گهوٽڪي(سنڌسماءَچار نيوز) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي حڪم تي نينگر جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ جو ڪيس ٽي ايم او خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ گهران شئي وٺڻ لاءِ ويل معصوم نينگر ڪشور ڪمار کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو. جنهن جو لاش …
Read More »سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو/سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري
ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ ن وشهرو فيروز ۾ زرعي زمين جا کاتا تبديل ڪرڻ واري ڪيس ۾ سينئر ميبر بورڊ آف روينيو/سيڪريٽري جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نوشهروفيروز واسي اخلاق احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران …
Read More »ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ شگرملز چالو ڪرڻ ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو
ڪراچي( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ شگرملز ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ چالو ڪري ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ معاملو شگرملز مالڪن جي مرضي تي ڇڏڻ جو فيصلو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ شگر ملز چالو نه ڪرڻ واري سنڌ حڪومت ۽ ملزمالڪن جي ڳٺ جوڙ منظر تي …
Read More »لاجواب سنڌ حڪومت، بي مثال صحت کاتو، ايل ايڇ وي جو مڙهه کڻڻ لاءِ ايمبولينس به نه ملي
مهتاب سمون جو مڙھ ڊاٽسن ۾ نيو پيو وڃي (سنڌسماءَچار فوٽو) شڪارپور ( سنڌ سماءَ چار نيوز ) سنڌ حڪومت جنهن لاءِ ڪجهه هفتا اڳ صوبائي وزير منظور وساڻ چيو هو ته ” سنڌ سرڪار يورپ جي طرز تي ڪم ڪري رهي آهي، جيترا ترقياتي ڪم سنڌ ۾ ٿين ٿا …
Read More »مدئجي جي جوڻيجا برادري جي چئن ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو، 16 خونن جو هڪ ڪروڙ 70لک رپيا ڏنڊ مقرر
مدئجي(سنڌسماءَچار نيوز) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا برادري جي چئن ڌرين وچ ۾زمين جي مالڪيءَ تان ستن سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳي ذريعي نبيرو ڪيو ويو. ايم اين اي غوث بخش مهر ۽ محمد خان جوڻيجو جي سرپئنچي هيٺ ٿيل جرڳي ۾ چئني ڌرين تي 16 …
Read More »گهوٽڪي ضلعي ۾ پوليس جي ڀرتين ۾ بي ضابطگين سبب رهجي ويل اميدوارن کان ٻيهر انٽرويو ورتا وڃن:سنڌهاءِ ڪورٽ
سکر ( بيورو رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2014-15 دوران گهوٽڪي ضلعي ۾ پوليس جي سپاهين جي نوڪرين ۾ٿيل بيضابتگين سبب ڀرتين کان رهجي ويل اميدوارن کان ٻيهر انٽرويو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته 150 اميدوارن کان 18 ۽ 19 …
Read More »سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهه زيب جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي آيل موت جون سزائون معطل ڪري ڇڏيون
ڪراچي ( اصغر آزاد سنڌ سماءَچار ) سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت شاهزيب قتل ڪيس ۾ جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي ٻڌايل موت واري سزا ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس جي ڪارروائي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي …
Read More »سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران غير قانوني پرڏيهين کي شريت خلاف 9 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ مرحليوار تحريڪ جو اعلان
ڪراچي (آفاق ڀٽي چيف رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ايس يو پي ۽ جسقم سميت قومپرست پارتين پاران، سنڌ ۾ غير قانوني طريقي سان آباد پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حيدر منزل تي سيد جلال محمود شاهه جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس …
Read More »خوراڪ کاتي جو ڪرپشن ۾ ملوث مفرور رٽائرڊ ڪامورو گرفتار
سکر( سنڌ سماءَچار نيوز) اينٽي ڪرپشن ٽيم سکر ۾ ڪارروائي ڪري خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس جي مفرور جوابدار اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر محمد حنيف سومرو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته، حنيف سومرو ڪرپشن ڪيس ۾ مفرورو هو کيس ڳجهي …
Read More »نوري آباد ويجهو ويگن ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، 8 ڄڻا فوت
حيدرآباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نوري آباد ڀرسان ڪراچي کان نوشهروفيروز ويندڙ مسافر ويگن ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 مسافر فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال داخل ڪيو ويو. ڪراچي کان نوشهرو فيروز ويندڙ مسافر ويگن تيز رفتاري …
Read More »