حياتيون کسي گرفتاري جي ڊڄ کان ڀڄي ويا. شهداد ڪوٽ باءِ پاس تي 2 سڳا ڀائر سرفراز ۽ فقير پٽ احمد علي جوڻيجو پنهنجي زمين ۾ ڪم ڪري رهيا هئا ته اڻسڃاتل هٿياربندن …

Read More »

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارنهن تڪرار ٻن زندگين جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا

ڪنڌڪوٽ ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ ٻن زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پولي واقعي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڪي به داخل …

Read More »

آبپاشي کاتي خيرپور جي 50 ڪروڙ جا ٺيڪا من پسند ٺيڪدارن حوالي

خيرپور( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) خيرپور ۾ آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران ٺيڪيدران کي ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪرڻ ۽ من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ٺيڪيدارن محسن مهر، بهادر علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو …

Read More »

پ پ جو هڪ يوسي ناظم شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي گهرن ۾ ڪاهي پيو، پوليس اسپتال داخل ڪرائي ڇڏيس

سلام ڪوٽ ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ اسلام ڪوٽ جي يونين ڪائونسل ڪهڙي جو چيئرمين نشي ۾ ڌت ٿي غريب ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙي پيو. پوليس يو سي ناظم کي بيهوشي جي حالت ۾ سوگهو ڪري اسپتال داخل ڪري ڇڏيو آهي. سندس …

Read More »

ڏهرڪي ۾ نينگر جي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ جو ڪيس ٽي ايم او خلاف داخل

گهوٽڪي(سنڌسماءَچار نيوز) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي حڪم تي نينگر جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ جو ڪيس ٽي ايم او خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ گهران شئي وٺڻ لاءِ ويل معصوم نينگر ڪشور ڪمار کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو. جنهن جو لاش …

Read More »

خوراڪ کاتي جو ڪرپشن ۾ ملوث مفرور رٽائرڊ ڪامورو گرفتار

سکر( سنڌ سماءَچار نيوز) اينٽي ڪرپشن ٽيم سکر ۾ ڪارروائي ڪري خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس جي مفرور جوابدار اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر محمد حنيف سومرو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته، حنيف سومرو ڪرپشن ڪيس ۾ مفرورو هو کيس ڳجهي …

Read More »

پبلڪ هيلٿ خيرپور جي آفيسرز کي ڇڏيو ويو ته اُهي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا:سنڌهاءِ ڪورٽ

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سميت ٻين کاتن جي عملدارن جي ڪارڪردگي نيب رپورٽس ۾ ظاهر آهي، هاڻي جيڪڏهن انهن کي ڇڏي ڏنو ته اڳتي هلي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خيرپور ضلعي …

Read More »

ملير جي الياس ڳوٺ همراهه زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏي

ملير( سنڌسماءَچار نيوز) ملير ۾ جوابدار گهرو اڻبڻت تان زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ سندس 5 ورهين جي ڌيءُ زخمي ٿي پئي آهي. الياس ڳوٺ ۾ علي نالي شخص، گهرو اڻبڻت تان زال سريه ۽ 15 ورهين جي ڌيءُ عائشه کي …

Read More »

ڳڙهي خيرو جي جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 عورتن سميت 3 ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا

ڳڙهي خيرو ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڳڙهي خيرو ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪَرُ کنيو آهي، ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 3 ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ڳڙهي خيرو …

Read More »

صوبائي وزير امداد پتافي جو کاتو ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي ويو،%54.05 طور مشهوري ماڻي ورتي

ڪراچي ( اصغر آزاد- سنڌ سماءَ چار) اڳوڻي صوبائي  وزير شرجيل ميمڻ انتهائي اعتماد واري دوست امداد پتافي جي ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن کاتو ساڍا 54 سيڪڙو ڪميشن طور م مشهور ٿي ويو آهي. سنڌ جي ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن کاتي جي ٺيڪيدارن 54.05%  سيڪڙو ڪميشن ڀرڻ بعد 46.05% سيڪڙو رقم مان …

Read More »