Thursday , January 23 2025

سنڌ

حڪومت ۾ اچڻ بعد شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل عوام آڏو وائکا ڪندس:پيرپاڳارو–جنهن وٽ چيچڙو به نه هو،16شگرملز جو مالڪ ڪيئن بڻيو؟ مرتضيٰ جتوئي

سکر (خصوصي نمائندو سنڌسماءَچار) جي ڊي اي پاران ايندڙ عام چونڊن کان اڳ پهريون ڀيرو سياسي طاقت جو مظاهرو، فنڪشنل ليگ ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پير پاڳاري پاران حڪومت ۾ اچڻ بعد شهيد بينظير ڀٽو جي قاتل ۽ ان بعد سندس ويجهن ساٿين جي قاتلن کي عوام آڏو …

Read More »

مذهبي ٽولين پاران ڪراچي شهر ۾ 10 کان وڌيڪ هنڌن تي ڌرڻا،عوام آزار ۾، ڪنهن جي ڪن تي جونءَ نه چُري

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) ڇنڇر واري ڏينهن اسلام آباد مذهبي جماعتن جي مختلف ٽولين جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيل آپريشن بعد شروع ٿيل غيريقيني واري صورتحال عام شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. آپريشن ڌرڻو ختم نه ٿي سگهيو پر اسلام آباد کانپوءِ ڪراچي، لاڙڪاڻو، راولپنڊي ۽ فيصل آباد سميت …

Read More »

احتساب عدالت مڪاني ادارن واري کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خلاف ڪرپشن ريفرنس جو چالان منظور ڪري ورتو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) نيب پاران مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف ڪرپشن جي سپليمينٽري ريفرنس جو چالان خلاف درخواست رد ڪندي چالان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. احتساب عدالت ڪراچي ۾ مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ  خلاف غير قانوني اثاثا …

Read More »

نيب عملدارن پاران حيدرآباد ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کي يرغمال بڻائي هڪ ڪروڙ رپيا ڀتو گهرڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر    سنڌسماءَچار) نيب اندر به ڪارين رڍن جي موجودگي جو انڪساف ٿيو آهي، نيب ڪراچي جي عملدارن پاران حيدر آباد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر سڪندر ابڙو کي يرغمال بڻائي هڪ ڪروڙ رپيا رشوت گهري وئي، معاملي جي نيب هيڊڪوارٽر پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي. نيب اسلام …

Read More »

پبلڪ هيلٿ خيرپور جي آفيسرز کي ڇڏيو ويو ته اُهي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا:سنڌهاءِ ڪورٽ

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سميت ٻين کاتن جي عملدارن جي ڪارڪردگي نيب رپورٽس ۾ ظاهر آهي، هاڻي جيڪڏهن انهن کي ڇڏي ڏنو ته اڳتي هلي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خيرپور ضلعي …

Read More »

شگر ملاز چالو ڪرايو يا انهن کي عدالتي تحويل ۾ ورتو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

ڪراچي( بيورو چيف سنڌ سماءَ چار) مقرر وقت گذري ويو آهي پر سنڌ ۾ شگر ملز اڃا تائين چالو ناهن ٿي سگهيون عدالت ملز چالو ڪرائڻ جو حڪم ڏئي يا وري شگرملز کي تحويل ۾ ورتو وڃي. اهڙو موقف اختيار ڪيو آهي ويو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل …

Read More »

ملير جي الياس ڳوٺ همراهه زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏي

ملير( سنڌسماءَچار نيوز) ملير ۾ جوابدار گهرو اڻبڻت تان زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ سندس 5 ورهين جي ڌيءُ زخمي ٿي پئي آهي. الياس ڳوٺ ۾ علي نالي شخص، گهرو اڻبڻت تان زال سريه ۽ 15 ورهين جي ڌيءُ عائشه کي …

Read More »

ڳڙهي خيرو جي جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 عورتن سميت 3 ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا

ڳڙهي خيرو ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڳڙهي خيرو ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪَرُ کنيو آهي، ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 3 ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ڳڙهي خيرو …

Read More »

فنڪشنل ليگ جو ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ڪو به اتحاد ناهي: اڪبر شاهه راشدي

لاڙڪاڻو ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ سيد اڪبر حسين شاهه راشدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته متحده سان الائنس ناهي ۽ هو پنهنجو موقف تبديل ڪري قومي سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين متحده ۽ پي ايس پي …

Read More »

شڪارپور مان 5 سال اڳ اغوا ٿيل نئونديرو واسڻ ناري بازياب نه ٿي،وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(رپورٽر سنڌ سماءَ چار) شڪارپور جي گلشن حيدر مان 5 سال اڳ اغوا ڪيل نوجوان ناري کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، وارثن نئون ديرو ۾ نياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پوليس نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. نئين ديري جي ڳوٺ مور …

Read More »