سنڌ

پيپلزپارٽي پاران آغا سراج دراني جي گرفتاري خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي سنڌ، اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ٿيڻ ۽ سندس گهر تي ڇاپي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نثار کهڙو ۽ شهلا رضا چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ سکر ۽ حيدر آباد ڊويزن جي ضلعن ۾ …

Read More »

خيرپور ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا، پيپلزپارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي اهم اڳواڻن ۾ ڦڙڦوٽ

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) خيرپور جي ناري ۽ ڪوٽڏيجي تعلقن ۾ ٻيلي کاتي سميت مختلف سرڪاري کاتن جي زمينن تي قبضن، غير قانوني ليز ۽ کاتن ۾ هيراڦيري ڪري بااثر ماڻهن جي نالن تي کاتا چاڙهڻ وارن معاملن بابت سنڌسماءَچار پاران  مختلف وقتن تي نيوز اسٽوريز هلائڻ ۽ مسلسل انهن خبرن …

Read More »

ڪراچي پوليس جو شڪي مقابلي دوران شاگردياڻي به مارجي وئي

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي پوليس جو هڪ وڌيڪ شڪي مقابلو سامهون اچي ويو آهي، نارٿ ناظم آباد جي انڊا موڙ ڀرسان مبينا ڦورن سان مقابلي  دوران فائرنگ ۾ شاگردياڻي مارجي وئي، پوليس جي دعويٰ موجب مقابلي دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ شاگردياڻي نمره زخمي ٿي پئي جيڪا علاج دوران فوت ٿي …

Read More »

اسپيڪر آغا سراج دراني جي گهر تي ڇاپي دوران پيرڳارو به مدد نه ڪري سگهيو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني جي گهر تي نيب جي ڇاپي بابت معلوم ٿيو آهي ته ڪارروائي دوران فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي جو سربراهه پيرپاڳارو به سراج دراني جي گهر ڀاتين جي مدد نه ڪري سگهيو …

Read More »

ڪراچي ۾ ڪوئيٽا واسي 5 معصوم ٻارڙاحياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ هڪ هوٽل تي مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 5 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا آهن. ڪراچي جي صدر ۾ هڪ مشهور هوٽل تان مبينا طور زهريلي ماني کائيندڙ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا …

Read More »

ڊاڪٽر عاصم حسين جي اوچتو طبعيت خراب ٿي وئي

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي اوچتو طبعيت خراب ٿي وئي آهي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، عدالت کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن …

Read More »

نيب جو آغا سراج جي گهر تي ڇاپو،6ڪلاڪن تائين جهڙتي اهم دستاويز هٿ

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد  سننڌسماءَچار) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي اسلام آباد ۾ نيب هٿان گرفتاري کانپوءِ سندس ڪراچي واري گهر تي نيب جي ٽيم ڇاپو هڻي گهر جي جهڙتي ورتي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جهڙتي دوران اهم دستاويز، ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ پاڻ سان کڻي ويا، ذريعن …

Read More »

اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني 3 ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اسلام آباد جي احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي گرفتار ڪيل اسپيڪر آغا سراج دراني کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نيب اختيارين ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اسلام آباد جي …

Read More »

نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتارڪري ورتو

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) نيب ڪراچي جي ٽيم سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني جو  راهداري رمانڊ وٺي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو. نيب ترجمان پاران جاري ڪيل مختصر …

Read More »

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس: نظرثاني جون سموريون درخواستون رد

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني لاءِ آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر،انور مجيد، مردعلي شاهه ۽ سنڌ حڪومت سميت نائين جنوري وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت داخل نظرثاني واريون 9 درخواستون رد ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ ۾ …

Read More »