Sunday , December 22 2024

سنڌ

ڪراچي:سنڌ اسيمبلي ٻارن جي اسڪول ۾ داخلا کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري ڪارڊ کي لازمي قرار ڏيڻ ۽ ڪرڪيٽ جي قومي ٽيم ۾ سنڌي رانديگر شامل ڪرڻ جا ٺهرا منظور ڪري ورتا

سنڌ اسيمبلي اسڪولن ۾ داخل لاءِ پوليو ڪارڊ لازمي قرار ڏيڻ، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سنڌ جي رانديگرن کي شامل ڪرڻ ۽ يوٿ تعليمي پاليسي جوڙڻ سميت مختلف ٺهراءَ منظور ڪيا ويا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جي هڪ تعلقي جي سمورن اسڪولن ۾سولر سهولت …

Read More »

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا به ڪراچي شهر کي سنڌ کان الڳ ڪري لکي ڇڏيو، ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، وقتي گورنر به خاموش

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي انتظاميا لاپرواهي ۽ نااهلي جون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، يونيورسٽي ۾ سال 2016 ۽ 2017 جي لاءِ مختلف شعبن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ  وٺڻ لاءِ امتحاني سينٽر تي جيڪو بئنر لڳايو آهي ان ۾، سنڌ کانسواءِ ملڪ جي ٻين صوبن يا …

Read More »

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) آمريڪي سنڌين جي قانوني سهائتا لاءِ نامياري قانوندان امداد سيهڙ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

تازو ئي چونڊجي آيل آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت دنيا جي ستن مختلف ملڪن جي شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي مڙهڻ واري فيصلي ۽ پاڪستان کان ايندڙ مسافرن تي پڻ پابنديون وجهڻ وارن خدشن کي سامهون رکندي سانا پاران آمريڪا ۾ آباد سنڌين جي قانوني …

Read More »

ڪراچي: پوليس آصف زرداري جي دوست انور مجيد آرائين جي آفيس مان هٿيار هٿ اچڻ وارو مامرو، سنڌ پوليس ۽ رينجرز آمهون سامهون ٿي ويا

ڪراچي: پوليس واپاري انور مجيد جي آفيس مان هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪندي جوابدارن جي هٿ اچڻ تائين ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، رينجرز پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ تي اعتراض ڪندي ان کي چيلنج ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي …

Read More »

ڪراچي: واٽر ڪميشن جي ڪارروائي، ڪراچي واٽر بورڊ اينڊ سيوريج پاران رپورٽ ڪميشن ۾ پيش

ڪراچي: واٽر ڪميشن جي ڪارروائي، ، ڪراچي واٽر بورڊ اينڊ سيوريج پاران رپورٽ جمع سنڌ جي شهرن ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال بابت جوڙيل ڪميشن نئين عمارتن جي تعمير بابت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واٽر بورڊ کي ضابطا طئي ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي …

Read More »

ملير: تاريخي چوڪنڊي قبرستان جي زمين تي قبضا، حڪومت ڪو به تحرڪ نه ورتو، علائقي واسين جو احتجاج

  (تاريخي چوڪنڊي قبرستان جون قبرون (سنڌسماءَچار ملير: (رپورٽ عبدالغفار ابڙو) ملير جي تاريخي قبرستان چوڪنڊي جي زمين تي علائقي جي بااثر سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي سان قبضا ٿي رهيا آهن، پر انتظاميا سميت لاڳاپيل اختياريون به خاموش تماشائي بڻيل آهن. قبرستان جي زمين تي وقت بوقت قبضا ٿيڻ جي …

Read More »

ٺري ميرواهه: سوئي گئس ڀرسان خانگي اسڪول تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ٻارڙا زخمي، جوابدار ڀڄي ويا

ٺري ميرواهه (رپورٽ:اسلم شر) ٺري ميرواهه ويجهو سوئي گئس واري علائقي ۾ خانگي اسڪول تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 معصوم شاگرد زخمي ٿي پيا، جن کي اسڪول انتظاميا ۽ علائقي واسين اسپتال کڻي ويا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل شاگردن ۾ شرجيل ۽ فيصل پاڻ ۾ سڳا ڀائر …

Read More »

مهيش ملاڻي پهريون اقليتي ميمبر نه آهي جنهن سنڌ اسيمبلي جي پئنل آف چيئرمين طور اجلاس جي صدارت ڪئي هجي، ان کان اڳ 2002 واري اسيمبلي دوران راجوير سنگهه به صدارت ڪري چڪو آهي

ڪراچي: گذريل جمعي واري ڏينهن  اردو ميڊيا اه خبر بريڪنگ ڪري هلائي ته، ايم پي اي مهيش ملاڻي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون اقليتي ميمبر/ ميمبر پئنل آف چيئرمين طور سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. سمورن قومي ميڊيا جي ٽي وي چئنلز اها خبر وڏي تم تراڪ سان …

Read More »

سنڌ اسيمبلي ۾ نصرت سحر عباسي جذباتي ٿي وئي، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي جمعي ڏينهن واري اجلاس دوران، 1991 واري پاڻي ٺاهه تي بحث دوران ايم پي اي نصرت سحر عباسي بحث دوران جذباتي ٿي وئي. تقرير دوران نصرت سحر عباسي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي يو اين او ۾ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جو حوالو ڏيندي ايجنڊا جون …

Read More »

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن ڪيس مان فريا ٽالپر جو نالو خارج ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي ترقياتي فنڊز ۾ ڪرپشن واري ڪيس مان پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر جو نالو خارج ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي،عدالت سنڌ حڪومت پاران جمع ڪرايل جواب تي به بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو آهي ته ڪنهن …

Read More »