لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردياڻي جي داعش ۾ شامل ٿي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان ٻه مهينا اڳ پراسرار طور نموني گم ٿي ويل شاگردياڻي نورين،هڪ ڇوڪري جي فيس بوڪ آءِ ڊي تي پنهنجي ڀاءُ کي ميسيج موڪلي چيو آهي ته هوءَ زنده آهي …
Read More »سنڌ سرڪار پاران نساسڪ بند ڪرڻ جو فيصلو، سپريم ڪورٽ پاران رپئي رپئي جو حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو
سپريم ڪورٽ نساسڪ جي قيام کان مارچ 2017 تائين جاري ڪيل سمورن فنڊز جي چارٽر اڪائونٽنٽس کان فرانزڪ آڊٽ ڪرائي ٻن مهينن اندر رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عوام جي پگهر ۽ رت جي پئسي جو …
Read More »ڪراچي:سنڌي آبادين ۾ گهر شماري جا فارم پينسل سان ڀرڻ جو سلسلو جاري، اختياريون خاموش تماشائي بڻيل
ڪراچي جي اڪثريتي سنڌي آبادي وارن علائقن ۾ گهرن جي ڳڻپ واري مرحلي دوران شماريات جو عملو فارم پينسل سان ڀري رهيو آهي، جيڪو مامرو ميڊيا تي اچڻ باوجود شماريت کاتي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. آدمشماري دوران گهرن جي ڳڻپ واري مرحلي ۾ ڪراچي جي سنڌي …
Read More »پڪاچانگ: پيئڻ جي پاڻي واري اسڪيم مان ڪامورن ۽ ڀوتارن جا کيسا ڀريا
پڪاچانگ ۾ ساڍن چئن ڪروڙ رپين جي لاڳت سان قائم ٿيل پيور واٽر فلٽر پلانٽ هڪ ڏينهن به نه هليو، علائقي واسي 2 کان 5 ڪلو ميٽر پري واهن ۽ شاخن تي لڳل مٺي پاڻي جي نلڪن تان پاڻي ڀرڻ تي مجبور، چونڊيل نمائندن کي پٿر واري دور جهڙي حياتي …
Read More »گهرن ۽ گهراڻن جي ڳڻپ وارا فارم پينسل سان ڀرڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي: شماريات کاتو
حبيب الله ترجمان شماريات شماريات کاتي جي ترجمان حيبب الله خٽڪ چيو آهي ته، گهر شماري ۽ گهراڻن جي ڳڻپ واري ڪنهن به مرحلي دوران پينسل سان فارم ڀرڻ جي ڪا به گنجائش يا بهانو قبول نه آهي، پينسل سان فارم ڀرينددڙ عملي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. شماريات کاتي …
Read More »گهمرو صاحب!! اڳي سنڌ جي مسئلن تي آرٽيڪل لکندا هئا، هاڻي اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي: جسٽس فيصل عرب
. سپريم ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ڪوٽڙي ۾ 77 ارب رپين جي لاڳت سان قائم ٿيل گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ وارو ٽريٽ مينٽ پلانٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد وهره جي …
Read More »بون ميرو بيماري ۾ ورتل نوجوان غربت سبب علاج کان لاچار بڻيل
بون ميرو بيماري ۾ ورتل نوجوان غربت سبب علاج کان لاچار بڻيل سوڀو ديرو واسي پورهيت جو اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پٽ نويد سهتو بون ميرو جي بيماري ۾ وٺجي ويو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته هُو غربت سبب مهانگو علاج ڪرائڻ کان لاچار بڻيل آهن. سوڀوديرو جي ڳوٺ …
Read More »سنڌ حڪومت ڄام صادق جي پرنسپل اسسٽنٽ تي مهربان، سپريم ڪورٽ کي ڪاوڙ
سپريم ڪورٽ ٿر ڪول اٿارٽي ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، عدالت اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق جي پرنسپل اسسٽنٽ جي ڊي جي ٿر ڪول اٿارٽي طور مقرري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن بعد سنڌ حڪومت ڊي جي ٿرڪول کي عهدي تان هٽائي …
Read More »آدمشماري لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ٻيا دستاويز به قبول ڪيا ويندا: اسحاق ڊار
ناڻي واري وفاقي اسحاق ڊار سنڌ جي وڏي وزير پاران آدمشماري بابت لکيل خط جو ڏيندي چيو ته آدمشماري دوران رڳو سڃاڻپ ڪارڊ ضروري ناهي ٻيا دستاويز ڏيکاري پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪري سگهجي ٿي. گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ناڻي واري وفاقي اسحاق ڊار کي خط …
Read More »نواز ليگ به سنڌ ۾ دمادم مست قلندر جو اعلان ڪري ڇڏيو..!!
وزيراعظم نوازشريف ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم گورنر هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن سان گجاڻي دوران کين هدايت ڪئي آهي ته اُهي سڄي سنڌ ۾ وڃي عوامي رابطا مهم هلائي چونڊن جي ڀرپور تياري شروع ڪن. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت …
Read More »