Monday , February 24 2025

پاڪستان

انور مجيد ۽ اي جي مجيد اسان جي حوالي ڪيو: نيب عدالت پهچي وئي

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد جي پريشانين ۾ اضافي ٿيڻ وارو آهي، نيب اختيارين ٻنهي ڄڻن کي پنهنجي تحويل ۾ ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، بئنڪنگ ڪورٽ اربع ڏينهن فيصلو ٻڌائيندي. جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ …

Read More »

رمشا وساڻ جو خون ٻڏڻ نه ڏينداسين: اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو آهي ته رمشا جيان سنڌ ۾ ڪنهن به نياڻيءَ سان زيادتي برداشت نه ڪنداسين، سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس شميم نقوي چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت پنهنجي اسپيڪر کي سمجهائي، جڏهن به اپوزيشن ڪو اهم معاملو اٿاري ٿي ته هو …

Read More »

منظور وساڻ بي قصور آهي، اجايو ڦاسايو پيو وڃي: ايم پي اي منور وساڻ

پيپلزپارٽي جي ايم پي ايز جي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي ڪردار تي تنقيد، سعيد غني چيو آهي ته اپوزيشن جي پوائنٽ اسڪورنگ واري ڪوشش سبب رمشا جي قتل بابت سنجيده اڳڀرائي نه ٿي سگهي، امداد پتافي ۽ فياض ٻٽ چيو آهي ته رمشا جو قاتل ڪيترو به بااثر هجي …

Read More »

اسپيڪر آغا سراج دراني رمشا قتل معاملي بابت رٿ پيش ڪرڻ نه ڏني، ايوان ۾ گوڙ

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪنب جي بي دردي سان قتل ڪيل ناري رمشا واري معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن جو سخت احتجاج، ذوالفقار وساڻ کي گرفتار ڪريو ۽ شيم شيم جا نعرا، اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ نصرت سحر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي …

Read More »

خيرپور پوليس رمشا وساڻ جي قتل جو مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ ۾ ناڪام

ٺري ميرواهه/ ڪوٽڏيجي(رپورٽرز سنڌسماءَچار) ڪنب ويجهو اغوا بعد موٽائي قتل ڪيل ناري رمشا وساڻ جي ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار ذوالفقار وساڻ اڃا گرفتار نه ٿيو، پوليس ڳوٺ پير گڊو ۽ نواب وساڻ ۾ ڇاپا هڻي 15 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي عمر طفيل دعويٰ ڪئي آهي …

Read More »

رمشا قتل ڪيس؛ذوالفقار وساڻ کي پيش ڪرائڻ وارو ڊرامو

خيرپور(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪنب ۾ بي رحمي سان قتل ڪيل نياڻي رمشا وساڻ جي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ کي پوليس آڏو پيش ڪرڻ وارو ڊرامو آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل سياسي بااثر ماڻهن سان ٻِٽ بڻيل آهي. سنڌسماءَچار کي ايس …

Read More »

رمشا وساڻ جو والد پرويز وساڻ ۽ جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ ڪٿي آهن؟ اهم انڪشاف

جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ       قتل ڪيل ناري رمشا وساڻ خيرپور/ڪراچي(خاص نمائدو/ رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪنب ڀرسان ڳوٺ پير گڊو ۾ قتل ڪيل نياڻي رمشا وساڻ جو والد صوبائي وزير منظور وساڻ جي تحويل ۽ قتل ڪيس جو مک جوابدار سندس پناهه ۾ آهي. رمشا قتل ڪيس بابت اعتماد …

Read More »

عبدالله ڳوٺ ۾ قتل ڪيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، رهواسين ۽ وارثن جو احتجاج

ملير (درياخان شر جي ٿورن سان) شاهه لطيف ٽائون ۾ ڦورن سان  مزاحمت دوران مارجي ويل نواجوان جي وارثن کي انصاف نه مليو، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، نوجوان زعيم شر جي وارثن، شر برادري ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سماجي اڳواڻ نثار شر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو …

Read More »

رمشا وساڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ۽ منظور وساڻ جي ماروٽ جو پٽ گرفتار نه ٿيو

ٺري ميرواهه / ڪوٽڏيجي (رپورٽرز  سنڌسماءَچار) ڳوٺ پير گڊو ۾ هٿياربندن پاران گهر اندر داخل ٿي قتل ڪيل نياڻي رمشا وساڻ جو مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ پ پ جي سينئر اڳواڻ منظور وساڻ جي ماروٽ ماستر شاهنواز وساڻ …

Read More »

ٽارگيٽ ڪلنگ؟ ڪراچي ۾ مذهبي جماعت جو اڳواڻ قتل

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ اڻسڃاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ مذهبي جماعت جي اڳواڻ کي قتل ڪرڻ بعد ڀڄي ويا، وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب. ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ اڻسڃاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مذهبي جماعت اهلسنت والجماعت ڪراچي جي اڳواڻ نديم قادري کي قتل …

Read More »