Thursday , January 23 2025

سنڌ

ڀارت ۽ پاڪستان جي پاڻي تي جهيڙي جو نقصان به سنڌ کي ڀوڳڻو پوندو: پاڻي ماهر

نامياري پاڻي ماهر اي اين جي عباسي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي مان گريٽر ٿل ڪئنال بابت منظور ڪيل ٺهراءُ جي سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ حڪومت پاران سٺي نموني پوئواري نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ايڪنيڪ سميت وفاقي حڪومت ۽ ان جي ٻين ادارن  سنڌ کي نقصان پهچايو، جنهن ۾ …

Read More »

دهشتگرد سنڌ ۾غربت جو فائدو وٺي سهولتڪار خريد ڪن ٿا:آغا سراج دراني

  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سنڌ ۾ غربت جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته، افغانستان ۽ ٻين علائقن جا دهشتگرد غربت جو فائدو وٺي ڏوڪڙن عيوض سهولتڪار خريد ڪندا آهن. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دران اهڙو اظهار نئين ديري پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي …

Read More »

سکر ميونسپل جي آمدني 80 هزار ۽ خرچ 3ڪروڙن کان وڌيڪ..؟؟

سنڌهاءِڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ميونسپل جي ملازمن طرفان پينشن ۽ پگهارون نه ملڻ واري داخل ڪرايل درخواست تي مڪاني ادارن ۽ ناڻي کاتن جي سيڪريٽرين کي 13 مارچ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي …

Read More »

اسلام آباد: ڇا سنڌ ۾ بادشاهي راڄ آهي؟ هاڻي تماشو بند ڪيو: سپريم ڪورٽ

   سپريم ڪورٽ ٿرڪول اٿارٽي ۾ رٽائرڊ سرڪاري آفيسر کي ڪانٽريڪٽ تي 20هين گريڊ ۾ رکڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي هڪدم چيف انجنيئر محمد علي ميمڻ کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اعليٰ عدالت چيو آهي ته عدالتي فيصلي موجب ڪانٽريڪٽ تي رکيل رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي هڪدم هٽايو …

Read More »

ڪراچي: آدمشماري جو خرچ وڌي 30 ارب رپيا ٿي ويو

وفاقي حڪومت ايندڙ آدمشماري جي سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ آدمشماري لاءِ مختص ڪيل ساڍا 14 ارب رپين جي بجيٽ وڌائي 30 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي، جنهن مان 22.99 ارب رپيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سيڪيورٽي ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ڏنا …

Read More »

سنڌ ۾ آدمشماري، چيف سيڪريٽري جي صدارت ۾ گڏجاڻي

سنڌ جي چييف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ آدمشماري جي انتظامن بابت ٿيل اجلاس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملي جي رهائش، آدمشماري ۾ حصو وٺندڙن کي اچ وڃ جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو، جنهن دوران اهم نقطن تي اتفاق ڪيو ويو. ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري رضوان …

Read More »

سنڌ مان سمورن غير قانوني پرڏيهي کي نيڪالي ڏني وڃي…!!

ڪراچي ۾ جمعيت علماءِ پاڪستان ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ميزباني هيٺ “پرامن سنڌ ۽ پر امن پاڪستان” جي عنوان سان ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس دوران 25 لک افغانين، ايرانين، برمين، بنگالين ۽ ٻين پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي سموري ملڪ ۾ آخري دهشتتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکڻ جو …

Read More »

موهن جي دڙي جا ماڻهو سلجهيل ۽ تعليم ۾ يقين رکندا هئا: گريس شلٽن

امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو آهي ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ تعليم ئي بنيادي ڏاڪو آهي، جنهن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي ممڪن نه آهي. موهن جو دڙو ۽ لاڙڪاني جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي گريس شلٽن چيو ته، موهن جي دڙي جا ماڻهو هزارين ورهيه …

Read More »

مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي سنڌ جو اصل روح آهي، سنڌ جي صوفين جو پيعام درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي:لطيف، سچل ۽ قلندر شهباز جا گادي نشين

سنڌسماءَچار رپورٽ  شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ قلندر لال شهباز جي درگاهن جي گادي نشينن چيو آهي ته، سنڌ مذهبي رواداري، انسان دوستي، پيار ۽ امن جو نرڪز رهي آهي، جنهن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. شاهه عبداليطيف ڀٽائي جي درگاهه جي گادي نشين سيد وقار …

Read More »

ڪراچي: وڏي وزيير ڊي جي رينجرز جي سربراهي ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي الرٽس بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي

وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌراي ۾ چيو ويو آهي ته، وڏي وزير صوبي ۾ امن امان قام رکڻ ۽ سيڪيورٽي الرٽس جاري ٿيڻ بابت هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. …

Read More »