Monday , February 24 2025

پاڪستان

پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر ستار راڄپر نيب جي وڪڙ ۾

پاڪستان پيپلز پارٽي جو نوشهرو فيروز مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري الزام هيٺ نيب جي وڪڙ ۾ ڦاسي پيو آهي. ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر خلاف نيب جاچ ڪري رهي آهي ۽ پاڻ حفاظتي ضمانت تي هجڻ ڪري گرفتاري کان بچيل آهي. ايم …

Read More »

اچيورس ويلفيئر آگنائزيشن تعليمي ميدان ۾ بهتر ڪم ڪري رهي آهي- تعليمي ماهر ۽ سڄاڻ شخصيتون

راڻيپور ( شير محمد سولنگي) راڻيپور جي انٽرنيشنل پريس ڪلب آڏو اچيورس ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ھڪ تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو ، جنھن کي عثمان عمر ، عبدالله، شير محمد سولنگي ،ربنواز راز،سيد زوار شاھ،  گلڻ ڄامڙو، محمد رمضان عباسي، ديدار عباسي، واليڏنو صديقي، عطا رسول ڄامڙو، ۽ قاسم ملڪ …

Read More »

ڊاڪٽر رٿ فائو سوين آلين اکين سان سنڌ جي جهوليءَ حوالي…

ڪوڙهه جي مريضن جي علاج لاءِ پنهنجي زندگي ارپيندڙ مسيحا ڊاڪٽر رٿ فائو جو مڙهه قومي عزاز سان گورا قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽر رٿ فائو 50 سالن کان وڌيڪ عمر سنڌ ۾ گذارڻ بعد هميشه لاءِ سنڌ جي جهوليءَ ۾ آرمي ٿي وئي. ڊاڪٽر رٿ فائو …

Read More »

احتساب عدالت پاران شرجيل ميمڻ جي وزارت دوران جاري ڪيل اشتهارن جا تفصيل طلب

سنڌ حڪومت جي سُڌسماءَ واري کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران پنهنجي کاتي ۾ ڪميشن تي اشتهار ڏيڻ لاءِ مجموعي طور تي وصول ڪيل 5 ارب رپين واري رشوت جا سمورا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. احتساب عدالت شرجيل ميمڻ جي ڪيل ڪرپشن تي هاڻي ايندڙ ٻڌڻي 16 …

Read More »

نيشنل بئنڪ ۾ 185 ملين ڊالرز جي مالي گهوٽالي وارو معاملو

ڪراچي جي احتساب عدالت، نيشنل بئنڪ ۾ 185 ملين ڊالر ڪرپشن ريفرنس ۾ مفرور جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته بئنڪ جو اڳوڻو صدر ۽ سينيئر ايگزيڪٽيو وائس پريزيڊنٽ ضمانتن تي آزاد آهن. احتساب عدالت نيشنل بئنڪ ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، نيب …

Read More »

دادو جي چئن معذور ٻارڙن جو علاج پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪرائيندس:چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

دادو واسي چئن معذور ٻارن صدوريءَ  سولنگي، راڻو، خالد ۽ رحمان سولنگي جي بيماري بابت ميڊيا ۾ خبرون اڇڻ بعد سنڌ جي صحت کاتي جي ڪن تي جونءَ به نه چُري پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ کي ان خبر انسانيت جي ناتي ڪجھ ڪرڻ …

Read More »

نيب پاران ڪرپشن ريفرنسز کي منهن ڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪامورن خلاف وٺ پڪڙ جو امڪان!

نيب پاران ڪرپشن ريفرنسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙ چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، نيب چيئرمين ڊي جي نيب سنڌ کي فون تي رابطو ڪري هدايت ڪئي آهي ته ريفرنسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪامورن جا تفصيل کيس اماڻيا وڃن. نيب چيئرمين …

Read More »

نيب قانون جي خاتمي خلاف ڪيسز ٻڌڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي لارجر بئنچ قائم

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، نيب قانون ختم ڪرڻ خلاف داخل آئيني درخواستن تي ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ 3 رڪني لارجر بئنچ قائم ڪري ڇڏي آهي، درخواستن تي ايندڙ ٻڌڻي 22 آگسٽ تي ٿيندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ نيب قانون جي خاتمي خلاف درخواستن …

Read More »

لاڙڪاڻو:چانڊڪا اسپتال ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪندڙ اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسرمعطل

ڪجهه ڏينهن اڳ اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو جي سرڪل آفيسر پاران چانڊڪا اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ۽ هڪ ٻئي بااثر عملدار کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو هو. اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ان آفيسر کي تڪڙا حڪم جاري ڪندي کيس برطرف ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن …

Read More »

هاءِڪورٽ پاران اڳوڻن ۽ موجوده ايم پي ايز، وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ڪرپشن ريفرنسز ۽ جاچ جا تفصيل طلب

ڪرپشن ريفرنسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙ اڳوڻن ۽ موجوده ايم پي ايز، ايم اين ايز، وزيرن ۽ ڪامورن بابت مڪمل تفصيل طلب ڪندي، نيب کي هدايت ڪئي آهي ته ڪرپشن ڪيسز جي جاچ جاري رکي وڃي. نيب ريفرنسز ۽ انڪوائريز کي منهن ڏيندڙن ۾ ضياءَ لنجار، پير مظهر، شرميلا …

Read More »