Saturday , January 25 2025

پاڪستان

صوفي بزرگ حضرت سرور نوح جي 440 هين عرس جون تقريبون جاري

هالا: عظيم صوفي بزرگ حضرت مخدوم نوح سرور نوح جي 440 عرس مبارڪ جو تقريبون شروع ٿي ويون. عرس جي تقريبن جو افتتاح سروي جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم  جميل الزمان مخدوم سرور نوح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو. عرس مبارڪ ۾  سنڌ سميت ملڪ جي …

Read More »

سنڌ حڪومت آدمشماري جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا، سي سي آءِ ۾ وڃڻ جو اعلان

سنڌ سرڪار نئين آدمشماري جي انگ اکرن کي غلط قرار ڏيندي رد ڪندي معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه سعودي عرب مان واپسي تي معاملو سي سي آءِ …

Read More »

آدمشماري:شماريات کاتي جا انگ اکر پاڪ فوج جي رڪارڊ سان ڀيٽيا وڃن: پ پ جو مطالبو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته شماريات کاتي پاران 2017 دوران ڪرايل ڇهين آدمشماريءَجي جاري ڪيل نتيجن مان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ ته آدمشماري ذميواري سمجهي نه پر ميار لاهڻ لاءِ ڪري جان ڇڏائي وئي …

Read More »

شريف ڪٽنب خلاف عيد کان اڳ ريفرنسز داخل ٿيندا، جي آءِ ٽي ميمبرن بيان رڪارڊ ڪيا ويندا

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب جي درخواست منظر ڪندي، پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جي سمورن ميمبرن جا بيان قلم بند ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. شريف ڪٽنب خلاف عيد کان اڳ ريفرنسز داخل ٿيندا. نيب جي درخواست تي، عدالت جي 28 جولاءِ واري فيصلي تحت …

Read More »

ڇهين آدمشماري جا ڊويزنل ۽ ضلعي وار انگ اکر صرف سنڌسماءَچار تي

سنڌسماءَچار پاران ملڪ ۾ ٿيل ڇهين آدمشماريءَ ۾ سنڌ جا ڊويزن ۽ ضلعي سطح جا مڪمل انگ اکر هٿ ڪيا ويا آهن، جيڪي نامياري صحافي ۽ ليکڪ ممتاز بخاري جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجن ٿا. سنڌ جي سمورين ڊويزنس ۽ ضلعن جي آبادي بابت شماريات کاتي جا عبوري …

Read More »

وفاق اين ايف سي ۽ ٽئڪس اوڳاڙين مان سڌيون ڪٽوتيون بند ڪري نه ته عدالت وينداسين:سي سي آءِ ۾ سنڌ جو اعلان

اسلام آباد: گڏيل مفادن واري اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران، اين ايف جي حصي ۽ ٻين مَدَن ۾ وفاق کان سنڌ کي ملندڙ/ منتقل ٿيندڙ پئسن مان سنڌيو ڪٽوتيون ڪرڻ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ذريعن موجب وڏي وزير وزيراعظم سميت لاڳاپيل اختيارين کي چتاءُ …

Read More »

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس:شماريات کاتي ڇهين آدمشماري جا ابتدائي انگ اکر پيش ڪري ڇڏيا

اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري، وفاقي وزير رياض پيرزاده، اسحاق ڊار، مرتضيٰ جتوئي، شماريات کاتي جي وزير ڪامران مائيڪل سميت لاڳاپيل اختيارين جي عملدارن ۽ ارسا جي …

Read More »

هاڻي سنڌ جو فرعون به نواز شريف جيان پڇندو ته مونکي ڇو ڪڍيو ويو: عمران خان

عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري سنڌ جي عوام جو پئسو ڦري پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهيون، سنڌ جا ماڻهو آصف زرداري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ منهنجو ساٿ ڏين، اڄ نوازشريف چوي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، ڪجهه عرصي کانپوءِ سنڌ جو هڪ فرعون به چوندو ته مون …

Read More »

ڇهين آدمشماري:پنجاب جي آبادي ٽن صوبن کان وڌي وئي، سنڌ ۾ پوڻان5ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا…!!

پاڪستان جي شماريات کاتي پاران آدمشماري جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق آبادي جي لحاظ کان پنجاب جي آبادي، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مجموعي آبادي کان به وڏو صوبو آهي. سنڌ جي ڳوٺاڻي/ ٻهراڙي جي آبادي شهري آبادي به گهٽجي وئي. هلندڙ سال دوران ملڪ ۾ ڪرايل …

Read More »

سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪناري آباد سنڌ سميت ملڪ جي 6 ڪروڙ انسانن جي حياتي خطري ۾…!!

صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ انساني زندگي لاءِ انتهائي خطرناڪ زهريلومادو ”سينکيو“ خطرناڪ حد تائين موجود هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.  گڏيل قومن جي صحت بابت عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيش world Health Organization (WHO) جي تحقيقي جنرل/ …

Read More »