فائل فوٽو ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد) پاڪستان ۾ ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ پولنگ اربع ڏينهن 25 جولاءِ تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ پهرين نمبر تي خيرپور ضلعي کي سڀ کان وڌيڪ انتهائي حساس ضلعو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ٻئي نمبر تي ڪورنگي ضلعي کي انتهائي حساس قرار …
Read More »”هڪ اداري جي ماڻهن چيو ته (اسان جي مرضي مطابق فيصلا ڏي)، آزاد عدليه ڪنٽرولڊ ۽ ميڊيا گوڏا کوڙي ڇڏيا“. جسٽس شوڪت عزيز صديقي
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته ”هڪ اداري جي ماڻهن مون کي چيو ته،( سندن مرضيءَ مطابق فيصلا ڪيان ته هو مون کي وقت کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪري ڇڏيندا ۽ داخل ريفرنس به ختم …
Read More »”هي وڏڙن جي پڳ اٿئو، اسان کي ووٽ ڏجو“:خورشيد شاهه جا ووٽرز پٽڪي جا واسطا
سکر( رپورٽر سنڌسماءَچار) سکر ضلعي اندرپيپلز پارٽي کي عام چونڊن دوران ڏکيائين بابت سنڌ سماءَ چار جي ٻه ڏينهن اڳ واري خبر سچي ثابت ٿي وئي آهي، سيد خورشيد شاهه پاران پنوعاقل ۾ چونڊ مهم دوران پنهنجي پٽڪي ڏانهن اشارو ڪندي وڏڙن جي پڳ جا واسطا ڏئي ووٽرز کي ووٽ …
Read More »پوسٽل بيلٽ پيپرز تي پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيارڻ جو الزام سيوهڻ ۽ کپرو جي اي آر اوز سميت 6 عملدار گرفتار
ڄامشور( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سيوهڻ ۽ کپرو ۾ پوسٽ بيلٽ پيپرز کولي انهن تي ٺپا هڻڻ وارن الزامن بعد چيف اليڪشن ڪمشنر ٻنهي علائقن جي اي آر اوز کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سيوهڻ پوليس پوسٽل بيلٽ پيپرز کولڻ جي الزام هيٺ ٻن استادن ۽ ٽن ڪلرڪس کي …
Read More »ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ مهم هلائڻ کان ناهي روڪيو:سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن
اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت جي چونڊ مهم نه روڪي وئي آهي، نه ئي اليڪشن ڪميشن تي ڪو دٻاءُ آهي: سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته سمورا ادارا شفاف چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ سهڪار ڪري رهيا آهن، 25 جولاءِ تي ساڍا 3 لک …
Read More »مني لانڊرنگ ڪيس:آصف زردري، فريال ٽالپر ۽ انور مجيد جو پٽ روپوش جوابدار قرار
ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ ۾ ٻه نمبر اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي ايم اين اي فريال ٽالپر ۽ انور مجيد جي پٽ سميت 20 ڄڻن کي رپوش (Absconder) جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي جي جاچ …
Read More »عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ زندگي جو مقصد آهي: پي ايس 28 جو آزاد اميدوار نثار شر
ٺري ميرواهه( رپورٽر سنڌسماءَچار) صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 28 جي آزاد اميدوار نثار احمد شر چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، تڪ جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ۽ در در وڃي مهم دوران ڳالهائيندي نثار شر چيو آهي ته، ٺري ميرواهه جي عوام لاءِ بهترين تعليم، مفت …
Read More »خورشيد شاهه، نعمان اسلام ۽ فرخ شاهه کي ناڪامي جو خوف، ايم ڪيو ايم سان رابطا
سکر ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ سکر جي ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن سميت 3 سيٽون بچائڻ لاءِ مونجهارا وڌي ويا آهن، اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه، نعمان اسلام شيخ ۽ سيد فرخ شاهه کي مخالف اميدوارن سوڙهو ڪري وڌو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خورشيد …
Read More »عام چونڊون: سنڌ ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل
ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر يوسف خان خٽڪ چيو آهي ته صوبي ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سڀني ضلعن ڏانهن بيلٽ پيپرز موڪلڻ وارو سلسلو جاري آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر يوسف خان خٽڪ چيو ته بيلٽ پيپرز انتهائي سخت …
Read More »ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ آر اوز، اي آر اوز سميت سيڪيورٽي عملي جا تفصيل جاري
اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگ عملي ۽ سڪيورٽي عملي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عام چونڊن دوران سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جا 16 لک عملدار مقرر هوندا، 3 لک 71 هزار فوجي جوان اليڪشن ۾ …
Read More »