Thursday , January 23 2025

پاڪستان

ڪنڌڪوٽ واسي 5 ورهين جي نياڻي پوليو هجڻ جو شڪ

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ ۾ 5 ورهين جي نياڻي کي پوليو جو مرض هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، ٻارڙي کي پوليو جو شڪ هجڻ ڪري سندس جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا آهن، انهن جي رپورٽ اچڻ بعد ئي حتمي طور تي ڪجهه چئي …

Read More »

بخشاپور ۾ ڪبوترن جي ميل دوران جهيڙو، باٺا لڳڻ سبب 19 ڄڻا ڦٽجي پيا

بخشاپور(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڳوٺ ٺارو جکراڻي ۾ ڪبوترن جي ميل تان ڪبوترن جي شوقينن ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا ڦٽجي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ٺارو جکراڻي ۾ ڪبوترن جي ميل تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي …

Read More »

ڪنڌڪوٽ جي اوڏو ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي، 2 عرتون ٻڏي فوت

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ ڀرسان اوڏو ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتون ٻڏي فوت  ۽ 4 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش ٿي ويا. ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ بالاچ ڀنگوار ۾ لاباري کان واپس ايندي ڳوٺاڻن جي ٻيڙي اوڏو ڍنڍ ۾ اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتون 50 …

Read More »

نادرا چيئرمين بنگالين ۽ برمين سميت ٻين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي،سڄاڻ ڌريون خاموش

نادرا   چيئرمين عثمان مبين ڪراچي( اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) نادرا جو چيئرمين عثمان مبين پ پ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي راضپي سان؛ ڪراچي ۾ غيرقانوني طور ترسيل بنگالين ۽ برمين سميت ٻين ملڪن جي ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. …

Read More »

اڳوڻي ڊي جي آڊٽ غلام اڪبر سوهو ۽ سندس گهر ڀاتين خلاف جاچ شروع

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) نيب ڪراچي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ سنڌ غلام اڪبر سوهو ۽ سندس ڪٽنب جي ملڪيتن جي جاچ شروع ڪري ڏني، ڊي سي خيرپور کان تفصيل طلب، نيب روڊس کاتي جيڪب آباد ۾ ڪرپشن جي شڪايتن جي جاچ شروع ڪري ڏني، نيب سکر جي ٽيم تعمير ڪرايل مختلف …

Read More »

مراد علي شاهه خلاف ڪرپشن ۽ بي ضابطگين خلاف جاچ شروع، وڏي وزير جو نيب ۾ بيان رڪارڊ

ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽرز  سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير جون به ڪرپشن جي الزامن هيٺ نيب ۾ حاضريون شروع ٿي ويون آهن، مراد علي شاهه ڊي جي نيب سنڌ جي آفيس لاڳاپيل عملدارن آڏو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. نيب سنڌ جي وڏي وزير خلاف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي …

Read More »

فيض گنج پوليس ٺري ميراوهه وڃي نواجوان کي شڪي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو،ايس ايس پي شبير سيٺار به مقابلو قرار ڏنو

فيض گنج / سيٺارجا ( رپورٽرز     سنڌسماءَچار) فيض گنج ٿاڻي جي ايس ايڇ او شمس ابڙو ٻئي تعلقي ٺري ميراهه تعلقي جي بوزدار وڏا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺاڻي عبدالفتاح عرف فتو شر کي مبينا جڙتو مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته 13 مارچ ڏهاڙي بوزدار …

Read More »

ٺٽو ڀرسان شورا موري مان ٻوري ۾ بند لاش هٿ

ٺٽو (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٺٽو ويجهو شورا موري ڀرسان ٻوري بند لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. مڪلي پوليس اسٽيشن جي حد مان گلمنڊا روڊ تي کـڏي مان ھٿ پير ٻڌل ٻوري ۾ بند لاش ھٿ آيو آھي. مقامي ڳوٺاڻن لاش کڏي ۾ پيل ڏسي موقعي …

Read More »

جاتي جي درگاهه مگر ڀين کي هزارين مڻ کير سان غسل ڏئي عرس جو افتتاح

جاتي ( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) جاتي ڀرسان موجود درگاهه مگر ڀين جي قديمي مزار تي سالياني عرس جي شروعات کان اڳ هزارين مڻ کيسر سان درگاهه کي غسل ڏنو ويو. جاتي ۾ سنڌ جي قديم درگاه مگرڀين جي سالياني عرس جي موقعي تي  دلچسپ رسم طور سوين مڻ  …

Read More »

گجرات ۾ عمران خان تي جوتو اڇلائڻ جي ڪوشش، جوتو لڳو عليم خان کي

گجرات( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پاڪستان ۾ جوتا ڪلب جي هڪ ميمبر ۾ واڌ ٿي وئي آهي، گجرات ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي دوران هڪ شخص عمران خان تي جوتو اڇلايو، جيڪو عمران خان کي لڳڻ بدران پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان کي لڳو. جوتو اڇلائيندڙ همراهه جلسي مان …

Read More »