فيض گنج ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سول جج فيض گنج اڪري چودڳي تي ڇاپو هڻي ناحق لاڪ ۾ واڙيل ٻن ڄڻن ڇڏائي وارثن جي حوالي ڪندي ايس ايڇ او کي هدايت ڪئي ته رڪارڊ سميت عدالت آڏو پيش ٿئي. سول جج معشوق علي ڏاهري اڪري چودڳي ٿاڻي تي اوچتو ڇاپو هڻي …
Read More »فاروق ستار جيالو ٿيڻ چاهي ته اسان جا درواز کليل آهن: ناصر شاهه جو اعلان
ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) صوبائي وزير ناصر شاهه متحده اڳواڻ فاروق ستار کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن فاروق ستار جياليو ٿئي ته اسان کيس ڀليڪار چونداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناصر شاهه چيو ته نيب جون سنڌ ۾ ڪارروائيون جاري …
Read More »دوڙ ويجهو باهه لڳڻ ڪري 50 کان وڌيڪ ڪکاوان گهر سڙي رک
ڳوٺ کي لڳل باهه جو ڏيک – فوٽو سنڌسماءَچار دوڙ( رپورٽر سنڌسماءَچار) دوڙ ويجهو ڳوٺ محمد عثمان ڇٽو ۾ گهر جي چُلهه مان باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ وڌيڪ گهرن کي وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته، باهه لڳڻ …
Read More »ملير جي سومار ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ، رهواسين جو احتجاج
ملير (رپورٽر سنڌسماءَچار) سومار جوکيو ڳوٺ جي رهواسين پاڻي جي کوٽ خلاف ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻي جي فراهميءَ جو مطالبو ڪيو. ملير جي يوسي چنڊ پاڙو جي ڳوٺ سومار جوکيو جي رهواسين يوسي ڪائونسلر حبيب الله جوکيو ، گلشير مگسي ، برڪت ابڙو، محمد علي چانڊيو …
Read More »شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنس: نيب جي درخواست تي قطري خط سميت نوان دستاويز عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻجي ويا
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف لنڊن جي ايون فيلڊ ملڪيتن واري ريفرنس ۾ استغاثا /نيب جي درخواست منظور ڪندي قطري شهزادي جي خط سميت ريفرنس سان لاڳاپيل سمورا واڌو دستاويز عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيا آهن، جنهن جي شريف ڪٽنب جي وڪيل مخالفت ڪئي …
Read More »بدنام دهشتگرد ۽ ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سيڪٽر انچارج رئيس ماما گرفتار
ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ سميت دهشتگردي جي ڪيترن واقعن ۾ ملوث ايم ڪيو ايم ڪورنگي جواڳوڻو سيڪٽر انچارج رئيس ماما جي گرفتاري کي ظاهر ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي ڪورنگي جو چوڻ آهي ته، رئيس ماما کي انٽرپول ملائيشيا مان گرفتار ڪري پاڪستان منتقل …
Read More »سنڌ سرڪار ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي ڪٽنب کي هيسائڻ لڳي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران چيف سيڪريٽري کي نوٽيس
ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ-فائيل فوٽو ڪراچي(اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ، فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي جي ڊائريڪتر جنرل بشير ميمڻ جي ڪٽنب کي هيسائڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي …
Read More »نيب نواز شريف جي ناٺي ڪئپٽن صفدر خلاف جاچ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) نيب چيئرمين ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين ڪئپٽن صفدر خلاف ڪرپشن مامري جي جاچ جي منظوري ڏني آهي. نيب هيڊڪاورٽر اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت …
Read More »پرويز مشرف وري ڏيهه واپسي جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو
اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) غداري ڪيس ۾ عدالت کي گهربل پرويز مشرف وري وطن واپسي وارو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام نه ملڻ جي خدشي سبب ڏيهه واپس ورڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزير …
Read More »مشرف کانپوءِ ن ليگ ۾ 5 سال پورا، ماروي ميمڻ نئون سياسي پليٽ فارم ڳولڻ جي چڪر ۾..؟
ڪراچي ( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) مملڪتي وزير ۽ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، ماروي ميمڻ 5 سالن تائين ن ليگ ۾ رهڻ کانپوءِ هاڻي نئون سياسي ٿاڪ ڳولڻ جي چڪر ۾ آهي؛ هن پنهنجي پارٽي تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. ماروي ميمڻ پنهنجي هڪ ٽويٽ بيان …
Read More »