Monday , December 23 2024

سنڌ

جي آءِ ٽي رپورٽ: آصف زرداري پاران 26 ڊسمبر تي اهم اعلان ڪندو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) آصف زرداري جي آءِ ٽي جي رپورٽ بابت 26 هين ڊسمبر تي نئونديرو هائوس ۾ ايندڙ لائحه عمل بابت فيصلو ڪندو، 27هين ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي واري جلسي4 ۾ اعلان ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز …

Read More »

اومني گروپ ۽ زرداري گروپ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ جا ذميوا آهن: جي آءِ ٽي رپورٽ

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ زرداري گروپ آف ڪمپنيز، اومني گروپ ۽ بحريا ٽائون گروپ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ سمورن جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي سندن ملڪيت منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت ڌرين …

Read More »

سسئي ٽول پلازا وٽ اي اين ايف جي ڪارروائي،ڏيڍ مڻ آفيم هٿ

ملير( رپورٽر    سنڌسماءَچار)  ملير ويجهو اينٽي نارڪوٽيڪس فورس ڪارروائي دوران آفيم هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اينٽي نارڪوٽيڪس فورس عملدارن موجب سسئي ٽول پلازه وٽ چيڪنگ دوران  ڪار مان 100 ڪلو گرام آفيم هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي. اينٽي نارڪوٽيڪس فورس …

Read More »

پيپلز  پارٽي 26 ڊسمبر تي اجلاس سڏائي ورتو، اهم فيصلن جو امڪان

پ پ 26 ڊسمبر تي اجلاس سڏائي ورتو،بيگم صنم ڀٽو،ليڊيز ونگ،يوٿ ۽ پي ايس ايف کي سرگرم ڪرڻ تي به غور ڪيو ويندو ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي کان هڪ ڏينهن اڳ پارٽي جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس آصف زرداري ۽ بلاول …

Read More »

سيد قائم علي شاهه جو به نيب ۾ کاتو کُلي ويو

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شاهه جو به نيب ۾ کاتو کُلي ويو آهي، نيب کيس نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. قائم علي شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته، …

Read More »

مان گهٻرائڻ وارو ناهيان،27ڊسمبر تي ثابت ٿيندو پ پ ختم ناهي ٿي:آصف زرداري

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ”اسان 27 هين ڊسمبر تي ثابت ڪنداسين ته پيپلز پارٽي کي نه ته ڪو ختم ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪوئي ان کي ختم ڪري سگهندو، منهنجي خلاف الزام ڪوڙا آهن“، اهو چوڻ آهي اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداريءَ جو، هن …

Read More »

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عارضي ضمانت ۾ ٻن هفتن جي واڌ

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي  بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ عدالت آڏو پيش، عدالت ٻنهي ڄڻن جي عارضي ضمانت ۾ ستين جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.  آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جمعي ڏينهن صبح جوساڍي اٺين وڳي بئنڪنگ ڪورٽ ڪراچي …

Read More »

مني لانڊرنگ جي آءِ ٽي:20 ڪامورا،15 ٺيڪدار ۽ سياستدانن جا نالا شامل؟؟

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) جعلي اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي مني لانڊرنگ واري ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي  رپورٽ ۾ سنڌ حڪومت جا بااثر ڪامورا، سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جي ٺيڪيدارن ۽ واپارين جا نالا به شامل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مني لانڊرنگ ڪيس جي …

Read More »

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس: بلاول هائوس جي ڀرپاسي ۾ 46 ملڪيتون خريدڻ جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقمن جي غير قانوني ڏيتي ليتي توڙي مني لانڊرنگ جي جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم(جي آءِ ٽي) پنهنجي جاچ مڪمل ڪري سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، مني لانڊرنگ ذريعي حاصل رقمن مان ڪلفٽن ۾ گهڻ ماڙ ٽاور ۽ بلاول …

Read More »

سنڌ ۾ ڪرپشن، 100 ڪامورا ۽ عملدار گرفتار ٿيندا

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي چيف سيڪريٽري اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي ون جي اجلاس دوران ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل 100 کان وڌيڪ ڪامورن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لائيو اسٽاڪ، روينيو، مڪاني ادارن، ڪچي آبادي ۽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني …

Read More »