Wednesday , January 22 2025

پاڪستان

آئيني بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي؛ حڪومت بچائڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين: خواجا آصف

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي، ملڪ ۾ چونڊون رد ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهي به ڳالهيون هلن پيون ته آڪٽوبر ۾ چونڊن بابت عدالت ۾ ڪا درخواست اچي سگهي ٿي، ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته آڪٽوبر ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، …

Read More »

پريا ڪماري جي امڙ جي اڳواڻي ۾ اڄ شام ڪلفٽن ٽَي تلوار تي ڌرڻو لڳندو

پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ اڄ شام ڪلفٽن ٽَي تلوار تي هر حالت ۾ ڌرڻو هڻنداسين، پريا ڪماري جي امڙ به ڌرڻي شرڪت ڪندي: لياقت جلباڻي/ سهڻي پارس ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ سندس امڙ روينا ڪماريءَ جي اڳواڻي ۾ ڪراچي جي ڪلفٽن ٽَي تلوار …

Read More »

سموري سنڌ جيان ڪراچي شهر ۾ قهر جي گرمي،24 ڪلاڪن ۾ 90 ماڻهو فوت

سموري سنڌ جيان ڪراچي شهر ۾ قهر جي گرمي،24 ڪلاڪن ۾ 90 ماڻهو فوت ڪراچي(اسٽاف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سموري سنڌ جيان راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ گذريل ٽين ڏينهن کان پارو چوٽ چڙهيل آهي، مختلف سماجي تنظيمن پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گذريل24ڪلاڪن دوران مختلف سرد خانن ۾ 90 لاش آندا …

Read More »

ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اتحادي حڪومت18مهينن جي مهمان: عالمي اداري جي اڳڪٿي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) مجودهه حڪومت 18 مهيننن جي مهمان آهي، عمران خان قيد يا نظربند ئي رهندو، 8فيبروريءَ جي چونڊن ۾ باني پي ٽي آءِ جا حامي آزاد اميدوار اڪثريت ۾ ڪامياب ٿيا. عالمي اقتصادي ريٽنگ ايجنسي ”فِچ“ پنهنجي رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪندي ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ موجوده ن …

Read More »

پريا ڪماري بازياب نه ٿي؛ سنڌ حڪومت ۽ سکر پوليس جا واعدا، پاڻيءَ تي ڦوٽا

پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ19هين جولاءِ تي ڪلفٽن ٽَي تلوار وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻنداسين: لياقت جلباڻي ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر جا واعدا وفا نه ٿي، سنگرار مان ٽَي سال اڳ اغوا ڪيل نياڻي پرياڪماري بازيب نه …

Read More »

ملڪي سياست ۾ نئون ڀونچال، مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار قرار

ملڪي سياست ۾ نئون ڀونچال، مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار قرار اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ملڪي سياست ۾ ڀونچال، سپريم ڪورٽ،2023جي اليڪشن ۾ مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم ۽ اليڪشن ڪميشن جو …

Read More »

سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ جي ڪئنالن ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر   سنڌسماءَچار)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي پاڻي جي کوٽ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آبپاشي وزير ڄام خان شورو، سنڌ جي وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، آبپاشي سيڪريٽري ظريف ڪيريو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. …

Read More »

افغاني وڌيڪ هڪ سال پاڪستان ۾ ئي رهندا: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جي مُدي ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ، وفاقي ڪابينا پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ 150,000 کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن ڪارڊن جي تصديق جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا قانوني …

Read More »

سپريم ڪورٽ: سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ، سني اتحاد ڪائونسل پاران مخصوص سيٽن بابت اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، فيصلو جلد ٻڌائڻ جو امڪان، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بئنچ، سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي2023جي عام چونڊن بعد مخصوص …

Read More »

، نوٽيفڪيشن جاري وفاقي ڪابينا شهرين جون فون ڪالز ٽريس ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ هڪ اداري کي شهرين جون فون ڪالز، ميسيجز ٽريس/ رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، فون ڪالز ٽريس ڪندڙ آفيسرز 18هين گريڊ کان گهٽ جو نه هوندو. نوٽيفڪيشن جاري. وفاقي ڪابيناچوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا اهڙي منظوري سرڪيوليشن سمري ذريعي …

Read More »