ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) ڪراچي جي ڪاروباري حب صدر جي ريگل چوڪ ڀرسان پراڻي شاپنگ سينٽر کي ڪيميڪل هاري باهه ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثرن جو چوڻ آهي ته ڪوآپريٽو مارڪيٽ جي 500 دڪانن جي مارڪيٽ کي 10 منٽن اندر باهه وڪوڙي وڃي، اهڙي باهه عام باهه نٿي ٿي …
Read More »ناظم جوکيو ۽ فهميدا سيال قبيلائي جهيڙن ۾ قتل ٿيا: پ پ ايم پي اي امداد پتافي
ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي ٽنڊي الهيار مان چونڊيل ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير امداد پتافي، شهيد ناظم جوکيو جي قتل کي ذاتي دشمني ۽ قمبر جي خيرپور جوسو ۾ قتل ڪيل ناري فهميدا سيال جي قتل کي قبيلائي تڪرار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي …
Read More »سنڌصرف 38 سيڪڙو گئس پئدا ڪري ٿي: پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت
اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت، سنڌ صوبي پاران گئس جي ملڪي پيداوار جو مجموعي 72 سيڪڙو پيداوار جي انگن اکرن کي رد ڪري ڇڏيو، وفاقي سرڪار چيو آهي ته سنڌ جي گئس پيداوار جو ملڪي گئس جي مجموعي پيداوار جو حصو صرف 38 سيڪڙو آهي. …
Read More »خبردار، هوشيار ، تبديلي سرڪار جو اهم اعلان! سياري ۾ گئس رڳو ٽَي ويلا ملندي
اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت سياري جي مند ۾ گهريلو واهپيدارن کي گئس 24 ڪلاڪن ۾ صرف ٽَي ويلا گئس مهيا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ اجلاس ۾ گئس جي کوٽ بابت پيپلزپارٽي جي سينٽر شيري رحمان جي …
Read More »شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس، اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو عارضي ضمانت ڪرائي ورتي
اڳوڻي صدر آصف زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پ پ بلوچستان جي صوبائي صدر ڄام عبدالڪريم جوکيو کي رپوشي دوران پناهه ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي ڪوئيٽا (خاص نمائندو سنڌسماءَچار ) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي اهم جوابدار پيپلزپارٽي جي …
Read More »اي پي ايس سانحو ! وزيراعظم عمران خان پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ ۾ پيش
اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي ڪيس ۾ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت پاران طلب ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان شارٽ نوٽيس تي پهريون ڀيرو عدالت آڏو پيش ٿيو. عدالت ۾ پيشي دوران، عدالت جي طلبي تي ڪورٽ روم ۾ موجود وزيراعظم عمران …
Read More »ملڪ جو عوام پريشان ! وفاقي سرڪار افغانستان لاءِ امدادي فنڊ قائم ڪندي
اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ مهانگائي سبب اٽو، کنڊ ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون عوام جي پهچ مان نڪري وڃڻ باوجود وفاقي حڪومت افغان حڪومت جي مدد لاءِ امدادي فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي …
Read More »صحافين جي عالمي تنظيم به شهيد ناظم جوکيو ڪيس جي شفاف جو مطالبو ڪري ڇڏيو
پئرس / ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) سنڌ جي جهنگلي جيوت ۽ ماحوليات کي بچائڻ ۽ پنهنجي روايتن کي قائم رکڻ لاءِ جان جو نظرانو ڏئي شهادت ماڻيندڙ شهيد ناظم جوکيو جي وحشياڻي قتل تي عالمي سطح تي آواز بلند ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. صحافين ۽ اظهار جي آزادي لاءِ …
Read More »مڪاني چونڊن ۾ پ پ لاءِ پريشانين جي شروعات، 8 ڊي آءِ جيز بدلي
پوليس توڙي سيڪريٽري سطح جي ڪامورن جون صوبي بدر بدليون ٿيڻيون ته روٽيشن پاليسي تحت ئي هيون پر انهن کي مقرر وقت کان دير سان ڪرڻ جو به هڪ خاص مقصد آهي: سينئر ڪامورا هڪ ڏينهن سنڌ جي هڪ اهم وفاقي عهديدار / آفيسر سومر ڏينهن پنهنجو عهدو سنڀاليو ۽ …
Read More »سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر ڪراچي ۾ قتل
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءچار) ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر مارجي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، هٿياربندن ڪار سوار کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هن مزاحمت ڪئي، ڦورن فائرنگ ڪري ڪار سوار کي قتل ڪري ڀڄي ويا. …
Read More »