سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ جاري آهي، امداد پتافي ۽ نصرت سحر واري معاملي تي اڄ وڏي لڙ بکيڙي جو امڪان آهي، جڏهن ته نصرت سحر عباسي پاڻ سان گڏ پيٽرول کڻي اسيمبلي پهتي، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن کيس انصاف …
Read More »، نصرت سحر پيٽرول کڻي اسيمبلي پهچي وئي، پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، لڙ بکيڙي جو امڪان
ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ نصرت سحر عباسي، تيمور ٽالپر ۽ امداد پتافي واري معاملي تي وڏي لڙ بکيڙي جو امڪان آهي. نصرت سحر عباسي پاڻ سان گڏ پيٽرول کني اسيمبلي پهچي وئي آهي،سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن امداد پتافي جي ايم پي اي …
Read More »سکر: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ استادن جي ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ جي سوالي پيپر ۾ غلطين جو انڪشاف
سکر: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ استادن جي ڀرتي لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ غلطين جو انڪشاف ٿيو آهي، پروفيسرن ڊاڪٽر غلام سرور ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ورتل ٽيسٽ کي رد ڪري سٺي ساک رکندڙ اداري کان ٻيهر ٽيسٽ ڪرائي وڃي. پروفيسرن ڊاڪٽر غلام سرور ، امير علي چانڊيو، …
Read More »سيوهڻ: چوڌري نثار ناڪام ترين گهرو وزير آهي: مراد علي شاهه
سيوهڻ: سنڌ جَي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چوڌري نثار کي ناڪام گهرو وزير قرار ڏيندي چيو آهي ته چوڌري نثار، نواز شريف جو به خيرخواهه ناهي، پاناماليڪس ڪيس عدالت ۾ آهي ۽ عدالت ئي ان جو فيصلو ڪندي. سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ ننگر خان بروهي ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي وڏي …
Read More »نصرت سحر عباسي سان بدسلوڪي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، معافي وٺڻ جو مطالبو
ڪراچي: فنڪشنل ايم پي اي نصرت سحر عباسي سان صوبائي وزير امداد پتافي ۽ ايم پي اي تيمور ٽالپر پاران نصرت سحر سان بدسلوڪي ڪرڻ خلاف ڪراچي، شهداد ڪوٽ ۽ کپرو ۾ فنڪشنل ليگ ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. ڪراچي پريس ڪلب آڏو فنڪشنل ليگ سان …
Read More »سنڌ سرڪار کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري وارو اختيار کسجي ويو
ڪراچي: هاڻي سنڌ حڪومت چٽاڀيٽي واري اعليٰ امتحان وٺڻ واري اداري جو سربراهه ۽ ان جا ميمبر سڌو مقرر نه ڪري سگهندي. عدالتي حڪم بعد سنڌ سرڪار طرفان پبلڪ سروس ڪميشن ۾ چيئرمين ۽ ميمبرن کي سڌي ريت ڀرتي ڪرڻ وارو طريقيڪار ختم ڪري لاڳاپيل اميدوارن جي ڀرتي بااختيار سليڪشن …
Read More »ڪراچي: امداد پتافي کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن: بلاول- پتافي کي نصرت سحر کان معافي وٺڻي پوندي:بختاور ڀٽو زرداري
ڪراچي:پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري امداد پتافي جي نصرت سحر عباسي سان غير مهذب ٻولي ڳالهائڻ جو نوٽيس وٺندي پ پ پ سنڌ جي صدر کي هدايت ڪئي ته، امداد پتافي کي نوٽيس جاري ڪري کائنس وضاحت ورتي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن بعد پ پ …
Read More »ڪراچي ۾ اغوا بعد جنسي ڏاڍائي بڻايل نينگري واري معاملي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلبسپريم ڪورٽ
ڪراچي: سـُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ٻارڙيءَ سويرا سان زيادتي ۽ ڳلو ڪپڻ واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان 48 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪراچي سول اسپتال جي ايم ايل او پنهنجي شروعاتي رپورٽ ۾ …
Read More »سنڌ اسيمبلي ۾ امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر پاران نصرت عباسي سان غيرمهذب جملا چوڻ تي ايوان جو تقدس پائمال
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران انگريزي ۾ سوال پڙهڻ واري معاملي تي صوبائي وزير امداد پتافي ۽ فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، امدادي پتافي پاران چيمبر ۾ گهرائڻ واري جملي تي نصرت سحر عباسي سخت احتجاج ڪيو، وقتي …
Read More »ڪوٽڙي: واڌو واهه ۾ گندي پاڻي جي ڇوڙ کي 10 ڏينهن اندر بند ڪيو وڃي:جسٽس اقبال ڪلهوڙو
ڪوٽڙي: سپريم ڪورٽ پاران سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن اڄ ٻئي ڏينهن به حيدر آباد ۽ ڪوٽڙي جو دورو ڪيو، ڪميشن واڌو واهه ۾ گندي پاڻي جي ڇوڙ کي 10 ڏينهن اندر بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي …
Read More »