Monday , February 24 2025

پاڪستان

سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران غير قانوني پرڏيهين کي شريت خلاف 9 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ مرحليوار تحريڪ جو اعلان

ڪراچي (آفاق ڀٽي چيف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) ايس يو پي ۽ جسقم سميت قومپرست پارتين پاران، سنڌ ۾ غير قانوني طريقي سان آباد پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حيدر منزل تي سيد جلال محمود شاهه جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس …

Read More »

خوراڪ کاتي جو ڪرپشن ۾ ملوث مفرور رٽائرڊ ڪامورو گرفتار

سکر( سنڌ سماءَچار نيوز) اينٽي ڪرپشن ٽيم سکر ۾ ڪارروائي ڪري خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس جي مفرور جوابدار اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر محمد حنيف سومرو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته، حنيف سومرو ڪرپشن ڪيس ۾ مفرورو هو کيس ڳجهي …

Read More »

نوري آباد ويجهو ويگن ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، 8 ڄڻا فوت

حيدرآباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نوري آباد ڀرسان ڪراچي کان نوشهروفيروز ويندڙ مسافر ويگن ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 مسافر فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال داخل ڪيو ويو. ڪراچي کان نوشهرو فيروز ويندڙ مسافر ويگن تيز رفتاري …

Read More »

فيض آباد ڌرڻو ڳالهين ذريعي حل ڪرائڻ جو فيصلو،ڊي جي رينجرز پنجاب کي اختيار ملي ويا

اسلام آباد (بيورو چيف سنڌسماءَچار) وفاقي سرڪار فيض آباد ۾ جاري مذهبي جماعتن جي ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪرڻ بدران ڳالهين وارو رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڌرڻو طاقت جي استعمال کانسواءِ به ختم …

Read More »

حڪومت ۾ اچڻ بعد شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل عوام آڏو وائکا ڪندس:پيرپاڳارو–جنهن وٽ چيچڙو به نه هو،16شگرملز جو مالڪ ڪيئن بڻيو؟ مرتضيٰ جتوئي

سکر (خصوصي نمائندو سنڌسماءَچار) جي ڊي اي پاران ايندڙ عام چونڊن کان اڳ پهريون ڀيرو سياسي طاقت جو مظاهرو، فنڪشنل ليگ ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پير پاڳاري پاران حڪومت ۾ اچڻ بعد شهيد بينظير ڀٽو جي قاتل ۽ ان بعد سندس ويجهن ساٿين جي قاتلن کي عوام آڏو …

Read More »

مذهبي ٽولين پاران ڪراچي شهر ۾ 10 کان وڌيڪ هنڌن تي ڌرڻا،عوام آزار ۾، ڪنهن جي ڪن تي جونءَ نه چُري

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) ڇنڇر واري ڏينهن اسلام آباد مذهبي جماعتن جي مختلف ٽولين جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيل آپريشن بعد شروع ٿيل غيريقيني واري صورتحال عام شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. آپريشن ڌرڻو ختم نه ٿي سگهيو پر اسلام آباد کانپوءِ ڪراچي، لاڙڪاڻو، راولپنڊي ۽ فيصل آباد سميت …

Read More »

احتساب عدالت مڪاني ادارن واري کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خلاف ڪرپشن ريفرنس جو چالان منظور ڪري ورتو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) نيب پاران مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف ڪرپشن جي سپليمينٽري ريفرنس جو چالان خلاف درخواست رد ڪندي چالان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. احتساب عدالت ڪراچي ۾ مڪاني کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ  خلاف غير قانوني اثاثا …

Read More »

نيب عملدارن پاران حيدرآباد ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کي يرغمال بڻائي هڪ ڪروڙ رپيا ڀتو گهرڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر    سنڌسماءَچار) نيب اندر به ڪارين رڍن جي موجودگي جو انڪساف ٿيو آهي، نيب ڪراچي جي عملدارن پاران حيدر آباد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر سڪندر ابڙو کي يرغمال بڻائي هڪ ڪروڙ رپيا رشوت گهري وئي، معاملي جي نيب هيڊڪوارٽر پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي. نيب اسلام …

Read More »

آدمشماري نتيجن جي تصديق ٽين ڌر ڪندي، سنڌ ۾ شگرملز ته چالو نه ٿيون پر وفاق کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڏئي ڇڏي: سي سي آءِ

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل آدمشماري جي جي نتيجن جي 5 سيڪڙو تصديق ٽين ڌر کان ڪرائڻ، گئس نڪرندڙ علائقي جي 5 ڪلوميٽر تائين ايندڙ سمورن ڳوٺن کي گئس جي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ 15 لک ٽن کنڊ به پرڏيهه …

Read More »

پبلڪ هيلٿ خيرپور جي آفيسرز کي ڇڏيو ويو ته اُهي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا:سنڌهاءِ ڪورٽ

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سميت ٻين کاتن جي عملدارن جي ڪارڪردگي نيب رپورٽس ۾ ظاهر آهي، هاڻي جيڪڏهن انهن کي ڇڏي ڏنو ته اڳتي هلي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خيرپور ضلعي …

Read More »