Wednesday , January 22 2025

سنڌ

ڪراچي پيڪيج، 24 ڪلاڪن اندر تڪراري بڻجي ويو

وڏي وزر مراد علي شاهه کان ڪا به شڪايت ناهي: وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان پاران ڪراچي شهر لاءِ اعلانيل 11سئو ارب رپين جو پيڪيج 24 ڪلاڪن اندر ئي تڪراري بڻجي ويو آهي، پيڪيج بابت بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي وزير اسد عمر …

Read More »

وزيراعظم حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنز لاءِ سکڻو دلاسو به نه ڏنو- اصغر آزاد

ڪراچي ڊويزن لاءِ 11 سئو ارب ! برسات سبب تباهه ٿيل حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنز لاءِ سکڻو دلاسو به نه – اصغر آزاد وزيراعظم عمران خان جي ڊي اي جي وفد سان ملاقات ڪرڻ بدران صرف فنڪشنل ليگ جي صدر سان ملاقات ڪئي ڇا صدرالدين شاهه …

Read More »

وڏو وزير مراد علي شاهه “ معاملا سڌا ” ڪرڻ ۾ ڪامياب، ڪي سي آر بابت به اهم فيصلا

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌ سماچار) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وفاق جي اهم شخصيت سان حڪومتي ۽ پارٽي “معاملا سڌا ” ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، ڪراچي سرڪلر ريلوي سميت اهم منصوبن بابت اهم فيصلا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ سماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان …

Read More »

گهوٽڪي جي مهر خاندان ۾ سرداري تان ڦڏو تيز ٿي ويو

مهر خاندان ۾ سرداري پڳ تي هلندڙ تڪرار پوليس لاءِ به مٿي جو سور بڻيل گهوٽڪي/ خانپور مهر (خاص نمائندو سنڌ سماچار) گهوٽڪي ضلعي جي مهر خاندان ۾ پڳ تي هلندڙ سرد جنگ منظر تي اچڻ کانپوءِ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، علي گوهر خان مهر ڇهين سيپٽمبر تي برادري …

Read More »

ڊاڪٽر ماها شاهه جي شڪي آپگهات، ڪيس نئون رخ اختيار ڪرڻ لڳو

ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس، جاچ پوليس پاران قبر ڪشائي لاءِ عدالت کي درخواست ميرپورخاص (خاص نمائندو سنڌ سماچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ٻه هفتا اڳ شڪي آپگهات ڪندڙ ماها شاهه جي قبر ڪشائي ڪرائڻ لاءِ عدات ۾ درخواست داخل. ماها شاهه جي آپگهات ڪرڻ وارو معاملو نئون رخ …

Read More »

نيب جا صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ سندس مبينا فرنٽ مين جي گهرن تي ڇاپا

نيب کي ڇاپن دوران ڪجهه به ناهي مليو، منهنجي خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن: سهيل انور سيال لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو  سنڌ سماچار) نيب آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن واري ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، …

Read More »

شهري انفرا اسٽرڪچر جي “ ماهر ” حليم عادل شيخ جي به ٻڌو !

ملير ندي مان ڪچرو صاف نه ڪرڻ جي پٺيان سازش هئي ته ڊفينس مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿئي جيئن ڊي ايڇ اي کي بدنام ڪيو وڃي: حليم عادل شيخ ڪراچي (رپورٽر    سنڌ سماچار) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ايم پي اي حليم عادل شيخ دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن …

Read More »

مڪاني حڪومت جو مدو ختم، ميئر ۽ چيئرمين ڪائونسلرز سوڌو گهر روانا، تڪ بندين جو به شيڊيول جاري

ميئرز ۽ چيئرمين کي سرڪاري گاڏيون، گهر ۽ ٻيون سهولتون واپس ڪرڻ جي هدايت ڪراچي (رپورٽ: آفاق  ڀٽي    سنڌ سماچار) سنڌ ۾ مڪاني حڪومت جو مدو ختم ٿي ويو، سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪاري ڪري ڇڏيو، ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرز گهر روانا ٿي ويا، صوبائي اليڪشن …

Read More »

سانوڻي جي مينهن سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءَ به نه چُري

ميرپورخاص ڊويزن ۾ مينهن تباهي مچائي ڇڏي،هزارين ماڻهو بي گهر، کاڌي پيتي جي سخت کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو وڏي وزير پاران اعلانيل رين ايمرجنسي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن لاءِ ڪاغذ جو ٽڪرو ثابت، ڪير گهران نه نڪتو ميرپورخاص ( خاص نمائندو  سنڌ سماچار) سانوڻي جي برسات ڪراچي کانپوءِ ميرپور …

Read More »

ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ جي رهواسين جو احتجاج، آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه، عملو ڀڄي ويو

ڊفينس جي رهواسين جو سي بي سي آفيس آڏو ڌرڻو، انتظاميا سان ڏند چڪ، آفيس اندر ڀڃ ڊاهه، ڪاوا به ڀڃي ڇڏيا ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌ سماچار) ڪراچي جي انتهائي پوش ۽ مهانگي علائقي ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ ( سي بي سي) جي مختلف علائقن مان 5 ڏينهن گذرڻ باوجود برساتي …

Read More »