ڪوٽڙي (سنڌسماءَچار نيوز) ڪوٽڙي ۾ ناري سان لڄالٽ ڪرڻ بعد کي بيرحمي سان قتل ڪندڙ جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪرڻ ۾ پوري آهي. ڪوٽري پوليس طرفان گونگي ناريءَ کي بدترين تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ جوابدار عبدالرحمان شيخ شيرين …
Read More »رمشاوساڻ ڪيس:”مونکي بچايو يا کليل عدالت ۾ سڀ سچيون ڪندس“:جوابدار جو بااثرن کي چتاءُ
خيرپور(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڳوٺ نواب وساڻ ۾ جوابدارن پاران گهر اندر گهڙي قتل ڪيل نينگري رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ، بااثر ماڻهن کي سندن اڇاچٺا پڌرا ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار کي بيماري جي بهاني …
Read More »سنڌ جو امن خيبر پختونخواه کان وڌيڪ عزيز آهي: شاهي سيد
حيدرآباد (رپورٽر سنڌسماءَچار) اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو آهي ته سنڌ امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي، حيدر آٻاد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سان ملاقات دوران ۽ بعد ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجو سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن …
Read More »سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي موتمار هڙتال جاري
دادو(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي مسيحائن جي موتمار هڙتال جاري آهي، دادو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن هڙتال جو جواز ڄاڻائي علاج لاءِ سول اسپتال آندل ٻارڙي جي حياتي بچائڻ کان کيس مري وڃڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو، جيڪو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن آڏو زندگي جي جنگ هارائي ويو. ٽن ڏينهن دوران دادو اسپتال …
Read More »ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار نواز ليگ جو صدر شهباز شريف آزاد ٿي ويو
اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) نون ليگ جو مرڪزي صدر ۽ پي اي سي جو چيئرمين شهباز شريف لاهنور هاءِ ڪورٽ پاران ٻن ڪيسن ۾ ضمانت ملڻ کانپوءِ آزاد ٿي ويو آهي، شهباز شريف اسلام آباد کان لاهور پهچي ويو، جتي هُن سڀ کانپهريان پنهنجي امڙ سان ملاقات ڪئي. لاهور …
Read More »سنڌ حڪومت مختيارڪارن جون خالي جايون ڀرڻ بدران190مختيارڪارن واڌو چارج ڏئي ڇڏيون
ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سنڌ ۾ مختيارڪارن جون خالي جايون ڀرڻ بدران صوبي جي 190 کان وڌيڪ خالي پيل جاين تي هيٺئين گريڊ جي مختيار ڪارن کي مٿئين گريڊ جون واڌو چارج ڏئي ڇڏيون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙو عمل او پي ايس تي مقرر …
Read More »ڪراچي، حيدر آباد، سکر فيصل آباد سميت ملڪ جي 10 جي گندي پاڻي ۾ پوليو وائرس جي تصديق:نيوڪ رپورٽ
اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) فيصل آباد، راولپنڊي، قلعه عبدالله، سکر، حيدر آباد ۽ پشاور سميت چئني صوبن جي 10 اهم شهرن جي گندي پاڻي جي نيڪال وارن نالين ۾ پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر/نيوڪ (اين اِي او سِي ) جي جاري ڪيل …
Read More »ڪراچي ۾ دهشتگردي،اڻسڃاتل هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا قتل
ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ اڻسڃاتل هٿياربند وري ڪَرُ کڻڻ لڳا، اورنگي ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا. ڪراچي اورنگي واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي موت جو کاڄ بڻائي ڀڄي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن …
Read More »شفقت وڌو،نور محمد لغاري، صديق الفاروق،چوڌري شجاعت خلاف انڪوائري ٿيندي
اسلام آبا(خاصن نمائندو سنڌسماءَچار) نيب چيئرمين اڳوڻي وزير اعظم چوڌري شجاعت، پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين خلاف ٽن انويسٽي گيشنز جي منظوري ڏني وئي. نيب ٽي ايم ڪي شوگر ملز ڪراچي جي مالڪ، ڪي پي ٽي هائوسنگ سوسائٽي، اڳوڻي سيڪريٽري اسپيشل نورمحمد لغاري، پرنسپل سيڪريٽري …
Read More »سکر ۾ ڊاڪٽرن جي هڙتال هڪ ماءُ جي جهولي خالي ڪري ڇڏي
سکر(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سکر جي هڙتالي ڊاڪٽرن ساڳئي ڪٽنب جي وڌيڪ هڪ ٻارڙي کان حياتي کسي ماءَ جي جهولي خالي ڪري ڇڏي، سڄي سنڌ ۾ ڊاڪٽرز جي هڙتال مريضن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، هڙتال سبب سکر جي سول اسپتال ۾ داخل ڇهن مهينن جو ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو، …
Read More »