Wednesday , January 22 2025

سنڌ

نوشهروفيروز: صحافين خلاف رڻ ٻاريندڙ پوليس عدالتي حڪم کي ردي جو ڪاڳر سمجهي اڇلائي ڇڏيو، قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب

ڪجھ هفتا اڳ پوليس ڀريا سٽي واري علائقي ۾ هٿ ٺوڪئي مقابلو ڄاڻائي شاگرد کي مارڻ جو ڪيس عدالتي حڪم باوجود داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.  ڀريا پوليس، نوشهرو فيروز ضلعي جي ايڊيشنل سيشن جج عنايت الله ڀٽو جي عدالت پاران حڪم جاري ڪيو ويو هو ته، …

Read More »

آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ حڪومت جا اختلاف، سنڌ سرڪار هڪ قدم پوئتي هٽي وئي

سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا وچ ۾ هلندڙ اختلافن جيئن جو تيئن برقرار آهن پر، سنڌ حڪومت هڪ قدم پوئتي هٽي وئي آهي. گذريل اڱاري واري ڏينهن ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾، واضع طور تي چيو ويو هو ته، …

Read More »

گهوٽڪي: ايس ايس پي بنگش پوليس تشدد ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي جو خون لوڙهڻ ۾ ڪامياب؟؟

ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش، پوليس تشدد ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي عبدالرزاق لاڙڪ جو خون لوڙهڻ ۽ بااثر جوابدارن کي بچائڻ ۾ نيٺ ڪامياب ٿي ويو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش نوجوان جي قتل واري واقعي ۾ نامزد بااثر جوابدارن افضل مهر، …

Read More »

ڪراچي: سنڌ حڪومت آءِ جي کي اڪيلو ڪرڻ ۾ رڌل، نئون نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا وچ ۾ هلندڙ تڪرار چوٽ چڙهي ويو آهي، سنڌ حڪومت آءِ جي جا اختيار محدود ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ٿي وئي آهي. ڊپٽي سيڪريٽري امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز سميت …

Read More »

پ پ جي شاندار حڪومت جو عاليشان مثال – سکر سول اسپتال عملي پاران عورت جو علاج ڪرڻ بدران خانگي اسپتال جو دڳ ڏيکاري ڇڏيو

شاباش آصف زرداري، خورشيد شاھ ۽ مراد علي شاھ، سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شاندار حڪومت جو هڪ عاليشان مثال سکر ۾ ڏسڻ لاءِ مليو آهي، جتي سول اسپتال جي عملي پاران هڪ غريب عورت جو علاج ڪرڻ بدران کيس ساڳئي اسپتال جي ڊاڪٽر جي خانگي اسپتال …

Read More »

رمضان جو مهينو ايندي ئي سنڌ واسين لاءِ حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ زندگي عذاب بڻائي ڇڏي، بجلي جي بندش زور وٺي وئي

سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي دوران رمضان المبارڪ جي ٽئين صحري به اونداهي ۾ ڪئي، ٽيون روزو به بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ قهر جي گرمي ۾ گذاريو پيو وڃي. روزيدارن سميت عام شهري ڏچي هيٺ، بجلي تي هلندڙ ڪاروبار ۽ صنعتون متاثر، 7 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ بيهوش، مختلف شهرن …

Read More »

بااثر سياسي شخص جي ڌيءُ جي مقرري وارو مامرو، جناح اسپتال جي 5 سينئر ڊاڪٽرياڻين پاران استعيفيٰ جو فيصلو:ذريعا

ڪراچي: سنڌ جي هڪ انتهائي بااثر شخصيت جي ڌيءُ ڊاڪٽرياڻي جي جناح اسپتال ڪراچي ۾ مقرري وآري فيصلي خلاف، سينئر ڊاڪٽرياڻين احتجاجن استعيٰ ڏيڻ  جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جناح اسپتال جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب، اسپتال جي گائني وارڊ جي سينئر ڊاڪٽرياڻين جن ۾ ، ڊاڪٽر پروفيسر شيرين ڀٽو، …

Read More »

خان پور: ٻن ڌرين ۾ جهيڙي 3 انساني جانيون ڳڙڪائي ورتيون، پوليس تماشائي بڻيل

خانپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار تان 3 ڄڻا قتل ۽ فائرنگ ۾ عورت ۽ واٽهڙو سميت 13 ماڻهو زخمي ٿي پيا، پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پوليس 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود مامري جو ڪيس داخل ڪرڻ کان …

Read More »

سجاول: سول اسپتال ۾ بيمار ناري جو 6 ڪلاڪن تائين علاج نه ٿيو، تڙپي تڙپي مري وئي

سول اسپتال سجاول ۾ علاج لاءِ آندل 20 سالن جي نوجوان ناري 6 ڪلاڪن تائين اسپتال اندر تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، ڊاڪٽرن کيس هڪ گوري به نه ڏني، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، نعريبازي، ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس نه ڏني وئي، فوت ٿيڻ بعد ڊاڪٽرن کيس ايمبولينس ڏئي …

Read More »

ڪراچي: ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ جي پگهار ۽ ٻين مالي فائدن ۾ واڌ، 7 بدران 18 لک معاوضو مقرر، اي جي سنڌ ڪار بدران پراڊو استعمال ڪندو

سنڌ سرڪار ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي پگهار ۽ ٻين مالي مراعتن/ فاعدن ۾ هڪدم واڌ ڪري ڇڏي آهي. اي جي سنڌ جي پگهار ۽ ٻيا مالي فائدا 7 لک رپين مان وڌائي 18 لک رپيا ماهوار ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي ايڊووڪيٽ جنرل، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل …

Read More »