Monday , February 24 2025

پاڪستان

مراد علي شاهه سنڌ جي لاءِ نه پر آصف زرداري جي ڪمپني کي گئس نه ملڻ تي للڪاريو آهي: خواجا سعد رفيق

ريلويز جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گئس معاملي تي وفاق کي سنڌ جي عوام لاءِ نه پر آصف زرداري جي ڪمپني کي سيڪيورٽي ڊپازٽ کانسواءِ گئس جو ڪنيڪشن ناهي مليو، پ پ جو هڪ اڳواڻ پنجاب طرف ويندڙ گئس …

Read More »

وزير اعظم پاران جيڪب آباد لاءِ هڪ ارب رپيا ۽ 100 ٽرانسفارمر ڏيڻ جو اعلان، هاڻي سنڌ جا ماڻهو نعرن پٺيان نه لڳندا، ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي: نواز شريف

  وزيراعظم نوازشريف جيڪب آباد ضلعي لاءِ هڪ ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج ۽ 100 ٽرانسفارمرز ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته  پيپلزپارٽي کان پڇان ٿو ته توهان سنڌ جي ماڻهن کي ڇا ڏنو آهي، اڄ به سنڌ جا ماڻهو انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن، هاڻي نعرن …

Read More »

جيڪب آباد: مبينا طور اغوا ٿي ويل 2 نينگر ٻه هفتا گذرڻ باوجود ڇڏائجي نه سگهيا، وارثن ۽ شهرين جو احتجاج جاري

جيڪب آباد شهر مان ٻه هفتا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن دوستن 15 سالن جي محمد عمر پٽ آفتاب قريشي ۽ 15 ورهين جي ٻئي نينگر محمد اويس پٽ سعيد سيال جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي کي اغوا ڪيو ويو آهي. جيڪب آباد ۾ سياسي، سماجي، …

Read More »

سڪرنڊ: کليل گٽر2 سالن جي ٻارڙي جي حياتي کسي ورتي، _ڇا گٽرن جا ڍڪڻ پنجاب لڳائيندو يا وفاق:عوام جو سوال

سڪرنڊ شهر جي حسين آباد ڪالوني ۾ ٻن ورهين جوصفيان آرائين کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو. شهري مظهر حسين آرائين جو ٻن سالن جو پٽ صفيان علي خميس ڏهاڙي شام جو گهر ٻاهران راندي ڪندي گم ٿي ويو. نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته صفيان جي ڪافي …

Read More »

وزيراعظم نواز شريف اڄ جيڪب آباد پهچي رهيو آهي، پنڊال ۾ 20 هزار ڪرسيون، سيڪيورٽي لاءِ 20 هزار اهلڪار…!!

  وزير اعظم نواز شريف سنڌ جي دورن جو تسلسل جاري رکندي اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي جيڪب آباد پهچي رهيو آهي، جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. وزيراعظم جي جلسي لاءِ جيڪب آباد شهر ڀرسان نمائش گرائونڊ تي پنڊال تيار ڪيو ويو آهي، جتي سمورا انتظام …

Read More »

ڪراچي جو قديمي اسڪول ڊاهڻ وارو مامرو، ايس ايڇ او سميت 4 جوابدار رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي

  ڪراچي جي سولجر باراز ۾ قومي ورثو قرار ڏنل اسڪول ڊاهڻ واري مامري ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، تعليم کاتي پاران نيٺ اسڪول ڊاهڻ جي ڌار ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي، سي ٽي ڊي پوليس مک جوابدار ايف آءِ اي انسپيڪٽر عدنان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، اڳ …

Read More »

مردان: ڪارل مارڪس ۽ چي گويرا جون تصورون ڏوهه بڻجي ويون، ولي خان يونيورسٽي ۾ جوابدارن هڪ شاگرد کي قتل ڪري ڇڏيو

(مشعال خان جي ڪمري جو ڏيک، ڪارل مارڪس ۽ چي گويرا جون تصويرون نظر اچي رهيون آهن.) مرادن جي عبدالولي خان يونيورسٽي جي هڪ شاگرد مشعال خان پاران هاسٽل جي پنهنجي ڪمري ۾ ڪارل مارڪس ۽ چي گويرا جون لڳايل تصويرون سندس موت جو سنيهو بڻجي ويون. ميڊيا رپورٽس موجب، …

Read More »

سنڌ کي بجلي منصوبن لاءِ گئس نه ملي ته پنجاب جي گئس بند ڪنداسين: مراد علي شاه پ پ جي چور ٽولي 8 سالن تائين سنڌ کي ڦريو آهي: طلال چوڌري جو مراد علي شاهه تي جوابي وار

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي سرڪار کي چتاءُ ڏنو آهي ته، جيڪڏهن سنڌ ۾ هلندڙ منصوبن لاءِ گئس مهيا نه ڪئي وئي ته سنڌ مان پنجاب ويندڙ گئس پائپ لائن بند ڪري ڇڏينداسين. ملڪ مان گئس جي ڪل پئداوار مان 70 سيڪڙُ کان وڌيڪ گئس سنڌ …

Read More »

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس: وڏي وزير جو غلام قادر مري ۽ اشفاق لغاري جي گمشدگي تي احتجاج، مراد علي شاهه نواب لغاري جو ذڪر ئي نه ڪيو

وڏي وزير مراد علي شاهه آصف زرداري جي گم ٿيل ساٿين غلام قادر مري ۽  اشفاق لغاري جا نالا کڻي سندن گمشدگي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته، اکين ڏٺن شاهدن موجب غلام قادر مري کي ڄامشورو ويجهو ٻن گاڏين ۾ سوار ماڻهن کنڀيو، سندن هٿن ۾ واڪي ٽاڪيز به …

Read More »

سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيس اينڊ مينٽينسس بل 2017 تي گورنر جا اعتراض رد، بل اڪثريتي راءِ سان ٻيهر منظور

  سنڌ اسميبلي سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيلز اينڊ مينٽيننس بل 2017 تي گورنر جا اعتراض رد ڪندي، بل ٻيهر اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو آهي، نثار کهڙو چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم بعد ٽئڪسز گڏ ڪرڻ صوبن جو اختيار آهي. سنڌ اسيمبلي سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيلز اينڊ مينٽينسس …

Read More »